”دهشتگردي جي خاتمي“ بابت غلط فهمي

[تحرير:لال خان]
1ملڪ ۾ دهشتگردي جي نئين لهر هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪري ٿي ته هي راڪاس حڪمران طبقي، ان جي رياست ۽ نظام جي قابو کان ٻاهر آهي. دهشتگردي جي خلاف ”قومي اتحاد“ جون وڏي واڪي دعوائون ۽ ”هڪ پيج تي گڏجڻ“ جي منافقت پاڻ ئي بي نقاب ٿي وئي آهي. ملٽري آپريشن ۽ رياستي طاقت جي ذريعي دهشت گردي جي خاتمي جون ڳالهيون يوٽوپيا آهن. ان تلخ حقيقتن کي خود وقت ئي وائکو ڪري رهيو آهي. صورتحال کي ڏسندي حڪومتي عهديدارن جي کوکلن بيانن کي هڪ الميو ئي چئي سگهجي ٿو.
بلوچستان ۾ اعلى سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم فرمايو ته “دهشتگردي ۾ ملوث مذهبي تنظيمن ۽ مدرسن جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي… ڪنهن به هٿياربند تنظيم کي ڇوٽ حاصل نه آهي… سختي سان پيش اچڻ جي ضرورت آهي… حڪومت سان امن جي ڳالهه ٻولهه نه ڪرڻ وارن جي خلاف ڪاروائي ٿيندي… ڪنهن کي به پُر تشدد ڪاروائين جي اجازت نه ڏني ويندي. حڪومت “نيشنل ايڪشن پلان” کي نافظ ڪرڻ ۽ شدت پسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پُر عزم آهي.“
ڪيتريون سطحي ڳالهيون آهن! هن ڪٻاڙ ٿيل ٽيپ رڪارڊر ۾ هڪ ئي ڪيسٽ سالن کان هلي رهي آهي. هي الفاظ رياست ۽ سياست جي بيوسي جو اعتراف آهن. هن طرح جون تقريرون لکندڙ مشير شايد ڳالهائڻ وارن کي اهو نه ٿا ٻڌائين ته دهشت گردي ان ئي ڪاري ناڻي مان فنانس ٿي رهي آهي جيڪو هن ملڪ جي رياست ۽ سياست کي هلائي رهيو آهي ۽ جنهن کانسواءِ هتان جي نيم مرده سرمائيداراڻي معيشت هڪ ڏينهن ۾ ئي اچي ڦهڪو ڪندي. پارليامينٽ ۾ بل مٿان بل پاس ٿي رهيا آهن، هڪ کانپوءِ ٻيو آرڊيننس جاري ٿئي پيو، فوجي عدالتون ٺهن پيون، گڏوگڏ مُلائن جا لاؤڊ اسپيڪر وڏن شهرن جي اهم رستن تي ڏينهن رات نفرت جي باهه ڦهلائين پيا. اسپتالن جي حدن ۽ شاگردن جي هاسٽلن جي بلڪل سامهون ”ڪالعدم“ تنظيمون ڪيمپ لڳائي رهيون آهن، جهادي ترانا هلائي رهيون آهن، نفرت آميز مواد تقسيم ڪيو پيو وڃي ۽ سرعام ”ريڪروٽمينٽ“ جو عمل جاري آهي. مدرسا نه صرف متحرڪ آهن پر واڌ ويجهه ڪري رهيا آهن. ملڪ جي گاڌي واري هنڌ جي دل ۾ قائم لال مسجد جو مولوي سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ “جهاد جو جذبو” بيدار ڪري رهيو آهي ۽ “سڪيورٽي فورسز” ان کي هٿ لڳائڻ کان به پاسو ڪري رهيون آهن.
اڄ جي عهد ۾ دهشت گردي هڪ وسيح مالياتي سرگرمي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي جنهن ۾ منافعي جي شرح تمام گهڻي بلند ۽ ”سرمائيڪاري“ تي ريٽرن جي مدت انتهائي مختصر آهي. شام ۽ عراق ۾ داعش هجي، نائيجيريا جي “بوڪو حرام” يا وري افغانستان ۽ پاڪستان ۾ “طالبان” جا ڌڙا، انهن هٿياربند جنوني گروهن جي فيصلائتي طاقت مذهبي جذبات ۽ “جنت حاصل ڪرڻ” کان وڌيڪ ڪارو ناڻو آهي. هي “نان اسٽيٽ ايڪٽر” نه آهن بلڪه سامراج ۽ علائقائي رياستن جا “اسٽريٽيجڪ مفاد” هن رت جي راند جي حرڪتن جو تعين ڪن ٿا. عالمي يا علائقائي سامراجي طاقتون ڏهاڪن کان اهڙن گروهن کي بطور “پراڪسي” استعمال ڪري رهيون آهن ۽ هي سلسلو خفيه يا اعلانيل طور تي اڄ به جاري آهي جنهن جي هڪ ڪڙي افغانستان ۾ سرگرم طالبان جي ڪجهه ڌڙن جي هاڻوڪي چين ياترا آهي. نام نهاد “دهشت جي خلاف جنگ” جي عالمي ٺيڪيدار آمريڪا جا لاڳاپا ڪيترن ئي دهشت گرد گروهن سان متضاد ۽ پيچيده نوعيت جا آهن. مفاد ڪٿي ٽڪرائجن ٿا ته ڪٿي گڏيل به ٿي وڃن ٿا. اڄڪلهه وائيٽ هائوس جا ترجمان طالبان جي لاءِ “دهشت گرد” جي بجاءِ “هٿياربند بغاوت” جو لفظ استعمال ڪري رهيا آهن!

آمريڪي اخبار The Independent جو 6 ڊسمبر 1993ع وارو ڇاپو جنهن ۾ اسامه بن لادن کي هيرو جي طور تي پيش ڪيو ويو آهي.

آمريڪي اخبار The Independent جو 6 ڊسمبر 1993ع وارو ڇاپو جنهن ۾ اسامه بن لادن کي هيرو جي طور تي پيش ڪيو ويو آهي.

القاعده جي تخليق ۽ اڀار جي تاريخ واضع ڪري ٿي ته آمريڪي سامراج جي پرڏيهي پاليسي ڪنهن ڏور رس منصوبه بندي جي بجاءِ ترت ۽ وقتي مفاد جي تابع آهي. افغانستان ۾ سوويت يونين جي خلاف جنگ جي لاءِ 1979ع کان 1989ع تائين سِي آئي اي نه صرف ڏکڻ ايشيا بلڪه سڄي دنيا ۾ اسلامي بنياد پرست گروهن جي واڌ ويجهه ڪئي. ان ئي عرصي ۾ امير ۽ بااثر گهراڻن سان تعلق رکندڙ عرب نوجوان جا رابطا آمريڪين سان ٿيڻ شروع ٿيا جيڪو تمام جلد ئي افغانستان ۾ سِي آئي اي جي بااعتماد ترين ايجنٽن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ان نوجوان جو نالو اسامه بن لادن هو. آمريڪي سِي آئي اي جي تربيت ۽ هٿيارن سان ئي القاعده واڌ ويجهه ڪئي ۽ سڄي دنيا ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ قائم ڪيو.
عراق ۾ آمريڪي جارحيت ۽ بعد ۾ شام جي پراڪسي جنگ مان جنم وٺندڙ ”داعش“ (اسلامڪ اسٽيٽ) جا عمل ايتري قدر انسانيت سوز آهن جو القاعده وارا به ان کي ”شدت پسند“ چئي رهيا آهن. داعش حقيقت ۾ القاعده جي عراقي وِنگ کان الڳ ٿيل هڪ ڌڙو آهي جنهن جي قيادت جا سِي آئي اي سان نه فقط لاڳاپا رهيا آهن بلڪه آمريڪي اسپيشل فورسز 2012ع ۾ داعش جي جنگجوئن کي اردن ۾ باقاعده تربيت ڏينديون رهيون آهن. اهڙي ريت آمريڪا جي خاص “نيٽو اتحادي” ترڪي جي حڪومت کي تسليم ڪرڻو پيو ته ان جي خفيه ايجنسي شام ۾ القاعده کي هٿيار فراهم ڪندي رهي آهي. ترڪي ۾ طيب اردگان جي “معتدل (Moderate)” اسلامي حڪومت طرفان شام ۾ جنوني دهشت گرد گروهن جي سرپرستي هاڻي ڪنهن کان ڍڪيل نه آهي.
حڪمران طبقي جو پراڻو واردات جو طريقو آهي ته ڪنهن هڪ مُهري جو شوشو ڇڏي اصل راند پردي پٺيان جاري رکجي. داعش حقيقت ۾ هن رتوڇاڻ جي ڪاروبار جو صرف هڪ حصيدار آهي. هي سڀ ڪجهه اچانڪ شروع نه ٿيو آهي بلڪه 2004ع کان مسلسل ارتقا پذير ٿي ڪري حالتون ايستائين اچي پهتيون آهن. ان کان به پٺتي وڃون ته ڳالهه جولائي 1979ع ۾ شروع ٿيندڙ سِي آئي اي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو آپريشن “سائيڪلون” تائين وڃي ٿي.
شام ۽ عراق وانگر ليبيا به مڪمل انارڪي مان گذري پيو. برطانوي اخبار ڊيلي ٽيلي گراف جي مطابق قطر، ليبيا ۾ داعش سميت ڪيترن ئي ٻين اسلامي شدت پسند گروهن کي هٿيار فراهم ڪري پيو. اخبار مطابق ”خليجي رياست جي خطي ۾ سرگرم دهشت گرد گروهن سان لاڳاپن تي اڳي ئي تشويش موجود آهي. مغربي اهلڪارن مطابق قطر کان هٿيار جهازن ذريعي تريپولي کان 160 ڪلوميٽر پري مسراتا جي شهر ۾ پهچايا وڃن پيا. وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ برطانيه جي ”سڀ کان قريبي دوست“ هجڻ جي دعوائن باوجود قطر انهن جي مفادن جي برعڪس متحرڪ آهي“.
3آمريڪا عراق ۾ جارحيت دؤران ڪرائي جي جنگجوئن جو وڏي پيماني تي استعمال ڪيو هو. بليڪ واٽر جهڙين نجي جنگي ڪمپنين جي اهلڪارن جي عراق ۾ تعداد آمريڪا جي سرڪاري فوج کان وڌيڪ هئي. هي نجي ڪمپنيون پيسن عيوض پنهنجون خدمتون آمريڪي سامراج کي وڪڻي رهيون هيون. آمريڪي فوجن جي نڪرڻ ۽ پيسن جي بندش بعد هي نجي جنگي ڪمپنيون به واپس هليون ويون جنهن کانپوءِ ڪرائي جا جهادي گروهه تيزي سان ڦهلجڻ لڳا. انهن جي آمدني جي ذريعن ۾ “ٻاهرين امداد” کان علاوه قبضي هيٺ علائقن مان ڀتو ۽ “ٽيڪس” جي وصولي ۽ عالمي بليڪ مارڪيٽ ۾ تيل جي فروخت وغيره شامل آهن. هي گروهه انٽرنيٽ تي “مارڪيٽنگ” ۽ نيٽ ورڪنگ ۾ ماهر آهن، اسلامي بنياد پرستي جي وڌيڪ ”پُرڪشش“ ۽ ماڊرن قسم جي ذريعي افرادي قوت ۾ اضافو ڪن ٿا ۽ علائقائي انتشار مان فائدو کڻندي برطانيه کان وڌيڪ ايراضي تي قابض ٿي چڪا آهن جنهن جي آبادي 80 لک کان وڌيڪ آهي.
آمريڪي سامراج جي هي “ميراث” مسلم آبادي واري خطن تائين ئي محدود نه آهي. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ آمريڪي اسپيشل فورسز ۽ منشيات جي خاتمي واري اداري ڪولمبيا ۾ ڊرگ لارڊ پيبلو ايسڪوبار کي قتل ڪرائڻ لاءِ هٿياربند گروهه “لاس پيپس” جي سرپرستي ڪندا رهيا آهن. لاس پيپس جا ٻئي وڏا اڳواڻ پيبلو ايسڪوبار جا اڳوڻا ملازم هئا. 1997ع ۾ لاس پيپس مان منشيات جي ڪاروبار سان وابسته “يونائٽڊ ڊفينس فورسز آف ڪولمبيا” نالي دهشت گرد گروهه ٺهيو، جنهن اڳين ڪيترن ئي سالن تائين وڏي پيماني تي رتوڇاڻ ڪئي. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ئي سِي آئي اي اهڙن دهشت گردن ذريعي ڪيوبا جي صدر فيڊل ڪاسترو کي قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. ڪيوبا جي “بي آف پگز” تي حملو اهڙن ئي عنصرن ذريعي ڪرايو ويو. ڪيوبا ۾ انتشار ڦهلائڻ لاءِ بم ڌماڪا ۽ ٻيون تخريبي سرگرميون پڻ ڪرايون ويون. 1976ع ۾ ڪيوبن ايئر لائين ۾ ڌماڪو ڪندڙ لوئس پوسادا ڪيرلس سِي آئي اي جو ايجنٽ هو جنهن کي بعد ۾ آمريڪا ۾ پناهه به ڏني وئي. هن ڌماڪي ۾ 73 بيگناهه ماڻهو مري ويا هئا.
سڄي دنيا ۾ سڌي يا اڻسڌي ريت دهشت گردي جي بازار گرم ڪندڙ هن آمريڪي سامراج جي “دهشت گردي جي خلاف جنگ” ۽ ان ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جهڙين “اتحادي” رياستن جي شموليت انتهائي ڀڇڙو مذاق آهي. هي “دهشت جي خلاف جنگ” نه آهي بلڪه “دهشت جي جنگ” آهي. دهشت گردي ۽ مذهبي فاشزم حقيقت ۾ ڳريل سڙيل سرمائيداراڻي نظام جو نچوڙيل عرق آهي. هي نظام جنهن ڪنڌي تي پهچي چڪو آهي اتي عدم استحڪام گهٽجڻ بجاءِ وڌيڪ وڌندو. تعصب، وحشت ۽ جنون جي هن بدبوءَ کان ڇوٽڪارو سرمائيداري جي لاش کي دفن ڪري ڇڏڻ سان ئي ممڪن آهي.

TAGS: , , , , , , , , , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment