اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها

اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها

آزاد هوا ڇا ٿيندي آ !

اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها

پرواهه بنا پر ڪيئن هوندا

آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!

اي ڪاش اهو تون ڳائين ها

ڪلهه رات ڀڳت سنگهه ڦاسي تي

جو گيت اڌورو ڳاتو هو !

اي ڪاش اهو تون پائين ها

جو هار هوائن ۾ لڏندي

ڪلهه تانتيا ٽوپي پاتو هو !

تاريخ جي خوني گلين مان

هر وقت صدا ڪا ايندي آ

هر وقت لهو جي لاڙن ڏي

ڪا توکي ڇِڪ ڇِڪيندي آ،

ڄڻ او ڊائر جي گولي

اڄ تائين توکي تاڙي ٿي

۽ تنهنجا تنهنجي مقتل ڏي

ڄڻ پير اچانڪ لاڙي ٿي،

تاريخ بکايل چيتي جيئن

چؤواٽي تي چِنگهاڙي ٿي،

اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها

ڇا تن جي قيمت ٿيندي آ،

جنهن آزادي جا گيت چيا

سا آزادي ڪِٿ نيندي آ !

اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها

سا آزادي ڪيئن ايندي آ !

”شيخ اياز“

TAGS: ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment