قاتل سرمائيداري ۽ نوجوان نسل..!

[تحرير : ونود ڪمار]
ٽراٽسڪي چيو هو ته ”نوجوان، وڻ جي پنن جيان هوندا آهن جيڪي ڪنهن طوفان جي اچڻ کان اڳ متحرڪ ٿيندا آهن“. دنيا جي مختلف تحريڪن ۽ انقلابن جو جائزو وٺڻ سان خبر پوي ٿي ته ها! اهي نوجوان ئي آهن جيڪي تحريڪن ۽ انقلابن ۾ هميشه اڳڀرا هوندا آهن. ڇو ته نوجوانن ۾ ڪجهه ڪرڻ جي توانائي، جستجو ۽ مستقبل بهتر بنائڻ جي خواهش هوندي آهي جيڪا انهن ۾ هڪ جذبي کي بيدار ڪري ٿي جنهن سان هو هر انتها تائين وڃڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. سماجي شعور مختلف مرحلن مان گذرندو رهي ٿو جنهن جا اثرات نوجوانن ۾ سڀ کان واضح نظر اچن ٿا.4
اڄ نوجوانن جي سڀ کان وڏن مسئلن ۾ مهانگي تعليم ۽ بيروزگاري آهي. سرمائيداري پنهنجي آغاز ۾ هڪ ترقي پسند ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن ۾ تعليم، روزگار، صحت ۽ ٻيون ضرورتون ۽ سهولتون اڪثريتي عوام کي ملڻ شروع ٿيون جيڪي ان کان اڳ جي نظامن ۾ نه ملنديون هيون ۽ اهي سڀ ڪجهه انساني ڀلائي لاءِ مهيا نه ڪيون ويون هيون پر ان جو به هڪ مقصد هو ته سرمائيدارن کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت هئي جيڪي سندن فيڪٽريون، ڪارخانا ۽ ادارا هلائين ۽ هو انهن جي محنت جو استحصال ڪري سگهن ته جيئن وڌ کان وڌ منافعو ڪمائي سگهجي.
هن نظام ٻين ڪاروبارن وانگر هاڻي تعليم کي به ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي جيڪو هڪ وڏو منافعو ڏيندڙ ڪاروبار آهي ڇو ته هن نظام جو مقصد صرف منافعو حاصل ڪرڻ هوندو آهي تنهنڪري مهانگي تعليم وڪڻي وڏو منافعو ڪمايو پيو وڃي. نجي تعليمي ادارا تڏهن ئي واڌ ويجهه ڪري سگهن ٿا جڏهن سرڪاري تعليمي ادارن کي تباهه ۽ برباد ڪيو وڃي، پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سرڪاري تعليمي ادارن جي صورتحال ان جو چٽو مثال آهن. جيڪي تعليمي ادارا سرڪاري آهن انهن جي معيار کي بهتر ڪرڻ بجاءِ انهن ادارن جي نجڪاري جون راهون هموار ڪيون پيون وڃن. طبقاتي تعليمي نظام تحت غريب طبقي جي نوجوانن جي اڪثريت ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي گيٽ اندر داخل نه ٿي سگهندي آهي ڇو ته انهن سرڪاري اسڪولن مان تعليم حاصل ڪئي هوندي آهي جن جو معيار هٿرادو طور تي حڪمران طبقي پاران ڪيرايو ويو آهي، پاڪستان اندر ان جو آغاز سڀ کان پهرين ضياءالحق ڪيو هو، جنهن ذوالفقار علي ڀٽي پاران ڪيل تعليم جي نيشنلائزيشن جو خاتمو ڪري نجي تعليمي ادارن جو ٻج ڇٽيو ۽ سرڪاري تعليمي ادارن ۾ بيوروڪريٽن جون اڏوهيون ڇڏيون، جنهن کان پوءِ هر ايندڙ حڪومت ان کي هٿي ڏيندي رهي آهي.
2پاڪستان اندر تعليمي حوالي سان يونيسڪو جي هڪ رپوٽ مطابق صرف 3 سيڪڙو نوجوان ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين پهچن ٿا جنهن مان صرف هڪ سيڪڙو نوجوان گريجيوئيشن مڪمل ڪري سگهن ٿا. انهن نوجوان کي اها اميد هوندي آهي ته گريجيوئيشن بعد ڪو چڱو روزگار ملي ويندو ۽ مستقبل بهتر ٿي ويندو پر سرمائيداري کي اهڙيون اميدون هاڻي پسند نه آهن ان ڪري سرمائيداري اهڙين اميدن تي جلد ئي پاڻي ڦيري ٿي ڇڏي. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان نڪرندي ئي بيروزگاري جو عذاب انهن نوجوانن جو استقبال ڪندو آهي ۽ اهو سرمائيداري جي موجوده ڪيفيت ۾ اڻٽر آهي. بيروزگارن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. آمريڪي رسالي دي ايٽلانٽڪ جي هڪ تجزيي مطابق “2010ع ۾ دنيا جي صرف ڏهن ملڪن (چين ۾ 306,664,076 بيروزگار، انڊيا ۾ 355,747,353 بيروزگار، آمريڪا ۾ 100,753,706 بيروزگار، انڊونيشيا ۾ 67,382,896 بيروزگار، برازيل ۾ 53,432,350 بيروزگار، پاڪستان ۾ 53,908,926 بيروزگار، بنگلاديش ۾ 34,502,612 بيروزگار، نائيجيريا ۾ 42,040,299 بيروزگار، روس ۾ 51,483,633 بيروزگار، جاپان ۾ 50,294,189 بيروزگار) ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ بيروزگارن جي تعداد هئي”. پاڪستان جهڙن پسمانده ملڪن جي نوجوانن کي اڪثر يورپ ۽ آمريڪا جا خواب ڏيکاريا ويندا آهن پر هاڻي يورپ ۽ آمريڪا جي صورتحال سڀني آڏو آهي ۽ عالمي معاشي بحران کانپوءِ بيروزگاري تاريخ جي بلند ترين سطح تي اچي پهتي آهي. مجموعِي يورپ ۾ بيروزگاري جي شرح جيڪا 2012ع ۾ 9.7 سيڪڙو هئي اها جنوري 2015ع ۾ 11.4 سيڪڙو ٿي وئي آهي. آمريڪا ۾ 53 سيڪڙو (15 لک) گريجيوئيٽ بيروزگار آهن يا وري اهليت کان گهٽ ملازمت ڪرڻ تي مجبور آهن. آرگنائيزيشن فار اڪنامڪ ڪو آپريشن اينڊ ڊولپمينٽ (OECD) مطابق آمريڪا ۾ 15 کان 24 سالن جي نوجوانن ۾ بيروزگاري جي شرح 2005ع ۾ 11.3 سيڪڙو هئي جيڪا 2012ع ۾ 16.2 سيڪڙو تائين وڌي وئي.
اهي سڀ انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته هي نظام اڪثريتي عوام جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کان هاڻي قاصر ٿي چڪو آهي جنهن سبب نوجوانن ۾ وڏي بيچيني نظر اچي ٿي ۽ هو ان جو اظهار مختلف صورتن ۾ ڪن ٿا، جنهن جي سڀ کان وڏي مثال بيگانگي آهي. اها بيگانگي ئي آهي جنهن جي ڪري اڄ نوجوان پنهنجي سماجي ڪردار کان لاتعلقي ڏيکارين ٿا ۽ سماج جي غلاظتن ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا. مايوسي، ڏوهه، منشيات وغيره اسان جي سامهون ان جون وڏيون علامتون آهن. ان کان علاوه نوجوان سماجي ڌٻاءُ سبب نفسياتي مرضن ۾ پڻ مبتلا ٿي وڃن ٿا يا خودڪشي ڪري ڇڏين ٿا. پنهنجي تعليمي دؤر ۾ جيڪي خواب هر نوجوان ڏسي رهيو هوندو آهي هو تعليم پوري ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي ضد ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ نوجوان بيروزگاري جي اذيت ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي زندگي جون خواهشون پوريون نه ٿيڻ سبب هر روز پل پل مرن ٿا پر جيڪي ان ڪيفيت جي انتهائن تي پهچي وڃن ٿا انهن کي سواءِ خودڪشي جي ڪو ٻيو رستو نظر نٿو اچي. گذريل عرصي ۾ WHO خودڪشين بابت پنهنجي هڪ رپورٽ شايع ڪئي جنهن مطابق دنيا جي 90 ملڪن ۾”هر سال لڳ ڀڳ 10 لک ماڻهو خوڪشي ڪن ٿا يعني هر 40 سيڪنڊن ۾ هڪ ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو ۽ 15 کان 29 سالن جي نوجوانن ۾ موت جو ٻيو نمبر وڏو سبب خودڪشي آهي“ اها ئي رپورٽ اڳتي ٻڌائي ٿي ته ”گذريل 45 سالن اندر خودڪشين ۾ 60 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ هڪ اندازي موجب 2020ع تائين خودڪشين جو تعداد 15 لکن تائين وڌي ويندو“. اهڙي ريت دي لينسيٽ سائيڪيٽري (The Lancet Psychiatry) پاران پڌري ڪيل ريسرچ جيڪا صرف 63 ملڪن تي مشتمل آهي ۽ 2000ع کان 2011ع تائين جا انگ اکر رکي ٿي مطابق ”هر پنجن خودڪشين مان هڪ جو سبب بيروزگاري آهي ۽ هر سال 45 هزار بيروزگار خودڪشيون ڪن ٿا. صرف 2008ع جي عالمي مالياتي بحران سبب هر سال 5000 بيروزگارن جي خودڪشين جو اضافو ٿيو آهي. حڪمران طبقي جي وڏي ۾ وڏي ڪوشش به اها ئي آهي ته نوجوان پنهنجي تاريخي ڪردار کي وساري پنهنجي زندگي کسڻ کي ئي آخري رستو سمجهن پر جنهن دؤر ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي انهي دؤر ۾ نوجوانن جون ننڊيون وڏيون بغاوتون پڻ ان نظام خلاف اٿندي نظر اچن ٿيون، برطانيه ۽ چِلي ۾ شاگردن جي تحريڪ، آمريڪا ۾ آڪيوپائي وال اسٽريٽ واري تحريڪ کان ويندي تيونس جي بغاوت ۽ مصر جي تحرير اسڪوائر ۽ مرسي خلاف بغاوت ان جا مثال آهن.
اهڙين تحريڪن جا اثر مجموعي نوجوانن جي پرت تي پوندا رهن ٿا ۽ نوجوانن جي اڪثريت تلخ حقيقتن کي سمجهندي شعور جي مختلف ڪيفيتن مان گذرندي رهي ٿي. نوجوانن جي پرت شاگردن، بيروزگارن ۽ روزگار سان لاڳاپيل نوجوانن تي مشتمل هوندي آهي جن ۾ نوجوانن جي سڀ کان منظم صورت شاگرد هوندا آهن. انهي ڪري تاريخ ۾ شاگردن جو ڪردار نمايان رهيو آهي، درسگاهه جي اندر اهي دنيا کي نچائي سگهڻ جي صلاحيت رکندا آهن ۽ انهن دنيا کي نچائي ڏيکاريو آهي. 1968-69ع واري انقلاب ۾ پاڪستان اندر شاگردن جي تحريڪ ايوب آمريت خلاف آغاز هو جنهن سماج جي هر پرت کي متحرڪ ڪري ڇڏيو، هارين زمينن تي قبضا ڪيا، هاري ڪورٽون ٺهيون، وڏيرن ۽ جاگيردارن کي سزائون ڏنيون ويون، مزدورن فيڪٽرين تي قبضا ڪيا ۽ صدر ايوب کي اعتراف ڪرڻو پيو ته فيصلا رياست جي ايوانن ۾ نه پر رستن ۽ گهٽين ۾ ٿين پيا ۽ آخرڪار ان کي استعيفى ڏيڻي پئي پر اسٽالنسٽ مرحليوار انقلاب جي پاليسي سبب هڪ انقلابي پارٽي جي قيادت واري فقدان سان سمورو انقلاب ضايع ٿي ويو. ساڳئي وقت جڏهن پاڪستان جا شاگرد پاڪستان جي حڪمران طبقي کي نچائي رهيا هئا تڏهن فرانس جا شاگرد به يونيورسٽين تي قبضا ڪري ويٺا هئا، برطانيه، آئرلينڊ، اسپين، اٽلي، جرمني، آمريڪا ۽ ترقي يافته ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ انقلابي تحريڪون پيدا ٿي چڪيون هيون جنهن ۾ اڪثر تحريڪن ۽ انقلابن جو آغازشاگردن ۽ نوجوانن پاران ڪيو ويو هو ۽ انهن تحريڪن ۽ انقلابن جا مرڪز يونيورسٽي جا ڪيمپس هيا.
جدليات جو هڪ اصول آهي ته هر شي هڪ وقت ۾ اچي پنهنجي ضد ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ائين ئي سرمائيداراڻو نظام به سامراجي شڪل اختيار ڪري سندس ضد ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويو ۽ هاڻي اڪثريتي عوام کان اهي سڀ شيون کسي رهيو آهي جيڪي ڪنهن وقت ۾ پاڻ ئي ڏنيون هيون. اڄ سرمائيدارن لاءِ منافعي جو سڀ کان وڏو ذريعو قرضن جو ڪاروبار، اسپيڪيوليشن ۽ سٽي بازي آهي جنهن سبب صنعت مسلسل سڪڙجي رهي آهي، روزگار جا ذريعا ختم ٿي رهيا آهن ۽ بيروزگارن جي فوج ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ان کان علاوه دنيا ۾ ڪڏهن نه ڏٺي ويندڙ غربت ۽ امارت ۾ تفريق پڻ ڏسن ۾ اچي ٿي. انهن سڀني شين جي پيشن گوئي ڪارل مارڪس اڄ کان 150 سال اڳ داس ڪيپيٽل ۾ ڪئي هئي جيڪا مارڪسي فلسفي جي سچائي جو اهم ثبوت آهي.
هي سماج هڪ اهڙي ناقابل حل تضاد ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن کي سواءِ انقلاب جي حل ڪرڻ ناممڪن آهي. جنهن سماج ۾ هڪ پاسي دولت جا ايڏا انبار هجن ۽ ٻئي طرف انساني نسل غربت جي اٿاهه گِهرائين ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور هجي، هڪ طرف دوائن جا انبار هجن ۽ ٻئي پاسي غريب انسان دوا خريد نه ڪري سگهڻ سبب موت جو کاڄ بڻجي وڃي، هڪ طرف ايترا پيداواري ذريعا ۽ ٽيڪنالاجي هجي ۽ ٻئي پاسي انسانن جي اڪثريت غذائي قلت جو شڪار هجي ۽ ٻار بک بيماري سبب مري رهيا هجن (يونيسيف جي رپورٽ مطابق روزانو 22 هزار ٻار غربت جي ڪري مري وڃن ٿا. 18 لک ٻار هر سال صرف ڊائريا جي ڪري مري وڃن ٿا. 10 لک ماڻهو جنهن ۾ اڪثريت ٻارن جي آهي مليريا جي ڪري مري وڃن ٿا. 22 لک ٻار هر سال حفاظتي ٽُڪا نه لڳڻ سبب مري وڃن ٿا. 8 لک 42 ڪروڙ ماڻهو صاف پاڻي نه ملڻ سبب گندي پاڻي پيئڻ جي ڪري مري وڃن ٿا) اتي بغاوت هر باشعور انسان تي فرض بڻجي وڃي ٿي.
5سرمائيداراڻي نظام ۾ زندهه رهڻ جو حق صرف ان کي آهي جيڪو زندگي خريد ڪري سگهڻ جي سگهه رکندو هجي. اهڙي سرمائيداراڻي نظام کي تبديل ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو حل موجود نه آهي، سرمائيداراڻو نظام تعليم، بيروزگاري، صحت کان ويندي ڪا هڪ به بنيادي ضرورت جو پوراءُ ته پري جي ڳالهه پر زندهه رهڻ جو حق به کسي رهيو آهي، هر نئون ڏينهن گذريل ڏينهن کان وڌيڪ تلخ ۽ اذيت ناڪ هوندو آهي، ان ڪري اڄ جي نوجوان نسل کي سوشلسٽ انقلاب خاطر متحد ۽ منظم ٿيڻو پوندو ۽ سوشلسٽ سماج جي جوڙجڪ ڪرڻي پوندي، اهو ئي اڄ جي نوجوان نسل جو اصل ڪردار ۽ انساني تاريخ جي سڀ کان اهم ذميواري آهي.

TAGS: , , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment