ايران ايٽمي معاهدو ۽ وچ اوڀر

[تحرير : راهول]

4دنيا جي ڇهن وڏين عالمي طاقتن ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ هاڻوڪي ايٽمي معاهدي نه صرف ايران يا وچ اوڀر بلڪه سڄي دنيا ۾ هڪ نئين بحث جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. گذريل وڏي عرصي کان ايران تي مڙهيل انهن پابندين جي ڪري ايران جي نه صرف معيشت کي وڏو نقصان رسيو پر بيروزگاري، مهانگائي ۽ غربت ايران جي ماڻهن جي تقدير بڻجي چڪي هئي. 18 ڏينهن مسلسل هلندڙ هي معاهدو نيٺ 14 جولاءِ تي پنهنجي پڄاڻي تي پهتو جنهن کان پوءِ ڇهن وڏين طاقتن جي نمائندن 100 صفحن تي ٻڌل ان معاهدي کي دنيا سامهون آندو. ان معاهدي جي نتيجي ۾ ايران جي ايمٽي پروگرام کي محدود ڪيو ويو آهي ان سان گڏوگڏ هاڻي ايران جي منڊي ٻاهرين ملڪن جي سرمائيڪاري لاءِ کولي وئي آهي. ان معاهدي جي نتيجي ۾ ايران جي معيشت کي وڏي پيماني تي فائدو ٿيندو جڏهن ته ان کي فوري طور تي اولهه جي بئنڪن پاران 100 ارب ڊالر پڻ ڏنا ويندا. صرف جرمني پاران فوري طور تي ايران ۾ وڏي سرمائيڪاري جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ ايراني حڪمرانن به پنهنجي تيل جي پيداوار جيڪا 2.8 ملين بيرل روزانو آهي ان کي ايندڙ پنجن سالن تائين 5 ملين بيرل روزانو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان جي نتيجي ۾ ايران جي برآمد جيڪا هينئر 1.1 ملين بيرل روزانو پيداوار تي آهي اها ٽي ڀيرا وڌي ويندي. ايران جي ڪيترن ئي شهرن ۾  معاهدي کان پوءِ فوري طور تي هزارين ماڻهو روڊن رستن تي نڪري آيا ۽ پوري ايران ۾ خوشي جي هڪ نئين لهر پکڙجي وئي ۽ ماڻهن پنهنجي سٺي زندگي جي نئين اميدن سان ڊيل کي ڀلي ڪار ڪيو.
ڪيترا ئي ماڻهو هاڻوڪي ڊيل کي ايران ۽ آمريڪا جي دوستي يا وچ اوڀر ۾ امن جي شروعات قرار ڏئي رهيا آهن پر ڇا واقعي آمريڪي سامراج هي ڊيل وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ يا ايران جي ماڻهن کي سٺي زندگي ڏيڻ لاءِ ڪئي آهي؟ اهي سڀئي ماڻهو جيڪي عالمي سياست ۾ ٿورڙي به دلچسپي رکندڙ آهن آساني سان سمجهي سگهن ٿا ته سامراج پنهنجي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ملڪ کي عوام جي ڀلائي يا خوشحالي لاءِ نه پر پنهنجن سامراجي مقصدن لاءِ ئي خوني راند جو ميدان بڻايو آهي ۽ جيتوڻيڪ امن جي ڳالهه آهي ته اڄ وچ اوڀر جي جيڪا به صورتحال آهي ان جو ذميوار صرف ۽ صرف آمريڪي سامراج ئي آهي ۽ هو ڪڏهن به اتي پنهنجن معاشي مقصدن تي نه ڪمپرومائيز لاءِ تيار ٿيو آهي ۽ نه ئي ٿيندو!
جيڪڏهن هاڻوڪي معاهدي کي ڏسجي ته ڀلي هي معاهدو ايران جي لاءِ خوشي جو مقام هجي پر حقيقت ۾ هي ڊيل ايران جي خوشي کان وڌيڪ آمريڪي سامراج جي بي حسي ۽ شڪست کي دنيا جي سامهون آندو آهي. هاڻوڪو ايگريمنٽ احمد نزاد واري دور جي شرطن کان ڪو گهڻو مختلف آهي نه ئي ان ۾ ڪي اهڙيون شيون شامل ڪيون ويون آهن جيڪي سامراج لاءِ هاڻي قابلِ قبول هجن. پر جيڪا ڳالهه غور طلب آهي اها هي ته جڏهن نزاد اها ڊيل پيش ڪئي هئي ان وقت سامراج جي ڪيفيت موجوده ڪيفيت کان مختلف هئي ۽ هو پنهنجن روايتي ساٿارين سان گڏ پنهنجن سامراجي مقصدن کي پورو ڪري رهيو هو. هاڻي جي صورتحال ڪيترائي ڀيرا تبديل ٿي چڪي آهي ۽ وچ اوڀر ۾ روايتي دوست هاڻي دشمن ۽ دشمنن سان دوستي جو هڪ نئو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. وچ اوڀر گذريل وڏي عرصي کان ئي آمريڪي سامراج لاءِ جنگ جو ميدان رهيو آهي. عراق کان وٺي افغانستان تائين سامراج 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي لاشن تي پنهنجي هي راند کيڏي جيڪا اڄ تائين جاري آهي، عراق جي مٿان قبضو ڪرڻ کان پوءِ اتي جهڙي ريت حڪومت جو خاتمو ڪيو ويو ۽ فرقيواريت کي وڌائي اتي ماڻهن کي برباد ڪيو هو اهو سبق وچ اوڀر جي عوام لاءِ سکڻ جو مقام آهي. ايران جي ايٽمي طاقت بڻجڻ جي بنيادي وجه پڻ آمريڪي سامراج ۽ وچ اوڀر جي وڏين طاقت جي لاءِ جوابي حملي ۽ پنهنجي پاڻ کي سامراج مڃرائڻ جي تياري ئي هئي. گذريل وڏي عرصي کان ئي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران کي جنگ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون جنهن ايران جي عوام ۾ وڏي ڊپ کي جنم ڏنو ۽ ايراني حڪمرانن پڻ عوام جي ان ڪيفيت جو فائدو وٺندي عوام کي غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ور چاڙهي ڇڏيو هو.
1ايران ۽ وڏين طاقتن جي وچ ۾ هن ڊيل تي دنيا جا ٻيا سڀئي ملڪ خوش ٿيا پر اسرائيل پاران ان فيصلي تي وڏي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. اسرائيلي وزيراعظم ان ڊيل کانپوءِ پنهنجي ٽُوِيٽ ۾ چيو آهي ته ”ايران جي وڌندڙ جارحيت دنيا لاءِ داعش کان وڏو خطرو آهي ۽ هن جارحيت جو حتمي مقصد پڻ دنيا تي قبضو ڪرڻ ئي آهي“. اسرائيل جو هي ردعمل خطي ۾ ايران کان ان جي خوف کي واضع ڪري ٿو جيڪو ايندڙ ڏينهن ۾ اسرائيل سان خطي ۾ مقابلي جي حيثيت پڻ رکي ٿو. جيتوڻيڪ اسرائيل جو سوال آهي ته اسرائيل کڻي ايران تي حملو ڪري يا نه ڪري سگهي پر اها ڳالهه ته طئي آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سامراج سان گڏوگڏ اسرائيل جا پڻ بنياد خطي ۾ ڪمزور ٿيندا. آمريڪا ۽ اسرائيل جيڪي وڏي عرصي کان هن خطي ۾ ساٿاري هئا هاڻ هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ جي ويجهو آهن جنهن جو اظهار اسرائيلي وزيراعظم ۽ روسي صدر جي وچ ۾ ٿيل هاڻوڪي ملاقات ۾ ٿئي ٿو. هن وقت آمريڪا ۽ اسرائيل ۾ جيترا اختلاف ۽ ويڇا پيدا ٿي چڪا آهن شايد ئي ماضي ۾ ڪڏهن رهيا هجن. بينجمن نيتن ياهو (اسرائيلي وزيراعظم) جي اليڪشن کٽڻ کانپوءِ آمريڪا پاران ان کي مبارڪباد ڏيڻ جي بجاءِ جان ڪيري پاران لکيل هڪ خط ۾ اليڪشن دوران اسرائيلي وزيراعظم جي بيانن تي سخت تنقيد ڪئي وئي. ان سان گڏوگڏ ماضي ۾ اسرائيل کي آمريڪا پاران وڏي پيماني تي امداد ڏني ويندي هئي جيڪا 20 کان 30 سيڪڙو جي ڊي پي تائين هوندي هئي پر هاڻ اها امداد وڃي 2 سيڪڙو تي پهتي آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل جا هي ويڇا خطي ۾ وڌيڪ خونريزي ۽ ڇڪتاڻ کي جنم ڏيندا، ٻئي ملڪ هاڻي خطي ۾ وڌيڪ تڪرار پکيڙيندي پنهنجن سامراجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندا.
هن وقت وچ اوڀر جي سڀني اهم ملڪن جي ڪوشش آهي ته ايران کي وڌيڪ طاقتور نه ٿيڻ ڏجي ڇو ته ان سان خطي ۾ هڪ نئين طاقت جو اضافو ٿيندو جيڪو ٻين ملڪن کي منظور ناهي. هر ملڪ خطي ۾ سامراج ٿيڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي ۽ هو انهي ڪري مسلسل پنهنجيون وفاداريون پڻ مٽائي رهيا آهن. هاڻي طاقت هڪڙي سامراج يا هڪڙي ملڪ جي هٿن ۾ نه رهي آهي پر هاڻ هر ملڪ جي ڪوشش آهي ته هو خطي ۾ پنهنجي حڪمراني قائم ڪري.  Regional Imperialism هاڻي هڪ نئين لقاءَ طور سامهون آيو آهي. سڀئي ملڪ هاڻي پنهنجيون وفاداريون تبديل ڪري هڪ ٻئي جي سامهون اچي رهيا آهن ۽ آمريڪا جي ماضي واري ڪيفيت هاڻي پنهنجي ضد ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. هي ڊيل بنيادي طور تي آمريڪا جي خطي ۾ ڪمزور ٿيندڙ رٽ جو ئي نتيجو آهي.
2ان سڄي صورتحال ۾ سڀ کان اهم سوال هي آهي ته ڇا واقعي ان ڊيل جي ٿيڻ سان ايران جي پورهيت طبقي ۽ غريب عوام جي زندگين ۾ ڪو فرق ايندو؟ اسان سڀني کي هڪڙي شئي پنهنجن ذهنن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي ته هي ڊيل ايران جي غريب عوام سان نه پر ايران ۽ عالمي سرمائيدارن جي وچ ۾ ٿي آهي ۽ سرمائيداراڻي نظام ۾ هي ڪڏهن ممڪن نه ٿيو آهي ته هو پورهيت عوام جي استحصال کانسواءِ پنهنجن منافعن ۾ اضافو ڪري سگهن. ايران ۾ هاڻي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيڻ وارو آهي ماضي ۾ جڏهن به عوام روڊن تي ايندو هو ته هو ان کي سامراج ۽ وڏين طاقتن جا ڊپ ڏئي خاموش ڪرائي ڇڏيندو هو، پر هاڻ اهو انهن لاءِ ممڪن نه رهندو، بي شڪ ٻاهرين ملڪن جي سرمائيڪاري معيشت کي ٿورڙو رليف ڏيندي، پر لازمي طور تي ڪنهن به وڏي معاشي تبديلي جي ڪا به اميد نٿي ڪري سگهجي. ايران ۾ گذريل ڪجهه تحريڪن ۾ پورهيت طبقي شرڪت نه ڪئي هئي پر ايران ۾ اهڙا پورهيت موجود آهن جن کي گذريل ڪيترن ئي مهينن بلڪه سالن کان پگهارون نه ڏنيون ويون آهن. هاڻ جڏهن ڊيل ٿي چڪي آهي ۽ ٻاهرين ملڪن جي خطري وارو راڳ هاڻي ايراني حڪمرانن کي پنهنجي عوام جي ڪاوڙ مان نه بچائي سگهندو، جيئن ماضي ۾ ٻاهرين خطرن واري ڳالهه کي ايراني حڪمرانن پاران پنهنجي خلاف عوام کي خاموش ڪرائڻ ۾ مدد ڏيندو هو پر هاڻي جيئن ئي پابنديون هٽنديون پورهيتن پاران پنهنجين اڻ ادا ٿيل پگهارن جو مطالبو ايندو جنهن سان ايران جي پورهيت طبقي جي سامهون هي حقيقت واضع ٿيندي ته انهن جي اذيتن جي وجه ڪا پابندي نه پر منافعي ۽ ٺڳي تي ٻڌل هي نظام آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ ايران ۾ پورهيت طبقي جي تحريڪ وچ اوڀر ۾ هڪ نئون انقلابي باب کولي سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيندي.

TAGS: , , , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment