جمهوريتي بهروپ

[تحرير : لال خان]
هن ملڪ جي 67 سالن جي تاريخ ۾ شايد ئي عوام ڪڏهن خوشحالي، آسودگي ۽ اطمينان جو وقت ڏٺو هجي،  انگريز آقائن جي وڃڻ کانپوءِ انهن جي پاليل حڪمران طبقي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته “قومي آزادي” برطانوي راڄ طرفان ٺاهيل معاشي، سماجي، سياسي ۽ رياستي ڊانچن تائين محدود رهي. پاڪستان جي حڪمران طبقي جي مختلف پرتن ۾ نظرياتي هم آهنگي ۽ رياست کي هلائڻ جي طريقي ڪار تي اتفاق راءِ شروعات کان ئي موجود نه هئي، جنهن جو بنيادي سبب ٽين دنيا جي معذور سرمايه داراڻي نظام جي ناڪامي ۽ ان جو بحران هو. جنهن جي ٻل تي هتان جي اشرافيه کي سماج تي حڪمراني ڪرڻي هئي. ٽيڪنيڪي، مالياتي، ثقافتي طور تي پٺتي پيل ۽ پاڪستان جو ڏٻرو سرمائيدار طبقو عالمي منڊي ۾ مقابلي بازي جي نه ئي طاقت رکندو هو  ۽ نه ئي سرمائيداري جا تاريخي فرض پورا ڪرڻ جي قابل هو.
جديد سماجي ڍانچو، ڪلاسيڪي سرمائيداراڻي رياست ۽ صنعتي انقلاب برپا ڪرڻ جي  نااهليت پاڪستان جي سرمائيداراڻي اشرافيه کي هڪ طرف جاگيردارن ۽ سردارن سان مصلحت ڪرڻ تي مجبور ڪيو ته ٻي پاسي اُنهن وٽ سامراج جي دلالي ڪرڻ کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، حڪمران طبقي جي هن خصي پڻ جو نتيجو اڄ 67 سالن کانپوءِ سڀني جي سامهون آهي ۽ هي سماج هاڻي هڪ زندهه لاش بڻجي چڪو آهي. متحد ۽ صحت مند قومي رياست کي ٺاهڻ ته پري جي ڳالهه، هتي هڪ سنجيده  حڪمران طبقو ئي اڀري نه سگهيو آهي. سياسي سازشون ۽ رياستي ادارن جو بحران مسلسل جاري آهي. حڪمرانن جي هن هڪٻئي سان تضاد جي ڪري رياستي ادارا مختلف ڌڙا بندين جو شڪار آهن ته ٻئي پاسي ڪارپوريٽ ميڊيا جي سڄي راند کي سماجي نفسيات تي مڙهڻ ۾ مصروف آهن.
پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ پورهيت عوام کي حڪمران طبقي جي نان اشوز ۽ ڦرلٽ جي لڙائين ۾ الجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، تنهن ڪري تاريخ غير معمولي واقعن کان به واقف هوندي آهي. عوام روز روز انقلابي تحريڪون برپا ناهي ڪندو پر جڏهن هو حڪمران طبقي جي نفسيات کي رد ڪندي عملي ميدان ۾ لهندو آهي ته پنهنجي جدوجهد جا اڻمٽ نقش تاريخ جي ورقن تي ڇڏي ويندو آهي. اهڙيون انقلابي تحريڪون پنهنجي منطقي انجام تائين ڀلي نه پهچي سگهن، تنهن هوندي به مستقبل جي حڪمرانن لاءِ هڪ ڀوائتو خواب پورهيت طبقي جي ايندڙ نسلن لاءِ شاندار روايت جو درجو اختيار ڪري وينديون آهن. پاڪستان جي پورهيت ۽ نوجوانن اهڙي ئي هڪ ميراث 1968-69ع جي انقلاب جي شڪل ۾ اڄ جي نسل لاءِ ڇڏي آهي.
گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ سڄي سياسي بحث مباحثي کي عوام جي ٻرندڙ معاشي ۽ سماجي مسئلن کان هٽائي ”جمهوريت بمقابلا آمريت“ جي جعلي تضاد تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي کاٻي ڌر کان وٺي نالي ماتر سول سوسائٽي، لبرل دانشورن ۽ ميڊيا تائين سڀئي جمهوريت آمريت جي هڪ بيهوده مذاڪرن ۾ رُڌل آهن. هن ”جمهوري بحث“ ۾ معاشي نظام جي جوڙجڪ، طريقيڪار ۽ سماج جي طبقاتي تضادن تي پردو رکي ”جمهوريت“ کي هڪ اهڙي مقدس ڳئون طور پيش ڪيو ويندو آهي جنهن جي برڪت سان ڪڏهن نه ڪڏهن غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي جهڙا مسئلا پنهنجو پاڻ حل ٿي ويندا. حقيقت اها آهي ته هڪ استحصالي نظام ۾ سياسي جمهوريت هميشه نامڪمل ۽ مفلوج رهندي آهي. لينن چيو هو ته “سياست جمع شده معيشت جو عڪس هوندي آهي” جمهوريت  ۽ آمريت هڪ ئي نظام کي هلائڻ جا ٻه مختلف سياسي طريقيڪار آهن. پر حڪمران طبقي جي دانشورن سياسي طريقي ڪار کي ئي نظام ٺاهي ڇڏيو آهي. هن ملڪ ۾ مختلف نظرياتي برقعن ۾ ڪيتريون ئي فوجي آمريتون آيون آهن، جنهن جو مقصد عام طور تي بحران يا انتشار جي دور ۾ سرمائيداراڻي نظام جي بنيادن کي يقيني بڻائڻ هيو. اهڙين آمريتن ۾ معاشي استحصال سهندي سهندي عوام جو غم ۽ غصو گڏ ٿي هڪ ٻرندڙ آتش فشان بڻجي ويندو آهي، جيڪو انقلاب جي شڪل ۾ ڦاٽي پوري نظام کي ڊاهي سگهي ٿو ۽ اهڙين نازڪ حالتن ۾ ”جمهوريت“ جو سيفٽي گارڊ استعمال ڪندي پوري سماج کي جمهوريت جي ڍونگ ۾ الجهايو ويندو آهي. چهرا ۽ واردات جو طريقيڪار بدلائي ڪروڙن ماڻهن جو استحصال جاري رکيو ويندو آهي. ماضي ۾ جمهوري حڪومتون گهٽ ۾ گهٽ ڪوڙن واعدن، سطحي اصلاحتون ۽ عوامي سياست جهڙي لفاظي جو سهارو وٺنديون هيون پر اڄ رياست ۽ معيشت جو انتشار ايتري قدر شديد آهي جو اهڙي بيان بازي به ممڪن ناهي رهي.
شريف ڀائر ترڪي جي قدامت پرست وزيراعظم طيب اردگان جا وڏا مريد آهن. “ترڪش ماڊل” جي عين مطابق سرمائيدارن جي موجوده ”جمهوري“ حڪومت جي نفسيات انتهائي جابراڻيٰ، طريقيڪار آمراڻو ۽ اصليت منافقاڻي آهي. عام ماڻهو هڪ طرف معاشي حملن جي ڪري بدحال آهي ته ٻي پاسي پوليس ۽ ٻين هٿياربند رياستي ادارن جو جبر وڌايو پيو وڃي. انهن “جمهوري حڪمرانن” سان الحاق غير سرڪاري هٿياربند ٽولن ۽ رياستي مشينري جو خفيه اتحاد عام ماڻهن کي پيڙهيندو پيو وڃي. موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جو عام ماڻهن ڏانهن رويو پهرين کان به وڌيڪ نفرت ۽ حقارت وارو ٿي چڪو آهي. گهرن کان نڪرو ته پوليس ناڪن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو نظر اچي ٿو، جتي غريب ماڻهن جي روڪي ”تلاشي“ ۽ پڇا ڳاڇا جي نالي تي تذليل ڪئي ويندي آهي. جن ڏوهن کي روڪڻ جي نالي تي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو پيو وڃي سي وڌندا پيا وڃن. ڏوهاري ماڻهن کي ڪيترن ئي حڪومتي عهديدارن جي کلي عام سرپرستي حاصل آهي. اقتدار جو نشو موجوده حڪمرانن جي چال ڍال ۽ لهجي مان ئي ظاهر ٿئي ٿو. ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ اُهي ڪنهن ٻي سياري جي مخلوق هجن. ماضي جا بادشاهه ۽ فوجي آمر به هنن جمهوري حڪمرانن کان شايد ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ حقيقت پسند ۽ شائسته هوندا، خاص ماڻهن جي هي ”جمهوري حڪومت“ زميني حقيقتن ۽ عوام جي ڏکوئيندڙ زندگي جي حالتن کان مڪمل طور تي لاتعلق آهي.
پاڪستان وانگر عالمي سطح تي به معاشي بحران ۽ سرمائيدارن جي اڻ کٽ منافعن جي بک سرمائيداراڻي جمهوريت جو مڪروه لباس ڦاڙيندي پئي وڃي. ماضي ۾ جمهوريت جي وڏن وڏن علمبردارن جا رويا هاڻ شرمساري وارا آهن. ”دي اڪانامسٽ“ واضح طور تي لکي ٿو ته هن مشڪل وقت ۾ سياسي نظام کان بيزاري وڌندي پئي وڃي. اڄ آمريڪي سياست ۾ پئسي جو ڪردار ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آهي انهن مان اهو تاثر پيدا ٿو ٿئي ته جمهوريت وڪري لاءِ آهي ۽ امير ماڻهو غريبن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا طاقتور آهن. آمريڪا سان گڏوگڏ جمهوريت جو تصور پڻ تباهه ۽ برباد ٿي رهيو آهي. سياسي نظام اشرافيه هٿان يرغمال بڻجي چڪو آهي.
سرمائيداراڻي نظام جو عالمي بحران جلدي ختم ٿيڻ وارو ناهي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ معاشي بحالي بلڪل جعلي ۽ سطحي آهي. سٽي بازي جي نئين لهر جي ڪري اهو عين ممڪن آهي ته عالمي معيشت 2008ع جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي بحران جي ور چڙهي وڃي. سڄي دنيا ۾ عوام جي معاشي بدحالي وڌندي پئي وڃي. ويجهڙائي ۾ عوام جي ڏکن سورن ۽ بيزاري پنهنجي آخري حدن کي پار ڪندي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انقلابي تحريڪن کي جنم ڏنو آهي. انقلابي قيادت جي عدم موجودگي جي ڪري سامراج ۽ ڪارپوريٽ ميڊيا انهن عوامي تحريڪن کي سرمائيداراڻي جمهوريت جي ”محفوظ رستي“ ڏانهن موڙڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن. پر مصر ۽ تيونس ۾ آمريتن جي خاتمي کانپوءِ ٺهڻ وارين ”جمهوري حڪومتن“ خلاف عوامي بغاوتن ثابت ڪيو آهي ته جمهوريت جي چالبازي گهڻي دير هلڻ واري ناهي. ترڪي ۾ مئي 2013ع ۾ حڪومت خلاف شروع ٿيندڙ مظاهرن طيب اردگان جي اقتدار ۾ ڪيترائي ڏار وجهي ڇڏيا آهن. هتي اسان کي سامراج جو ٻٽو معيار واضح طور تي نظر اچي ٿو. وينزويلا ۽ يوڪرين ۾ چونڊيل حڪومتن خلاف فاشسٽ ۽ غنڊن جا پرتشدد مظاهرا سامراجي ”جمهوريت“ جي عين مطابق آهن. مگر لکين ماڻهو جيڪڏهن اسرائيل ۾ نيتن يا هو يا ترڪي ۾ طيب اردگان جي خلاف روڊن تي اچن ته ڪارپوريٽ ميڊيا جي چپن تي تالا لڳي ويندا آهن.
مشرف جي نيم آمريت بعد جمهوريت جي ڇهه سالن ۾ معاشي سماجي استحڪام ۽ رياستي خلفشار ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪو آهي. نيم مرده سرمائيداراڻي معيشت تي سوار جمهوريت جو ٻهروپ هاڻ بي نقاب ٿيندو پيو وڃي. عوام جي برداشت واري سگهه هاڻ جواب ڏئي رهي آهي. لبرل ۽ سيڪيولر قوتن جي اصلاح پسندي واري سوچ بلڪل بي بنياد  ۽ هوائي آهي. مذهبي بنياد پرستن جا بچيل سماجي بنياد به ختم ٿي چڪا آهن  ۽ رياست جي هڪ مخصوص ڌڙي جي پٺڀرائي کانسواءِ اُهي پنهنجو وجود هڪ ڏينهن لاءِ به قائم نٿا رکي سگهن. آمريڪا جي ٻئين صدر جان ايڊمز طبقاتي سماج ۾ جمهوريت جي ڊرامي جي باري ۾ چيو هو ته ”جمهوريت گهڻي عرصي تائين نٿي هلي سگهي هي جلدي ئي پنهنجو قتل پاڻ ڪري ڇڏيندي آهي. اڄ تائين ڪا به اهڙي جمهوريت نه آئي آهي، جنهن خودڪشي نه ڪئي هجي“. ترقي يافته ملڪن ۾ نسبتاً صحتمند جمهوريتون معاشي خوشحالي جي دور ۾ اڀريون ۽ وڌيون هيون. پر اڄ معيشت جي حالت ماضي جي ڀيٽ ۾ ابتڙ آهي. سرمائيداري جي جمهوريت اميرن لاءِ اميرن جي حڪومت آهي. پورهيت عوام کي جمهوري حق تڏهن ئي ملي سگهن ٿا جڏهن معاشي غلامي جو هي نظام ختم ٿيندو حقيقي جمهوريت جي جدوجهد سرمائيدارڻي نظام تي ضرب لڳائڻ کانسواءِ شروع ئي نٿي ٿي سگهي.

TAGS: , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment