زر جو زھر!

اداريو، طبقاتي جدوجهد:-
طالبان کان وٺي ڪري ھندوستان سان، ڳالهيون به ھلي رھيون آھن ۽ دھشتگرديءَ جا ڌماڪا به ٿي رھيا آھن۔ ’اڪانومسٽ‘ مطابق ’’پاڪستان ۾ يا ته جنرل راحيل شريف ڊبل گيم کيڏي رھيو آھي، يا وري فوج ھندوستان سان مصالحت جي خلاف آھي يا وري فوج ۽ آئي ايس آئي اندر کان ورھايل آھن۔“ رياست ۾ ڪيئي نوعيت جا ڏار آھن۔ فوجي آپريشن جاري ۽ ساري آھي، گڏوگڏ ئي مذھبي جنون جا نوان روپ به سامھون اچي رھيا آھن۔ پٺاڻ ڪوٽ ۾ حملو ڪرائڻ وارن خلاف ڪاروائي به هلي رھي آھي ۽ انھن کي ”حفاظتي تحويل“ ۾ به ورتو ويو آھي۔ بلوچستان ۾ قومی آزادیءَ جي جنگ جاری آھي ۽ مذھبي بنياد پرستيءَ جا وڏا ھيڊ ڪوارٽر به قائم ڪرايا ويا آھن۔ سعودي عرب اسان جو عزيز ترين ”محسن“ ۽ ايران اسان جو ويجهو برادر ملڪ آھي۔ سعودي حڪمرانن جي ڇپر ڇانوَ ھيٺ قائم سني ملڪن جي اتحاد جو حصو به آهيون ۽ ان ۾ فوج به ناھي موڪلڻي۔ مرڪز ۾ ”وڏي مينڊيٽ واري جمھوريت“ جو وزير اعظم پنھنجي سپه سالار اڳيان خاموش بڻيو ويٺو آھي۔ سياست کي عوام سان ڪو واسطو ناھي ۽ عوام ھن سياست کان بيزار آھي۔ ھڪ طرف لبرل ازم ۽ سيڪولرزم جو ناٽڪ ڪرڻ وارا حڪمران آھن ۽ ٻئي پاسي بنياد پرستي ۽ رجعت جا جغادري۔ وزير دفاع بغير محڪمي جي آھي ۽ گهرو وزير ڪجھ با اختيار ھئڻ جا تاثر ڏئي ٿو۔ سياسي آسمان تي قابض پارٽين جي ويڙهه لفاظي جي حد تائين شديد آھي پر معاشي پروگرام ۽ حڪمتِ عملي سڀني جي ھڪ آھي۔ بلدياتي چونڊن ۾ گراس روٽ نمائندا ”چونڊيا“ ويا آھن، پر انھن وٽ نه وسيلا آھن نه وري اختيار۔ بلدياتي نمائندن کي صوبائي حڪومتن سان شڪايتون آھن ۽ صوبائي حڪومتون مرڪز کان خفا آھن۔ معيشت جي ترقيءَ جو وڏو گوڙ آھي پر آباديءَ جي اڪثريت جي لاءِ معاشي بدحالي ناقابل برداشت ٿيندي پئي وڃي۔ ھاؤسنگ ڪالونيون زرخيز زمينن کي ڪنڪريٽ جي جھنگلن ۾ تبديل ڪري رھيون آھن، گاڏين جي ڀرمار آھي، ٽريفڪ ھر وقت جام آھي ۽ پارڪنگ جي جاءِ ڪونھي۔ صنعتون بند ٿي رھيون آھن ۽ پاڪ چين ڪوريڊور کي ھر مسئلي جو حل بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي۔ سڀ منصوبا سرمائيدارن ۽ ٺيڪيدارن جي لاءِ بڻايا ويندا آھن ۽ نعرا عوام جي سھولت جا لڳايا ويندا آھن۔ قرضن جو لڳاتار وڌندڙ بار بچيل سچيل سرڪاري معيشت کي چيريندي عوام تي لاڳو ٿي رھيو آھي۔ دانش اسڪولن ۽ شوڪت خانم اسپتالن جي اشتھارن سان ڪارپوريٽ ميڊيا ڀريل آهي پر سرڪاري اسپتال ۽ اسڪول کنڊر بڻجي چڪا آھن۔ ڪاري ناڻي سياست، رياست، صحافت ۽ ثقافت کي ڪارو ڪري ڇڏيو آھي۔ ايان علي ٻاھر ٿي وئي آھي ۽ ھاڻي ڊاڪٽر عاصم اندر آھي۔ ڪرپشن جي سمنڊ ۾ احتساب جو گوڙ آھي۔ پورھيت عوام کان ھر سھولت، ھر آسرو کسيو وڃي رھيو آھي۔ حڪمرانن جي پنھنجي دولت انھن جي ڳڻپ ۾ ڪونه ٿي اچي۔ ھڪ پاسي ذلت ۽ محروميءَ جون اُٿاھ گھرائيون آھن ۽ ٻئي پاسي دولت ۽ چمڪ جوعروج۔ وچ ۾ لڳاتار سڪڙجندڙ وچون طبقو پنھنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ جائز ۽ ناجائز جي ھر حد تائين وڃي رھيو آھي۔ ائين ھميشه جي لاءِ ڪونه ھلندو، ھلي نٿو سگھي! ھي حڪمران، انھن جو نظام ۽ رياست ھن سماج جي رڳن ۾ زر جو زھر لاھيندو پيو وڃي، ھن خطي کي ليبيا، عراق ۽ شام بڻائڻ تي تيار ٿيا آھن، پر پورھيت طبقو ائين ٿيڻ ڪونه ڏيندو۔ جنھن طبقي جي جدوجھد ۽ وجود تائين جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو ھجي اھو حالتن ۽ واقعن جي بٺيءَ ۾ پچي ڪري فولاد بڻجي رھيو آھي۔ خاموش آھي پر ڏسي سڀ ڪجھ رھيو آھي۔ سماج جي ڪُک ۾ بغاوت جو لاوو پچي رھيو آھي۔ ھي جلد يا دير ڦاٽندو ته سرمائي جي ان حاڪميت کي ان جي سڀني ادارن، ڊانچن ۽ ھٿڪنڊن سميت نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندو۔ انھن فيصلاتي لمحن ۾ مارڪسي پارٽيءَ جي شڪل ۾ انقلابي قيادت گھربل ھوندي جيڪا سوشلسٽ انقلاب جي نظرين ۽ حڪمتِ عمليءَ سان ھن تحريڪ کي روشن ڪندي۔

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment