About

طبقاتي جدوجهد جيڪو عالمي مارڪسي رجحان جو پاڪستاني سيڪشن آهي، گذريل 31 سالن کان هيٺ ڏنل پروگرام جي لاءِ هڪ ناقابل مصالحت جدوجهد جو علم بلند ڪيو آهي ۽ سوشلسٽ انقلاب جي ويڙهه اڳيان وڌي رهي آهي……!

انقلابي آئين ساز اسيمبلي جو قيام
فوجي آمريت جو خاتمو، آئين ۾ سرمائيداراڻي نظام ۽ رياستي جبر ۽ استحصال کي جواز ڏيندڙ سڀني شقن جو خاتمو، پورهيتن جي حقيقي نمائندن تي مشتمل آئين ساز اسيمبلي جو قيام، جيڪا چونڊيل پنچائتن جي جمهوري ڪنٽرول تي ٻڌل اهڙي معاشري کي پيدا ڪري جنهن سان بنيادي حقن جو ملڻ يقيني بڻجي.

پورهيت
مهانگائي ۾ واڌ جي تناسب سان پورهيتن جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ هڪ تولو سون برابر ڪئي وڃي، سڀئي بنيادي سهولتون عوام کي مفت ڏنيون وڃن، ٺيڪيداري نظام ۽ چائيلڊ ليبر جو خاتمو.

صنعت ۽ معيشت
سڀني قومي ۽ سامراجي اثاثن کي ضبط ڪري مزدورن جي جمهوري ڪنٽرول ۾ ڏيڻ، نجڪاري ۽ ڊائون سائزنگ جو مڪمل خاتمو، سڀئي سامراجي قرض ۽ ملڪيتون ضبط ڪرڻ، سامراجي جبر جي خلاف جدوجهد کي طبقاتي بنيادن تي منظم ڪرڻ.

غريب هاري
سڀني جاگيرن کي هارين ۾ ورهائڻ، اجتماعي پوک کي وڌائڻ ۽ جديد ٽيڪنيڪل بينادن تي زرعي انقلاب.

نوجوان
روزگار جي ضمانت يا 7500/= رپيه بي روزگاري الائونس، طبقاتي تعليمي نظام جو خاتمو ۽ هر سطح تي مفت تعليم، شاگرد يونين جا فوري اليڪشن ڪرائڻ.

عورتون
سڀني رجعتي قانونن جو خاتمو، محنت ڪش عورتن کي سڀني شعبن ۾ برابر حق ۽ نمائندگي، حمل دوران پگهار سميت 6 مهينن جي موڪل، گهريلو ۽ صنعتي محنت ۾ فرق جو خاتمو.

مذهبي اقليتون
مذهبي اقليتن کي برابري جا حق، سماجي ۽ ثقافتي تعصب جو خاتمو ۽ رياست کي مذهب کان الڳ ڪرڻ.

قومي مسئلو
مظلوم قومن جي حق خود اراديت کي تسليم ڪرڻ ۽ قومي آزادي جي تحريڪن کي طبقاتي جدوجهد سان ملائيندي ننڍي کنڊ جي سوشلسٽ فيڊريشن جو قيام، جيڪا سڀني قومن ۽ ثقافتن جي حقن جي ضامن هوندي.

فوج
فوج ۾ ڪميشن سسٽم جو خاتمو، آفيسرن ۽ سپاهين جي پگهارن ۽ رعايتن ۾ هڪ جهڙائي، سڀئي آفيسرن سپاهين جي ڪاميٽين وسيلي چونڊ، ائٽمي ۽ روايتي هٿيارن جو خاتمو.

خارجا پاليسي
پرڏيهي پاليسيءَ کي طبقاتي بنيادن تي جوڙڻ، افغانستان سميت ٻين ملڪن ۾ مداخلت ۽ رجعتي ملن جي حمايت جو خاتمو، سامراجي دلالي ۽ قومي شائونسٽ طريقي جي پرڏيهي پاليسيءَ کي رد ڪرڻ، پورهيتن کي بين الاقوامي تحريڪ سان جوڙيندي عالمي سوشلزم جي جدوجهد تيز ڪرڻ.

سچي جذبن جو قسم آخري فتح پورهيت عوام جي ٿيندي، جنهن کي يقيني بڻائڻ ۽ جلد ماڻڻ لاءِ اچو اسان جو ساٿ ڏيو…!