بلوچستان: رياستي جبر جي خلاف انقلابي رجحان

[تحرير : نهال خان]
انسان ۽ انسان جو دماغ وڏن خوني حادثن ۽ واقعن کي وقت جي وسعتن ۾ ڇِڪي ڪري انهن واقعن جي ذهن تي حاوي ٿيندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ جو عمل هزارين سالن کان ڪندو پيو اچي. هي شايد انفرادي طور تي ڪارآمد ۽ فائديمند هجي پر معروضي طور تي حادثا ۽ واقعا ڪيترا به گهرا ڇو نه هجن، سماج، سماجي جوڙجڪ ۽ نظام جي بربادي ۽ تبديلي جي تقاضائن جي نشاندهي ۽ ان جي تبديلي جو ڪارڻ پڻ ثابت ٿيندا آهن. پوءِ انهن واقعن جو تسلسل هڪ معمول بڻجي ويندو آهي ۽ عام ذهن ان جا عادي ٿي ويندا آهن ۽ انهي ڪيفيت کي عام حالت سمجهڻ شروع ڪندا آهن. وڏا وڏا دانشور، سياسي اڳواڻ ۽ رهبر غلطين جا شڪار ٿيڻ ڪري ان غيرمعمولي حالتن کي سمجهڻ کان قاصر ٿي مايوسي ۽ مفاد پرستي جي اونهي کاهي ۾ وڃي ڪِرندا آهن ۽ تبديلي جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ جو سبب بڻجندي نظام ۽ ان ۾ موجود اذيتن ۽ عذابن جي واڌاري جو سبب بڻجندا آهن.

پاڪستاني رياست ۽ سماج پنهنجي هر پاسي کان انتشار ۽ وائڙائپ مان گذري رهيا آهن. حڪمران ۽ رياستي ادارا جن سان ماڻهن جون اميدون جڙيل هيون، وقت ۽ حالتن جي ڏکئي امتحان جي سامهون ناڪام ٿيا آهن ۽ انهن جو نقاب لهي چڪو آهي. جن شخصيتن جي ڦوڪڻي کي ميڊيا جي هوا ذريعي ڀريو ويو هو انهن جي ڦوڪڻي جي هوا زميني تپش جي ڪري تيزي سان نڪري رهي آهي. مصالحت پسندي، نظرياتي غدارين، خود غرضي ۽ دلاليءَ روايتي ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي فرق کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن به سياسي جماعت وٽ سماجي بهتري ۽ حالتن کي تبديل ڪرڻ جو ڪو به پروگرام موجود نه آهي. ايستائين جو ڪافي سياسي پارٽيون بهتري جي دعوى ڪرڻ کان به قاصر آهن. سڀ کان اهم ڳالهه هي آهي ته عوام ۽ وچئين طبقي جي وڌندڙ اڪثريت حڪمرانن ۽ حڪمران رياست جي حمايت ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. اهڙي حمايت کي برقرار رکڻ جي لاءِ حڪمران ڌڙا ۽ رياستي ادارا جنهن بيچيني سان قدم کڻن ٿا اهي رياست ۽ حڪمرانن جي ٽوڙ ڦوڙ ۾ واڌاري ۽ بحران جي وڌيڪ گِهري ٿيڻ جو موجب بڻجي رهيا آهن. عوام ۾ موجود غربت، مهانگائي، بيروزگاري، مفلسي، لاعلاجي ۽ ٻين اذيتن کان ڌيان هٽائڻ، تحريڪن ۽ هڙتالن کي پسپا ڪرڻ لاءِ سماج ۾ رجعتي ردِانقلابي حالتون پيدا ڪيون ويون آهن. خوف ۽ دهشتگردي جو زهر تبديل ٿيندڙ سماج جي فضا ۾ شامل ڪيو ويو آهي، معاشي تباهي، اقتصادي بربادي، رياست جي ٽٽڻ واري بحران سان گڏوگڏ قومي سوال به پنهنجي حل لاءِ تمام گهڻي شدت سان ڪر کنيو آهي. حڪمران هڪ طرف عوام کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي به مهيا نه ڪري سگهيا آهن ۽ سرمائيداراڻي نظام جتي صدين کان طئي ڪيل سفر کي پٺئين پيرين ٻيهر طئي ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ٻئي طرف حڪمرانن وٽ هن نظام کي هلائڻ لاءِ اها سگهه، توانائي ۽ صلاحيت ئي نه آهي، هاڻي اهو زمانو ئي گذري چڪو آهي جڏهن حڪمران ۽ سرمائيداري سماجي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هيا.

پاڪستان لينن جي لفظن ۾ جيڪي هن روس جي باري ۾ چيا هئا ته ”مظلوم قومن جو جيل خانو آهي“، محڪوم قومن جي حڪمران طبقي جي بدران پورهيت عوام جي زندگي وڌيڪ عذاب بڻجندي پئي وڃي. محرومي، بيگانگي ۽ ڪاوڙ جي انتها ٿي چڪي آهي، خاص طور تي بلوچستان جي ٻرندڙ صورتحال ۽ بربادي ڏکن جي ڪتاب ۾ هڪ نئين دردناڪ باب جو اضافو ڪري رهي آهي، عملي سياست لاءِ نوان سبق فراهم ٿي رهيا آهن، مارڪسسٽن پهرين ڏينهن کان حڪمران رياست جي خلاف بلوچستان جي قومي آزادي جي تحريڪ جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي ۽ ان سان گڏ تحريڪ جي زمان و مڪان ۽ ڪمزورين جي نشاندهي پڻ ذميداري سان نڀائي آهي، جنهن ۾ بلوچستان ۾ فوجي آپريشنز، چچريل لاشن ۽ رياستي جبر جي خلاف پوري ملڪ اندر مظاهرا، ريليون منظم ڪيون ۽ تحريڪ تي تجزياتي مقالا پڻ ملڪي ۽ بين القوامي سطح تي شايع ڪيا آهن.

بي ايس او جو انقلابي ڪردار
پاڪستان جي جنم وقت ئي بلوچ قومي آزادي جي تحريڪ جي نئين دور جي شروعات ٿي ۽ اڄ تائين آزادي جي خاطر ڪيتريون ئي تحريڪون هليون ۽ جنگيون وڙهيون ويون، انهن تمام تحريڪن ۾ پنهنجي تعداد، اثرن ۽ شدت جي لحاظ کان ٻه تحريڪون تمام شاندار ۽ عظيم رهيون آهن. ان ۾ 1970ع واري ڏهاڪي جي تحريڪ هئي جيڪا پنهنجي نظرياتي بنيادن ۽ سياسي تعلقن جي آڌار تي هڪ انقلابي رجحان رکڻ واري تحريڪ هئي، هن تحريڪ جي اثر هيٺ بلوچ اسٽوڊنٽ آرگنائزيشن (بي ايس او) نوجوانن جي هڪ انقلابي سڃاڻپ طور اڀري. نومبر 1967ع ۾ وجود ۾ آيل هي تنظيم سڄي خطي ۾ انقلابي شاگردن جي نظرياتي هر اول دستي جي حيثيت اختيار ڪئي جنهن جا ترانا ڪيترن ئي ملڪن جي ريڊيو اسٽيشنن تي ٻڌرايا ويندا هيا، ضياء آمريت جي دوران جڏهن بلوچستان کان وچ اوڀر جي رياستن بحرين، عمان ۽ ٻين ملڪن لاءِ جڏهن فوجي ڀرتون ٿي رهيون هيون ته ان جي خلاف پورهيت طبقي جي بين الاقواميت جي طور B.S.O ڀرپور مزاحمتي تحريڪ شروع ڪئي. B.S.O جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن انهن ملڪن ۾ فوجي ڀرتيون ڪرڻ، انهن ملڪن جي بادشاهتن جو تحفظ ڪرڻ، انهن ملڪن جي پورهيت طبقي تي جبر لاءِ بلوچ نوجوانن جي استعمال ۽ استحصال جي خلاف مهم هلائي. مظلوميت، محڪوميت ۽ پورهيتن جي بين القواميت جو هڪ زنده ۽ قابل تعريف عملي نمونو پيش ڪيو. پر ضياء آمريت ظلم سان گڏ سامراجي دلالي جو ثبوت ڏيندي فوجي ڀرتيون جاري رکيون ته هڪ موقعي تي مزاحمت جي عروج تي B.S.O جي چيئرمين حميد بلوچ ڀرتي جي هڪ مرڪز جي انچارج ڪرنل کي گولي هڻي ماري ڇڏيو, جنهن جي بدلي ۾ حميد بلوچ کي ڦاسي ڏني وئي ۽ شهيد حميد بلوچ حڪمران طبقي ۽ حڪمران رياست جي خلاف جدوجهد جي علامت ۽ نواجونن جي لاءِ سحرانگير هيرو جو مرتبو ماڻي امر ٿي ويو. شهيد مجيد بلوچ B.S.O جو هڪ ٻيو اهم انقلابي رهنما هو جنهن مظلومن، محڪومن، پورهيتن ۽ مزدورن کي انقلابي نظرين سان هٿياربند ڪري هڪ مثالي جدوجهد ڪئي. يوم مئي کان وٺـي پوري خطي جي اهم انقلابن سان جڙت ۽ يڪجهتي جي ڏينهن جون تقريبون منعقد ڪندو رهيو، شعور ۽ نظرين جو علم بلند رکيو ۽ اهڙن عملن جي ڪري گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. ائين شهيدن ۽ انقلابين جي هڪ ڊگهي فهرست موجود آهي. اذيتون تڪليفون ۽ ڏکن جو هڪ الڳ باب آهي پر جرئت، همٿ ۽ انقلابي جدوجهد جو هڪ قابل فخر سرمايو به وراثت ۾ نئين نسل ڏانهن منتقل ٿيو آهي.

تحريڪن کي ظلم، جبر ۽ قتل عام سان ختم نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي غدارين جي ذريعي ان کي عوام ۽ نوجوانن جي حافظي ۽ تاريخ مان مٽائي سگهجي ٿو. عوامي ۽ انقلابي تحريڪن کي اڪابر جتي ڇڏي ويندا آهن نئون نسل اهو علم انهن ئي ارمانن سان گڏ انهيءَ رت ۾ رڱيل جاءِ تان بلند ڪري اڳيان وڌندو آهي. سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ افغان ثور انقلاب جي رڪجڻ انقلابي نظرين کي پٺتي ڌڪيو، تحريڪ هڪ هنڌ بيهي رهي، مايوسي ڦهلجي وئي، غداريون ٿيون ۽ آهستي آهستي هڪ اونڌاهه ۽ خاموشي ڇائنجڻ لڳي. عمومي طور تي شاگرد تنظيمن ۾ ۽ خاص طور تي B.S.O ۾ ٽوڙ ڦوڙ جي عمل جنم ورتو، B.S.O جا ڪافي ڌڙا ٺهيا ۽ B.S.O جي بنيادن ۽ انقلابي نظرين ۽ ارتقا جي پوري تاريخ مان انوکن خيالن، نظرين ۽ ثقافت جنم ورتو.

موجوده تحريڪ
تاريخي طور تي قومي آزادي ۽ حڪمران رياست جي خلاف تحريڪن ۾ زمان و مڪان ۽ طريقي ڪار کي فيصلائتي اهميت حاصل هوندي آهي. درحقيقت طريقيڪار ۽ لائحه عمل به آخري تجزيي ۾ نظرين جي اثر هيٺ ئي جنم وٺندا آهن، ان ڪري نظريي جي فوقيت هر حال ۾ موجود رهندي آهي. پر ڪنهن مخصوص وقت ۾ ڪنهن غلط سياسي طريقيڪار جي استعمال ڪرڻ سان نه صرف ناڪامي جو خطرو هوندو آهي پر مايوسي ۽ بدگماني ڦهلجڻ جا به خدشا هوندا آهن. هڪ سواليه نشان هٿياربند تحريڪن بشمول بلوچ تحريڪ جي پاڪستان ۾ سڀني قومي آزادي جي تحريڪن جي ابتدا تي هميشه لڳل رهندو ته جڏهن به حڪمران رياست مختلف وقتن ۾ وڏين تحريڪن ۽ بحرانن جي اثر هيٺ ڪمزور ٿي ڪري وکرڻ لڳي تڏهن ڪجهه شخصيتن کي ڇڏي ڪري باقي سڀنين مصالحت پسندي جي پاليسي جي ذريعي ظالم حڪمران رياست کي سهارو ڏئي ڪري پيرن تي بيهاريو ۽ جڏهن رياست پنهنجي وکريل قوت ۽ توانائي کي گڏ ڪيو ته ان وقت مزاحمتي ۽ هٿياربند جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو ويو. 1947ع ۾ هندوستان جي ورهاڱي واري سامراجي عمل کانپوءِ نئين ڄاول رياست يا سامراجي مورچي کي ڀرپور پلجڻ جو موقعو ڏنو ويو پر حڪمران رياست کي ٺاهڻ ۽ مسلم ليگ جي دلاليءَ تي ٻڌل خيالن ۽ خوابن ۾ شرڪت مظلوم قومن جي حڪمران طبقي جي سنجيده جدوجهد جو مرڪز بڻجي وئي. سرمائيداراڻي جمهوريت جي همواري، معاشي خوشحالي، ترقي، اصلاحتون ۽ سماجي آزادي جهڙن کوکلن نعرن ۽ خوشگوار خوابن جي پويان ٿڪجي هارجي قومي آزادي جا روح روان بڻيا. مظلوم عوام ۽ نوجوانن جي حڪمران رياست ۽ رائج نظام سان نفرت کي پنهنجي من ۾ گڏ ڪري هڪ ٻي انتها جي طرف وڌيا. ان انتها کانپوءِ موقع پرستي جو رستو اختيار ڪيو. 1968-69ع جي انقلاب جڏهن رياست جي ٿنڀن کي ڪيرائي رياست جي طاقت کي گهٽين ۽ رستن تي وکيري ڇڏيو ته ان وقت انقلاب کي جتي پيپلز پارٽي جي اصلاح پسند قيادت زائل ڪيو ۽ سرمائيدار حڪمران رياست جي پيداواري ذريعن کي بيورو ڪريٽڪ ڪنٽرول ۾ ملڪيت جي شڪل ڏني، رجعتي قانون نافظ ڪيا ۽ انهن ئي محڪوم قومن جي حڪمرانن سان ملي ڪري مڪمل رجعتي بنيادن تي ٻڌل آئين ڏنو. I.S.I جي سياسي ونگ ٺهي. حڪمران رياست جي ٿنڀن جڏهن پنهنجون توانائيون ۽ طاقت بحال ڪئي ۽ پورهيت طبقي کي تقريبا خاموش ڪيو ويو ته اسان کي 70 واري ڏهاڪي جي وچ ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نيپ) جي قومي آزادي واري هٿياربند جدوجهد جي تحريڪ اڀرندي نظر آئي. نيشنل عوامي پارٽي (نيپ) جي هن هٿياربند تحريڪ جي هڪ حصي ضياء آمريت جي دور ۾ هٿياربند جدوجهد ترڪ ڪري نام نهاد قومي وهڪري ۾ شامل ٿيو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته تمام گهڻن نوجوانن ۽ سياسي انقلابي ڪارڪنن قيد جون اذيتون برداشت ڪيون، پنهنجين خواهشن جي پوراءَ مطابق پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪيو. رياستي دهشتگردي ۽ فوجي آپريشنن ڪيترائي ڳوٺ ۽ گهر برباد ڪري ڇڏيا، ملڪيتون نيلام ٿيون ۽ رياست کي پنهنجا خوني چنبا کوڙڻ جو جواز مليو. اهو ظلم ۽ بربادي، جبر، ڀٽو دؤر ۽ ضياء آمريت ٻنهي ۾ جاري ۽ ساري رهيو. ان سڄي عرصي ۾ B.S.O جي انقلابي سياسي جدوجهد تسلسل سان گڏ سنجيده ۽ سائنسي انداز ۾ جاري رهي جنهن جا تفصيل مٿي بيان ڪيا ويا آهن.

بلوچستان جي موجوده قومي آزادي جي تحريڪ جو اُڀار شدت سان ٿيو ۽ موجوده تحريڪ ماضي جي تحريڪن جي نسبت مختلف خاصيتن جي حامل آهي، هي تحريڪ ماضيءَ جي تحريڪن جي نسبت ڪنهن هڪ علائقي، قبيلي ۽ پارٽي جي سطح تائين محدود نه آهي پر افرادي قوت ۽ علائقي جي وسعت جي لحاظ سان سڀ کان وسيع ۽ وڌيڪ آبادي جي حصي کي پنهنجي اثر ۾ رکي ٿي، هي ڪنهن قبيلي، تنظيم يا پارٽي جي بجاءِ بلوچن جي تقريبا سڀني قبيلن ۽ علائقن تي ٻڌل تحريڪ آهي، جنهن کي نواجونن جي وڏي اڪثريت جي حمايت حاصل رهي آهي. هن تحريڪ جي قربانين ۽ نوجوانن جي شهادتن جي فهرست به ڊگهي آهي، اذيتن ۽ ڏکن جي داستان به بي نظير آهي پر تحريڪ ۾ شامل وڏو حصو ۽ عمومي حمايت بلوچ انقلابي نظرياتي روايت کان محروم به آهن. نوجوانن جي محرومي ۽ محڪومي مان اڀرڻ واري نفرت ۾ جذباتي پڻو وڌيڪ غالب رهيو آهي. مارڪسسٽن شروع کان ئي انفرادي دهشت گردي جي مخالفت تاريخي سبقن جي بنياد تي ڪئي هئي ۽ تاريخي طور تي اها ڳالهه سچ رهي آهي ته انفرادي دهشتگردي رياست کي وڌيڪ جبر ڪرڻ ۽ خونخوار رويو اختيار ڪرڻ جو جواز فراهم ڪري ٿي. حڪمرانن رياستي دهشتگردي جي ذريعي ظلم ۽ جبر ۽ وحشت جا پهاڙ ڪيرائي وِڌا، خانه جنگين ۽ قبائلي دشمنين جي ذريعي تحريڪ کي پسپا ڪرڻ جا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. فرقه پرستي جي باهه جي شعلن مان نڪرندڙ تبديلي جي فضا کي زهر آلود ڪيو پيو وڃي، هر اهو طريقو ۽ حربو اپنايو پيو وڃي جنهن سان تحريڪ ۽ تبديلي جي خواهش کي ڪچلي سگهجي.

ٻئي پاسي تحريڪ ۽ ان ۾ موجود نوجوانن جو وڏو حصو حالتن ۽ واقعن مان سبق سکندي انقلابي نظرين ڏانهن رجوع ڪري رهيو آهي. انهن جي نظرياتي ريڊيڪلائيزيشن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. مارڪسزم، ليننزم ۽ سوشلسٽ انقلاب جي روايت جنم وٺي رهي آهي. هن ريڊيڪلائيزشن جي اڀار کي گهٽائڻ ۽ نظرياتي ڌار جي تيزي کي گهٽائڻ لاءِ آمريڪي سامراج آمريڪي ڪانگريس ۾ بلوچستان واري تحريڪ جي حمايت ۾ قرار داد پيش ڪئي جنهن سان هو عارضي طور تي هڪ ڪنفيوين پيدا ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب رهيا پر سامراج جي حڪمران رياست سان گڏ رجعتي جابراڻي هٿڪنڊن ۽ آپريشن ۾ ڳٺجوڙ ۽ خاموشي ان کي جلد ئي بي نقاب ڪيو جنهن سان نوجوانن جي صفن ۾ سامراج دشمني ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. افغانستان ۾ آمريڪي سامراج کي نجات ڏياريندڙ ۽ رجعتي قوتن کي ڪچلڻ واري قوت قرار ڏيڻ وارا پشتون قومپرست هاڻوڪي سامراجي پاليسي تي لاجواب آهن جنهن ۾ آمريڪي سامراج طالبان اڳواڻن جي رِهائي سان گڏ اهو به واضح ڪيو آهي ته آمريڪا ڊيورنڊ لائن کي هڪ بين الاقوامي سرحد جي طور تي سمجهي ۽ تسليم ڪري ٿي.

آزادي ۽ انقلاب جون تحريڪون ڪي واقعا يا حادثا نه هوندا آهن جو اهي واقع ٿين ۽ ڳالهه ختم ٿي وڃي پر تحريڪون ۽ انقلاب هڪ زنده جاري ۽ ساري عمل جو نالو آهي. بلوچستان ۾ جاري تحريڪ ڪيترن ئي مرحلن مان گذري آهي. تاريخي طور تي به ڪيترائي سبق ۽ تجربا حاصل ڪيا آهن، جنهن سان تحريڪ ۾ سنجيدگي ۽ پختگي ۾ اضافو ٿيو آهي. B.S.O ۽ روايتي انقلابي رجحانن جو ٻيهر جنم ٿي رهيو آهي، تحريڪ نئون موڙ اختيار ڪري رهي آهي. عرب انقلاب به نوجوانن جي شعور ۽ عزم تي خوشگوار اثر ڇڏي رهيو آهي، غلطين ۽ خامين جا ڪڪر هٽي رهيا آهن. بلوچستان ۾ ايندڙ عام چونڊن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٺهندڙ حڪومت سان موقع پرستي ۽ ناقابل مصالحت طبقاتي جدوجهد جي وچ ۾ واضح لڪير چٽجڻ يقيني آهي. نئي صف بندي ٿيندي، نظرين ۽ مفادن جي جنگ اڀرندي.

پاڪستاني رياست، سرمائيداراڻي نظام ۽ ڳرندڙ سڙندڙ سماج ۾ حڪمرانن وٽ اها اهليت ئي نه آهي جنهن سان هو ڪو ننڍو مسئلو به حل ڪري سگهن پر اهي سڀئي تاريخي مسئلا جيڪي سرمائيداري کي گهڻو وقت اڳ حل ڪرڻا هئا پر حل نه ٿي سگهڻ جي نتيجي ۾ وڌيڪ پيچيده ۽ ڳنڀير ٿي ڪري سماج جي بنيادي تضادن جي حل کي يرغمال بڻايو ويٺا آهن پر خطي ۾ بدلجندڙ حالتون رجعتي دؤر جي خاتمي جو ڏيک ڏين ٿيون. ايران ۾ 2009ع جي چونڊن کان پوءِ برپا ٿيڻ واري انقلابي تحريڪ 2013ع جي چونڊن جي لاءِ تيار ٿي رهي آهي. افغانستان ۾ آمريڪي سامراج جي شڪست ۽ طالبان جي وڏي پئماني تي ختم ٿي ويندڙ حمايت کانپوءِ انقلابي قوتن جي ٺهڻ ۽ اڀرڻ جا امڪان ۽ تقاضا پيدا ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۾ هٿرادو طور تي رياست طرفان رجعتيت جو تسلط پنهنجي آخري حدن تائين ڦهلجي هاڻي سڪڙجي رهيو آهي. خطي ۾ موجود انقلابي قوتن جي پورهيت طبقي جي بين الاقواميت ۽ نظرياتي بنيادن تي جدوجهد ئي آزاد مستقبل جي ضمانت آهي. ايران، افغانستان ۽ پاڪستان جي بلوچ علائقن تي مشتمل بلوچستان صرف پورهيت طبقي جي بين الاقواميت ۽ مٿي ذڪر ڪيل ملڪن جي پورهيت عوام جي حمايت ذريعي ئي انقلابي نظرين جي تحت هڪ آزاد جهموري ۽ سوشلسٽ بلوچستان ٺهي سگهي ٿو جيڪو هن خطي جي رضاڪاراڻي سوشلسٽ فيڊريشن جو هڪ اهم حصو هوندو.

TAGS: , , , , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment