بالشويڪ انقلاب جي 95 هين سالگره جي موقعي تي ملڪ ۾ ٿيندڙ تقريبون

 هر سال جيان هن دفعي به بالشويڪ انلقلاب جي سالگره سڄي ملڪ ۾ انقلابي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. ان موقعي تي پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپئين ۽ بيروزگارنوجوان تحريڪ طرفان سيمينار ۽ جلسه منعقد ڪيا ويا جنهن ۾ پورهيتن ۽ نوجوانن جي وڏي تعداد شرڪت ڪري بالشويڪ انقلاب جي تاريخ ۽ اڄ جي عهد جي لاءِ هن عظيم تاريخي واقعي مان حاصل ٿيندڙ سبق جي حوالي سان گفتگو ۾ حصو ورتو.

ڊسڪا
رپورٽ : ناصر بٽ
9 نومبر تي پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپئين ۽ بيروزگار نوجوان تحريڪ طرفان بالشويڪ انقلاب جي 95 هين سالگره جي موقعي تي ”پاڪستان ۾ انقلاب ۽ اسان جون ذميداريون“ جي عنوان هيٺ ڊسڪا بار هال ۾ هڪ سيمنار منعقد ڪيو ويو جنهن جو مهمان خاص ڪامريڊ لال خان هيو. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ڪامريڊ عمرشاهد سرانجام ڏنا، هن پروگرام ۾ پيپلز ورڪرز ايڪشن ڪميٽي، پيپلز يوٿ بيورو ڊسڪا سٽي، پيپلز ليبر بيورو پنجاب، پاڪستان پراگريسو فورم ڪويت، پيپلزپارٽي، ڪوڪا ڪولا بيوريج ايمپلائز يونين، حبيب بينڪ لميٽڊ ليبر يونين، پيپلزاسٽوڊنٽ فيڊريشن، ڊسڪا لائيرز بار ايسوسيشن، سرجيڪل ۽ اسپورٽس فيڪٽرين جي مزدورن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جو آغاز ڪامريڊ انور ساحر جي انقلابي نظم سان ٿيو ان کانپوءِ ڪامريڊ لال خان ليڪچر ڏيندي چيو ته سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ نام نهاد کاٻي ڌر ۽ سرمائيداراڻي نظام جي دانشورن سوشلزم جي ناڪامي جو اعلان ڪري ڇڏيو پر ايندڙ حالتن ثابت ڪيو ته مارڪسزم ۽ سوشلزم اڄ به زنده آهي، مارڪس وادين سويت يونين جي ٽٽڻ جي پيشن گوئي ڪافي پهرين ئي ڪري ڇڏي هئي جنهن سبب اسان جي لاءِ اها پريشان ڪندڙ ڳالهه نه هئي. سويت يونين ۾ سوشلزم جي بجاءِ اسٽالن ازم ناڪام ٿيو هو. عرب انقلاب هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته عوام کي تبديلي جي تڙپ ۽ جدوجهد کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. پاڪستان ۾ سڀئي سياسي پارٽيون انقلاب جو نعرو لڳائي رهيون آهن پر انهن سڀني پارٽين جو معاشي پروگرام هڪ ئي آهي تنهن ڪري ڪنهن به نئين حڪومت جي اچڻ سان عوام جا معاشي ۽ سماجي مسئلا حل نه ٿي سگهندا، حقيقي ويڙهه صرف طبقاتي آهي جنهن کي لڪائڻ جي لاءِ حڪمران مختلف ناٽڪ ڪندا رهن ٿا. حبيب بينڪ لميٽڊ ليبر يونين جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پيپلز ليبر بيورو پنجاب جي نائب صدر منورعاصم ڀٽي خطاب ڪندي چيو ته ملازمن جي تحريڪ کي مالڪن مختلف حربا استعمال ڪندي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي پر ملازمن متحد ٿي ڪري جدوجهد جاري رکي، سپريم ڪورٽ ملازمن جي خلاف فيصلو ڏنو جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته عدليه به سرمائيدارن جي مفادن جي ئي حفاظت ڪندي آهي. آخر ۾ ڪامريڊ لال خان سوالن جو جواب ڏيندي پروگرام جو اختتام ڪيو.

 ڪراچي
رپورٽ : آنند ڪمار
7 نومبر تي بالشويڪ انقلاب جي 95هين سالگره جي موقعي تي P.T.U.D.C پاران سائيٽ ايريا غني چورنگي انم سينٽر ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، روڊن تي باهين، ٽرانسپورٽ بند هجڻ ۽ شهر ۾ خوف ۽ حراس جي باوجود به پورهيتن ۽ انقلابي ڪارڪنن وڏي تعداد جن ۾ پاڪستان اسٽيل مل، ڪوڪا ڪولا، شو ميڪر ورڪرز ۽ P.T.U.D.C, BNT, YFIS جي ڪارڪنن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. خطاب ۾ ساٿين عظيم بالشويڪ انقلاب ۽ موجوده عالمي تناظر ۽ پورهيت تحريڪ تي خيالن جو اظهار ڪيو. خطاب ڪندي YFIS جي ڪامريڊ فارس، ڪوڪا ڪولا کان ڪامريڊ سيد اختر، شو ميڪرز پاران رتن ڪمار، P.T.U.D.C جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري پارس جان، P.T.U.D.C جي مرڪزي چيئرمين رياض لنڊ چيو ته عظيم بالشويڪ انقلاب انساني تاريخ ۾ منفرد ۽ اهم آهي، ڇو ته ان انقلاب جي وسيلي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پورهيت طبقي پنهنجي لاءِ سياسي اقتدار حاصل ڪيو، پاڪستان ۾ به انقلاب لاءِ حالتون تيار ٿي رهيون آهن، سرمائيدارن ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، خطاب ۾ بلديه ٽاون جي حادثي جي ذميوارن خلاف فوري طور ڪارروائي جو مطالبو پڻ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جو حڪمران طبقو هڪ طرف چئي ٿو ته سوشلزم جو خاتمو ٿي ويو آهي ۽ ٻئي پاسي ساڄي ڌر جا سياستدان انقلاب کان خوفزده ٿي خوني انقلاب جي واويلا ڪري رهيا آهن، انهن چيو ته روس جو انقلاب ڪنهن هڪ ملڪ جو واقعو نه هيو پر ان جا انتهائي وڏا بين الاقوامي طور تي اثر پيا، نه صرف روس ۾ جاگيرداري ۽ سرمائيداري جو خاتمو ٿيو پر سامراجي غلبي کي پڻ ختم ڪيو، هن انقلاب سوويت يونين جي سرحدن کان ٻاهر نڪري ٻين ملڪن ۽ خطن اندر انقلابي تحريڪن کي جنم ڏنو.
1917ع اندر ننڍي کنڊ ۾ کاٻي ڌر جي انقلابي ڪارڪنن تائين روس جي انقلاب جي خبر پهچڻ ۾ 2 هفتا لڳا هئا پر هاڻي اسين ٽي وي تي دنيا اندر انقلابن ۽ تحريڪن کي سنئو سڌو ڏسي رهيا آهيون. پنج کنڊن اندر 900 کان وڌيڪ شهرن ۾ وال اسٽريٽ تي قبضي واري تحريڪ جي حمايت ۾ وڏا مظاهرا ٿيا، هي اها عالمگيريت آهي جنهن جي بنياد تي مارڪس ۽ اينگلز پهرين انٽرنيشنل جو بنياد رکيو، آخر ۾ PTUDC پاران تمام ساٿين کي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.

 حيدرآباد
رپورٽ: ڪامريڊ اويناش
پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپئين ۽ بيروزگار نوجوان تحريڪ طرفان روس جي عظيم بالشويڪ انقلاب جي 95 هين سالگره جي موقعي تي حيدرآباد ۾ هڪ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ پوري شهر جي مختلف علائقن مان مزدورن، شاگردن ۽ بيروزگار نوجوانن شرڪت ڪئي. ليڪچر شروع ٿيڻ کان اڳ عظيم بالشويڪ انقلاب کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ انقلاب جي سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. پروگرام ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ڪامريڊ ونود ادا ڪيا. ڪامريڊ نثار چانڊيي ”بالشوازم ڇا آهي“ جي عنوان تي ليڪچر ڏيندي بالشويڪ انقلاب جي سڀني پاسن کي اُجاگر ڪيو ۽ انقلاب دؤران پيش ايندڙ اهم واقعن تي بالشويڪ پارٽي جي اهميت بيان ڪئي. ڪامريڊ نثار چيو ته بورزوا ميڊيا ۽ ان جا دلال دانشور خوفزده آهن ۽ ان ئي خوف سبب هو ان انقلاب جو نالو وٺڻ کان به ڪيٻائيندا آهن. اڄ اسان کي بالشوازم جي تاريخ مان ئي سکي ڪري انقلابي پارٽي جي تعمير کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته آخري تجزيي ۾ اسان کي هن خطي ۾ انقلاب ڪرڻ لاءِ انقلابي پارٽي جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ڪامريڊ نثار جي هن شاندار ليڪچر کان پوءِ سوالن ۽ ڪنٽريبيوشنز جو سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن ۾ ڪامريڊ راهول، حاجي شاه، افضل مصراني، جئي پرڪاش، ايسرداس ۽ ڪامريڊ نٿو ڪنٽريبيوشن ڪيا. ان کان پوءِ ڪامريڊ نثار آيل سوالن جا جواب ڏيندي ليڪچر جو سم اپ ڪيو ۽ آخر ۾ انٽرنيشنل ڳائي ليڪچر پروگرام جو اختتام ڪيو.

 ملتان
رپورٽ : PTUDC ملتان
بالشويڪ انقلاب جي 95 هين سالگره جي موقعي تي  PTUDC طرفان 12 نومبر تي طبقاتي جدوجهد جي آفيس ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ 45 کان وڌيڪ شاگردن ۽ پورهيتن شرڪتن ڪئي. هن پروگرام جي چيئر ڪامريڊ اسلم انصاري ڪئي ۽ ليڊ آف ڏيندي ڪامريڊ ذيشان چيو ته انقلاب تاريخ جا انجڻ هوندا آهن، جڏهن هڪ نظام سماج کي ڪجهه ڏيڻ ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ کان قاصر ٿي وڃي ٿو ته ان حالت ۾ انقلاب اڻٽر ٿي پوندو آهي ۽ تاريخ کي اڳتي وڌائيندو آهي. 1917ع جو بالشويڪ انقلاب به اهڙي ڪيفيت ۾ ٿيو جنهن جو آغاز 8 مارچ تي  پورهيت عورتن جي مظاهري سان ٿيو. هن انقلاب جي قيادت هڪ مارڪسسٽ ۽ ليننسٽ پارٽي ڪئي. ان کانپوءِ ڪامريڊ نديم پاشا، ڪامريڊ انعم، ڪامريڊ عاصم خان، محمود (ڪوڪا ڪولا) رانا علي، (PSF) ۽ ڪامريڊ ماه بلوس پن خطاب ڪيو. آخر ۾ PTUDC ۽ ڪوڪا ڪولا جي پورهيتن طرفان IRA 2012 جي خلاف قرارداد پيش ڪئي وئي جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪئي وئي.

 فيصل آباد
رپورٽ : رضوان اختر
موجوده حالتن ۾ بالشويڪ انقلاب جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ فيصل آباد ۾ 10 نومبر تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ پورهيتن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ڪامريڊ رضوان ادا ڪيا، پروگرام جو آغاز ڪامريڊ اقصى ۽ ڪامريڊ صفدر انقلابي نظم پڙهي ڪيو. ڪامريڊ عصمت خطاب ڪندي بالشويڪ انقلاب جي اهميت بيان ڪئي ۽ پاڪستان جي موجوده حالتن ۾ سوشلسٽ انقلاب کي واحد حل قرار ڏنو. ان کانپوءِ ڪامريڊ عثمان، آل پاڪستان منارٽيز الائنس (APMA) جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر وليم روز، ڪامريڊ عبدالرحمٰن، APMA جي يوٿ ڪوآرڊينيٽر هنوڪ هدايت، پاور لومز کان ڪامريڊ صفدر ۽ ڪامريڊ شگفته ناز پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان کانپوءِ ڪامريڊ ارتقاء پروگرام جو سم اپ ڪيو. آخر ۾ انٽرنيشنل ڳائي پروگرام جي پڄاڻي ڪئي وئي.

 دادو
رپورٽ: ڪامريڊ ضياء
7 نومبر تي دادو ۾ B.N.T طرفان 1917ع جي بالشويڪ انقلاب جي سالگره ملهائي وئي جنهن ۾ چاليهه کان وڌيڪ نوجوانن شرڪت ڪئي، پروگرام جي صدارت ڪامريڊ راشد زنئور ڪئي. بالشويڪ انقلاب جي حاصلاتن ۽ اڄ جي عهد ۾ هن انقلاب جي اهميت تي ڪامريڊ خالد جمالي تفصيل سان ڳالهايو. ان چيو ته سوشلسٽ انقلاب ئي سڀني عذابن کان نجات جو واحد حل آهي. ڪامريڊ ساقي جتوئي ۽ ڪامريڊ اعجاز ٻگهيو ڪنٽري بيوشن ڪيا ۽ ڪامريڊ انور پنهور پروگرام جو سم اپ ڪيو. آخر ۾ انٽرنيشنل سان پروگرام پڄاڻي تي پهتو.

  گلاب لغاري
رپورٽ : ڪريم لغاري
عظيم بالشويڪ انقلاب جي 95هين سالگره جي موقعي تي 9 نومبر جمعي جي ڏينهن گلاب لغاري ۾ P.T.U.D.C طرفان هڪ سيمينار رکيو ويو جنهن ۾ پوري شهر جي نوجوانن، هارين ۽ مزدورن شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ڪامريڊ امين فقير ادا ڪيا جڏهن ته خطاب ڪندي ڪامريڊ ڪريم لغاري، ڪامريڊ مقبول ۽ ڪامريڊ ونود ڪمار چيو ته اڄ اسان ان عظيم انقلاب جي سالگره کي ملهائي رهيا آهيون جنهن انساني تاريخ ۾ پهريو ڀيرو مزدور راڄ قائم ڪيو ۽ زار جي وحشت ناڪ حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. اڄ پاڪستان جي صورتحال ۾ اهڙي ئي هڪ سوشلسٽ انقلاب جي ضرورت آهي جنهن سان پورهيت طبقي جي سڀني مسئلن جو حل ممڪن ٿي سگهي، ان لاءِ مزدورن، هارين، شاگردن ۽ نوجوانن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته انقلابي پارٽي جي تعمير ۽ طبقاتي جدوجهد کي تيز ڪندي هڪ سوشلسٽ انقلاب برپا ڪن.

 جوهي
رپورٽ: عنايت کوسو
7  نومبر تي جوهي ۾ عظيم بالشويڪ انقلاب جي 95هين سالگره جي موقعي تي انقلابي جذبن سان هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، ڪامريڊ سائين بخش رند بالشويڪ انقلاب تي تفصيلي ليڪچر ڏنو، ڪامريڊ خادم کوسو تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ادا ڪيا ۽ بحث ۾ ڪامريڊ شبير رستماڻي، ڪامريڊ عزيز الله سومرو، ڪامريڊ امين لغاري، ڪامريڊ انور سيال، ڪامريڊ انور ٻٻر، ڪامريڊ عنايت کوسو ۽ عزيز رودناڻي حصو ورتو. پروگرام جو اختتامي خطاب ڪامريڊ رزاق رند ڪيو ۽ آخر ۾ انٽر نيشنل ڳائي انقلابي نعرن سان پروگرام جي پڄاڻي ٿي.

 ميرپور خاص
7 نومبر تي پريس ڪلب ميرپورخاص ۾ بالشويڪ انقلاب کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيمينار منعقد ڪيو، جنهن ۾ پورهيتن، سماجي ڪارڪنن، پيرا ميڊيڪل يونين جي نمائندن، اديبن، نوجوانن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ڪامريڊ رميش ادا ڪيا، ”بالشويڪ انقلاب جي تاريخ ۽ اڄ جون حالتون“ جي عنوان تي خطاب ڪندي ڪامريڊ راهول بالشويڪ انقلاب جي تاريخ تي تفصيل سان ڳالهه ڪندي دنيا سميت پاڪستان جي موجوده حالتن تي پڻ روشني وڌي جنهن کان پوءِ حميد چنا، شاهنواز، P.T.U.D.C جي ڪامريڊ نثار چانڊيو، ڪامريڊ پرشوتم، ڊاڪٽر خالد حسين، سندر چنا، ڪامريڊ نصرت مياڻو ۽ ڪامريڊ نٿو مل ۽ انقلابي شاعر تاج بلوچ خطاب ڪندي بالشويڪ انقلاب جي فتح جو سائنسي بنيادن تي تجزيو ڪيو ۽ انقلابين تي آيل ذميدارين جي نشاندهي ڪئي. انهن چيو ته هي انقلاب انساني تاريخ جو عظيم ترين واقعو آهي، ان مان اڄ جي دور لاءِ سبق حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته سڄي دنيا جون حالتون انقلاب لاءِ پچي راس ٿي چڪيون آهن ۽ هر ملڪ ۾ اٿندڙ تحريڪ انقلابي قيادت کان محرومي جو شڪار آهي، اسان کي اڄ هن نظام خلاف متحد ٿي جدوجهد ذريعي پنهنجا حق کسڻا پوندا. ننڍي کنڊ جي راضاڪاراڻي سوشلسٽ فيڊريشن جو قيام ئي هن خطي جو حقيقي حل آهي جتي هڪ حقيقي انساني معاشرو قائم ڪري سگهجي ٿو. ان کان پوءِ سڀني ساٿين پورهيتن جو عالمي گيت ”انٽرنيشنل“ ڳائي پروگرام جي پڄاڻي ڪئي.

 مالا ڪنڊ
رپورٽ : ڪامريڊ عمران
بالشويڪ انقلاب جي 95 هين سالگره جي موقعي تي طاهر پلازه بٽ خيله مالاڪنڊ ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض انقلابي شاعر ناصر امين سر انجام ڏنا ۽ ليڊ آف ڏيندي ڪامريڊ غفران احد چيو ته روس ۾ مزدور رياست جو قيام هڪ عالمي انقلاب جو آغاز هو جيڪو روس جي پورهيتن اقتدار تي قبضو ڪري ڪيو، هي پيرس ڪميون کانپوءِ هڪ ٻيو مزدور انقلاب هو. پاڪستان ۾ سوشلزم جي ڳالهه ذوالفقار علي ڀُٽي ڪئي جيڪا پيپلز پارٽي جي بنيادي دستاويز ۾ لکيل آهي، ڪامريڊ چيو ته اسان وٽ سماج کي بدلائڻ جو واحد رستو سوشلزم آهي ۽ ان کانسواءِ ذلتن کان نجات ڏيارڻ وارو ڪو به نه آهي. ان کانپوءِ هن تقريب جي مهمان خاص ڊاڪٽر فريد الله ۽ اڪبر سيال خطاب ڪندي افغانستان ۽ پاڪستان ۾ پشتونن جي معاشي، سماجي ۽ قومي مسئلن تي حقِ خود اراديت تي ڳالهايو ۽ سرمائيداراڻي نظام جي تضادن تي پڻ ڳالهه رکي.

TAGS: , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Reply