۽ ڪشڪول ڦاٽڻ لڳو

| تحرير: لال خان، ترجمو: تنوير حيدر |
ھن ملڪ جي حڪمرانن جي وڏين وڏين دعوائن، ميگا پراجيڪٽس جي افتتاحن، ميڊيا تي جعلي بحثن ۽ نان اِشوز جي ويڙھ کان ٿورڙو مٿي ٿي ڪري معيشت ۽ معاشرت جي زميني حقيقتن جو جائزو ورتو وڃي ته تناظر واضح ٿي وڃي ٿو ته ھن نظام منجهه هر ايندڙ ڏينھن خوفناڪ ھوندو۔ تاريخ گواه آھي ته جڏھن ڪنھن نظام جو زوال ايندو آھي ته بي حسي ۽ حقيقتن کان لاتعلقي حڪمرانن جي ڪردار، سوچ ۽ روين جو لازمي جز بڻجي ويندا آھن۔ ھو ڪنھن سچائيءَ کي منھن ڏين ٿا ۽ نه ئي ڏئي سگھن ٿا۔ اھڙين حالتن ۾ حڪمران طبقا ڪنھن بھتري ۽ ترقي جي ڪوشش ئي ڇڏي ڏيندا آھن۔ ھو سڀ ڪجھ ڏسندي به ڪجھ ڏسڻ جا انڪاري ٿي ويندا آھن۔
اڄ جھڙيءَ طرح ميگا پراجيڪٽس جي نالي تي عوام جو پئسو نجي تجورين ۾ ڀرجي رھيو آھي، صحت ۽ تعليم جي شعبن کي جنھن بيدرديءَ سان برباد ڪيو وڃي ٿو، دولت جنھن رفتار سان چند ھٿن ۾ گڏ ٿي رھي آھي، نجڪاريءَ جي ذريعي عوامي پئسي سان تعمير ٿيل وڏا ادارا جھڙيءَ طرح ٽڪن جي مُلھ سرمائيدارن جي حوالي ڪيا پيا وڃن ۽ اٽي، لٽي، اجھي کان محرومي جنھن حد تائين وڌي وئي آھي، اھڙي ماحول ۾ حاڪميت به وڏي عرصي تائين ھلي نٿي سگھي۔ ھر شعبو زوال جو شڪار ۽ رياست جو انتظامي ڍانچو مفلوج نظر اچي ٿو۔ ملڪ جي سڀ کان وڏي صنعتي ۽ ڪمرشل شھر ڪراچيءَ جي آبادي ٻه ڪروڙ کان مٿي ٿي چڪي آھي ۽ ھتي 20 ھزار ٽن ڪچرو ھرروز پيدا ٿئي ٿو، جنھن کي گھٽين مان کڻڻ ۽ ٺڪاڻي لڳائڻ جو ڪوبه انتظام نه آھي۔ ھر وڏي شھر ۾ نيڪال، ٽريفڪ، صفائي، ٽرانسپورٽ ۽ رستن جون حالتون اھڙيون ئي آھن۔
ishaq-dar-cartoonسرمائيدارن جي نمائنده ھن حڪومت هيٺ معيشت تيزيءَ سان ڏيوالي جي طرف وڃي رهي آھي۔ سامراجي ۽ رياستي پاليسي سازن وٽ ڪوبه نسخو باقي ناھي بچيو۔ پورھيت ۽ غريب عوام ته ھتي ھميشه کان محرومي جو شڪار رھيا آھن، پر ھاڻي حڪمرانن جي پنھنجي معيشت يعني ’’مائڪرو اڪانمي‘‘ جو بحران به وڏو ٿي رھيو آھي۔ مارڪسسٽ معيشت دانن جو تناظر ۽ تجزيو ته سچ ثابت ٿي رھيو آھي، پر حالتون جنھن مقام تي پھچي چڪيون آھن، ان ۾ بورجوا معيشت دان به جاڳي پيا آهن.
ملڪ جي دولت جو سڀ کان وڏو حصو ھڙپ ڪرڻ وارن سامراجي قرضن جو جائزو ورتو وڃي ته ھڪ ڀوائتي شروعات نظر اچي ٿي۔ سابق خزاني واري وزير ڊاڪٽر حفيظ پاشا ڪجهه ڏينهن پهرين ڏينھن اسلام آباد ۾ سيمينار سان خطاب ڪري رھيو ھو، هن ٻڌايو ته ’’2018-19ع تائين ملڪ جو اڳوڻو قرض موجودہ 65 ارب ڊالر کان وڌي ڪري 90 ارب ڊالر ٿي ويندو ۽ ھر سال حڪومت کي 20 ارب ڊالر سُود جي ادائيگي لاءِ رکڻا پوندا، ايندڙ ٽن سالن ۾ ھن 38 سيڪڙو جو اضافو ٿيندو۔‘‘ حفيظ پاشا وڌيڪ انڪشاف ڪيو آھي ته ڪرنٽ اڪاؤنٽ خسارو، جيڪو ھن وقت جي ڊي پي جو ھڪ سيڪڙو آھي، 2018ع تائين تيزيءَ سان وڌي ڪري جي ڊي پي جي 4 سيڪڙو تائين پھچي ويندو۔ واضح رھي ته ٻاھرين قرضي ۾ اضافي سان ھي انگ اکر آئي ايم ايف جي قرض کان 14 ارب ڊالر وڌيڪ آھن۔ ھن فرق جي بنيادي وجه ھيءَ آھي ته حڪومت ’’پاڪ چين اڪانومڪ ڪوريڊور‘‘ جي قرض، مجموعي رياستي قرضي ۾ شامل نه ڪري رھي آھي۔
ھن تناظر ۾ خزاني وارِي وزارت جي اڳوڻي سيڪريٽري فنانس عبدالواجد راڻا جو چوڻ آھي ته قرضن جي سطح جي آئيني حد بندي بي معني ٿي وئي آھي، وڌيڪ ھي ته ’’ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽس ۽ نيشنل اڪانمڪ ڪاؤنسل ۾ قرض جي معاملي تي ڪابه سنجيده بحث نه ٿي رھي آھي۔ ڊيٽ مئنيجمنٽ آفيس خودمختيار ناھي بلڪه خزاني واري وزارت جي ھيٺان ھلي رھيو آھي۔‘‘ اھڙيءَ طرح خزاني واري وزارت جي اڳوڻي صلاحڪار ثاقب شيرانيءَ وڌيڪ حقيقتون بي نقاب ڪندي ٻڌايو ته ’’حڪومت قرضن جي انگن اکرن ۾ ھير ڦير ڪري رھي آھي۔ رياستي قرض ۽ جي ڊي پي جي نسبت (Debt to GDP ratio) جا انگ اکر بلڪل بي معني ٿي چڪو آھي، ڇو ته ملڪ ۾ جي ڊي پي جو 65 سيڪڙو جي برابر موجودہ قرض ادا ڪرڻ جي صلاحيت به ناھي۔ قرضن ۽ حڪومتي آمدنيءَ جي وچ ۾ شرح وڌ ۾ وڌ 350 سيڪڙو ھئڻ گھرجي، ھن وقت 523 سيڪڙو ٿي چڪي آھي.‘‘ ڊاڪٽر حفيظ پاشا جي اندازي مطابق ھيءَ شرح 2018ع تائين 750 سيڪڙو کان به مٿي ٿي ويندي۔
صرف قرضن جي معاملي ۾ ئي نه بلڪه تجارتي خساري، مالياتي خساري، برآمدن ۽ صنعتي پيداوار سميت معيشت ۽ اقتصاديات جا سڀئي انگ اکر تباھ حالي جي عڪاسي ڪري رھيا آھن۔ جيڪڏهن ڪارو ناڻو (Black Economy) ڪڍي ڇڏجي ته معيشت راتو رات ڏيوالو ٿي ويندي۔ غير سرڪاري اداري PIDE جي 2008ع جي اندازن جي ھن ڪاري معيشت جو حصو سرڪاري انگن اکرن ۾ ايندڙ معيشت يا ’’ فارمل اڪانومي‘‘ جي 91 سيڪڙو جي برابر آھي، اڄ ھيءَ ڳالھ وڏي فخر سان چئي سگھجي ٿي ته 10 سيڪڙو سالانه جي شرح سان ڦھلجندڙ ڪاري معيشت جو حصو فارمل اڪانومي کان ڪيترو ئي وڏو ٿي چڪو آھي ۽ اھو ئي ڪارو ناڻو آهي جنھن پاڪستان جي سرمائيداريءَ کي زنده رکيو آھي۔ سرمائيداريءَ جي ان معيشت ۾ جتي غريب، غريب تر ٿيندا وڃن ٿا ۽ اتي اميرن جي دولت سنڀالي نه ٿي سنڀلجي۔ ھڪ ڳالھ طيءَ آھي ته ھن نظام ۾ رھندي تعليم، علاج، پاڻي ۽ بجلي جھڙين زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن جي سستي فراھمي ھاڻي ھميشه لاءِ ختم ٿي چڪي آھي۔ رياست انھن شعبن جي نجڪاري ڪري پاڻ کي آزاد ڪري رھي آھي، جڏھن ته نجي شعبي ۾ قيمتون ايتريون ته مٿي آھن جو آباديءَ جي اڪثريت جي سموري جمع پونجي به کُٽي پوي ٿي۔
ايڏي بيروزگاري مستقل شڪل اختيار ڪري، نوجوان نسل کي سماجي،اخلاقي ۽ نفسياتي طور تي برباد ڪري رھي آھي ۽ ڏوهه، منشيات، دھشت گرديءَ سميت سڀني سماج دشمن روين جي پاڙ آھي۔ تقريباً 20 لک نوجوان ھر سال محنت جي منڊيءَ ۾ داخل ٿي رھيا آھن ۽ ايتري وڏي پئماني تي روزگار پيدا ڪرڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 7 سيڪڙو معاشي ترقي گھربل آھي۔ ٻئي طرف پيداواري شعبا زوال پزير آھن، صنعت بند ٿي رھي آھي، برآمدون مسلسل لاٿ جو شڪار آھن، معيشت قرضن ھيٺ ڌٻيل آھي ۽ انگن اکرن جي سڄي ھير ڦير جي باوجود به جي ڊي پي گروٿ 3 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ڦري رھي آھي۔ بيروزگاريءَ ۾ اضافي جو اعتراف ڪجھ مھينا پھرين منصوبه بندي جي وفاقي وزير احسن اقبال پاڻ ڪيو۔ احسن اقبال جي مطابق آباديءَ ۾ اضافي سبب حقيقي ترقي اڌ يا ھڪ سيڪڙو آھي ۽ ’’ان سان غربت يا بيروزگاري ۾ گهٽتائي نٿي اچي سگھي۔‘‘
ishaq-daar-imf-loan-cartoonھر ايندڙ حڪمران ڪشڪول ٽوڙڻ جي نعري بازي ڪندو آھي پر پھرين کان وڏو ڪشڪول کڻي آئي ايم ايف ۽ ٻين سامراجي ادارن جي سامھون وڃي بيھندو آھي۔ ان ڪشڪول مان اصل مال ھي پاڻ ھڙپ ڪندا آھن، جڏھن ته وياج ۽ قرضن جي ادائيگيءَ جو بار عوام تي لاھي ڇڏيندا آھن۔ انھن قرضن جون سخت شرطون به ھتان جي پورھيتن کي ڀوڳڻيون پونديون آھن ۽ ڪشڪول ۾ رقم وجھڻ وارا انھن جو ئي رت ۽ پگھر نچوڙي ھتان کان اربين ڊالر ھر سال ڪڍندا آھن۔ اڄ ھي ڪشڪول ايڏو وڏو ٿي ويو آھي جو ڦاٽڻ تي آھي۔ سرمائيداراڻي معيشت جا به ڪي قاعدا قانون ھوندا آھن، قرضن جي ذريعي معيشت کي ھلائڻ جي به ڪا حد ھوندي آھي۔ جڏھن معيشت جا باب، حڪومتي آمدن ۽ قرضن جو تناسب ان حد تائين بگڙجي وڃي ته ڪشڪول ڦاٽي پوندا آھن۔
مسئلو آخري تجزيي ۾ نظام جو آھي۔ ھن رياست ۽ معيشت جي نظام ۾ تحريڪ انصاف يا ڪا به ’’سيڪيولر‘‘ يا مذھبي پارٽي اقتدار تي اچي، ان کان مختلف نه ٿي ڪري سگھي جيڪو اڄ ٿي رھيو آھي۔ سرمائيداري اڄ تاريخي طور تي ختم ٿي چڪي آھي۔ ترقي يافته ترين ملڪن ۾ زندگيءَ جو معيار هيٺ ڪِري رهيو آھي۔ پاڪستان جھڙي ٽيئن دنيا جي ملڪن جون معيشتون تباھيءَ جي جنھن اوٽ تي بيٺيون آھن، اُتان کان واپسي ممڪن ناھي۔ يا ته ھن نظام جو تسلسل معاشري کي بربريت جي کاھيءَ ۾ اُڇليندو، يا وري نجي ملڪيت، منڊيءَ ۽ منافعي جي ھن معيشت کي پاڙان پٽي سوشلسٽ سماج قائم ڪرڻو پوندو جنهن ۾ منافعو، استحصال، قرض ۽ وياج کان پاڪ اشتراڪي معيشت جو مقصد انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ھوندو.

TAGS: , , , , , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment