باڪمال حڪمران لاجواب نجڪاري

[تحرير ؛ راهول]
مسلم ليگ ن جي موجوده حڪومت پاران قومي اداران جي نجڪاري جي شروعات ٿي چڪي آهي، گذريل ڏينهن جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان جي نجڪاري ڪميشن پي آءِ اي سميت اهم ادارن کي نجي شعبي ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هونئن ته نيو لبرل سرمائيداري جي ڪاتي سان ذبح ٿيندڙ ادارن جو ڪل تعداد 68 آهي پر فوري طور تي جن ادارن کي خانگائڻ جي منظوري ملي آهي انهن ۾ پي آءِ اي، هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس ۽ نيشنل پاور ڪنسٽرڪشن ڪمپني لميٽيڊ شامل آهن. حڪومت اهڙا قدم کڻڻ لاءِ وڏي عرصي کان ڪوششون ڪري رهي هئي پر قادر پور گئس فيلڊ جي نجڪاري جي ردعمل ۾ پورهيتن جي ٿيل مثالي جدوجهد حڪومتي ايوانن ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي ۽ انهن لاءِ ڊگهي عرصي تائين اهي قدم کڻڻ ممڪن نه هيا. هاڻوڪي ساڄي ڌر جي حڪومت جنهن جي سڄي تاريخ معاشي بربريت جي تاريخ رهي آهي، اهي قدم کڻي رهي آهي. ميڊيا ۽ حڪومتي انگ اکر دراصل انهي ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ آهن ته اهي ادارا خساري ۾ آهن ۽ حڪومت انهن کي خانگائي هڪ اهم قدم کڻي رهي آهي. جيڪڏهن حڪمرانن جي سڀني انگن اکرن کي ڏسجي ته جيڪي به ادارا حڪومت لسٽ ۾ شامل ڪيا آهن انهن ۾ اڪثريت انهن اداران جي آهي جيڪي هڪ وڏي عرصي کان ملڪي معيشت کي ترقي ڏيندا رهيا پر بيورو ڪريسي جي وڌندڙ حوس ۽ حڪمرانن جي لالچي ذهنيت جي ڪري هاڻي اهو محسوس پيو ٿئي ته جيئن انهن ادارن کي شعوري طور تي تباهه ڪيو ويو آهي. جنهن جو سڀ کان وڏو مثال پاڪستان ريلوي آهي، ريلوي 1977ع تائين هڪ منافعو ڏيندڙ ادارو هيو، 1960ع کان 1977ع تائين ريلوي ساليانو 487 ملين رپين جو منافعو ڏيڻ وارو ادارو رهيو، جيڪو 130000 خاندانن کي سڌي ۽ 40 هزار ٻين ماڻهن کي اڻ سڌي طرح روزگار ڏيندو هيو، گذريل ڏهاڪن ۾ ڇانٽين کان پوءِ هاڻي ريلوي جي ڪل ملازمن جو انگ 75000 وڃي بچيو آهي، جڏهن ته 20 هزار ماڻهو ٻين حوالن سان هينئر به ان اداري مان روزگار حاصل ڪري رهيا آهن. اڄ کان 53 سال اڳ 1960ع ۾ جڏهن عوامي جمهوريه چين جو اڳواڻ چو اين الائي پاڪستان جو دورو ڪيو هو ۽ ان دوري جي دوران ان مغلپورا ريلوي ورڪشاپ لاهور کي ڏسي پنهنجي حيراني ۽ خواهش جو اظهار ڪندي هن چيو هيو ته “هڪ ڏينهن ايندو جڏهن چين به اهڙي ترقي ڪندو”. چين جي منصوبا بند معيشت ته چو اين الائي جي ان ڳالهه کي حقيقت بڻايو پر پاڪستان جي حالت اهڙي ٿي چڪي آهي جو هاڻي پاڪستان انهي چين کان هاڻي ريلوي انجڻيون ۽ ڪوچون خريد ڪري رهيو آهي.
نواز ليگ حڪومت جن نعرن تي پنهنجي اليڪشن مهم هلائي هئي انهن ۾ هڪ اهم نعرو IMF جو ڪشڪول ٽوڙڻ ۽ انهن وٽ قرض لاءِ نه وڃڻ جو هو پر هاڻوڪي قرض قسط ان ڳالهه کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته نواز ليگ پنهنجا سڀئي خدائي دعوى هاڻي هڪ هڪ ڪري وساري رهي آهي، بجلي جي لوڊشيڊنگ کان وٺي مهانگائي تائين عوام جو ڪو به مسئلو حل ٿيڻ بجاءِ شدت اختيار ڪري چڪو آهي. معشيت جي بحالي جون ڳالهيون ڪيون ويون پر ڪا بهتري اچڻ بدران معيشت وڌيڪ تباهي جو شڪار ٿي آهي. موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڏينهون ڏينهن ايتري تيزي سان اربين رپيا ڇاپيا ويا آهن جو هاڻي ته انهن وٽ پرنٽنگ مشينون به گهٽ پئجي ويون آهن، هن وقت ملڪي معيشت جي حالت ايتري ته نازڪ آهي جو پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 2.9 ارب ڊالر تائين وڃي پهتا آهن جيڪا 2001ع کانپوءِ سڀ کان گهٽ سطح آهي ۽ هن رقم سان حڪومت صرف ٻن هفتن جون ضروري شيون درآمد ڪري سگهي ٿي، معيشت جي اهڙي صورتحال ۾ حڪومت کي پنهنجون عياشيون پوريون ڪرڻ لاءِ سواءِ نجڪاري جي ڪو ٻيو رستو نظر نه پيو اچي، شروعاتي ڪجهه مهينن تائين انهن ڪرنسي ڇاپي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر حڪمرانن جي وڌندڙ حوس سبب هاڻي اها دولت به گهٽ پئجي وئي آهي، ن ليگ جي هاڻوڪي حڪومتي دور ۾ روزانو ڪرنسي ڇاپڻ ڪري رپئي جي قدر ۾ جيڪا گهٽتائي آئي آهي ان جي ڪري پاڪستان جي پرڏيهي قرضن ۾ 403 ارب رپين جو اضافو ٿي چڪو آهي ۽ ناڻي واڌ  (Inflation)۾ اضافي سبب عوام ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن حڪومت ڪرنسي ڇاپڻ جي شرح کي وڌائي ٿي ته سڄو معاشي توازن خراب ٿي ويندو ۽ حڪومت کي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ جيڪو فوري ڪيش کپي ٿو ان لاءِ وري آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ آءِ ايم ايف لازمي طور تي جن شرطن تي قرض ڏيندو اهو نجڪاري جي ذريعي اداران کي کپائڻ، ڊائون سائزنگ ۽ ٻين سبسڊيز جو خاتمو هوندو ۽ حڪومت جي پلاننگ سازن وٽ  اهو ئي سڀ کان بهتر حل آهي. پي آءِ اي، هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس ۽ نيشنل پاور ڪنسٽرڪشن ڪمپني لميٽيڊ جي شيئرز کان ملڻ واري رقم کانسواءِ حڪومت کي بي بي سي جي رپورٽ مطابق پاڪستان پيٽروليم جي 5 سيڪڙو شيئرز وڪڻڻ سان 2 ارب رپيا، آئل اينڊ گئس ڊويلپمينٽ ڪمپني لميٽڊ جي 10 سيڪڙو شيئرز سان 70 کان 80 ارب، يونائيٽڊ بينڪ لميٽڊ جي 10 سيڪڙو شيئرز سان 15 ارب، حبيب بئنڪ لميٽڊ جي 20 سيڪڙو شيئرز سان 40 کان 50 ارب رپيا ۽ الائيڊ بينڪ جي 10 سيڪڙو شيئرز کپائڻ سان 10 ارب رپيا ملڻ جي اميد آهي ۽ انهي اميد تي حڪومت تيزي سان نجڪاري جو حملو ڪري رهي آهي.
انهن ادارن جي نجڪاري سان حڪومت ملڪ جي منافعو ڏيندڙ ادارن کي ڀڳڙن جي مٺ عيوض وڪڻي ڇڏيندي، ميڊيا وسيلي اها ڳالهه عوام تائين پهچائي پئي وڃي ته شايد نجڪاري سان مسئلا حل ٿي ويندا پر  اڄ کان پهرين حڪومت جيڪي به ادارا (KESC, PTCL, HBL, MCB) نجي شعبن حوالي ڪيا آهن انهن سان مسئلا حل ٿيڻ بدران ٻيڻا ٿي چڪا آهن، ۽ اهي ڪمپنيون جيڪي انهن ادارن کي خريد ڪنديون آهن اهي پورهيتن جي استحصال ذريعي ڪروڙين ڊالر ڪمائي ٻاهر موڪلنديون آهن ۽ ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر ٿيندي ويندي آهي. پي آءِ اي جي 26 سيڪڙو شيئرز کي نجي شعبي حوالي ڪرڻ سان فوري طور تي ڊائون سائيزنگ ذريعي هزارين پورهيتن کي بيروزگار ڪيو ويندو جنهن سان ملڪ ۾ جيڪا پڙهيل لکيل نوجوانن جي هڪ وڏي فوج بيروزگار ويٺي آهي ان ۾ واڌ ٿيندي. هاڻي جيڪڏهن پي آءِ اي جي موجوده صورتحال تي ڳالهائجي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته 1970ع واري ڏهاڪي ۾ دنيا ۾ بهترين ايئرلائينز ۾ شمار ٿيندڙ هي ادارو اڄ ڇو 170 ارب رپين جي خساري جو شڪار آهي؟ جيڪڏهن تاريخي طور تي ڏسجي ته پي آءِ اي جي تباهي ضياءِ جي دور کان شروع ٿي هئي جڏهن ڪرپٽ، نان ٽيڪنيڪل ۽ نااهل ماڻهن کي اداري جو چيئرمين ۽ ايم ڊي مقرر ڪيو ويو هيو، جهازن جي خريداري ۾ اربين رپين جي ڪميشنون حاصل ڪيو ويون، جهازن جي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ پسئا خرچ ڪرڻ بدران پنهنجن ڪميشنن کي برقرار رکڻ لاءِ انهن کي پنهنجن حال تي ڇڏي ڏنو، ۽ ڏينهنون ڏينهن جهازن جي حالت بد کان بدتر ٿيندي رهي، ان سان گڏوگڏ پورهيتن جي نمائنده يونينن تي پابندي هڻي يونين سان لاڳاپيل پورهيتن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو، آمريت کان پوءِ جمهوريت به هن اداري سان ڪجهه بهتر نه ڪيو ۽ جمهوريت پي آءِ اي سان اهو ئي سلوڪ ڪيو جيڪو هڪ پيءُ جي سڄي زندگي جي ڪمائي سان هڪ عياش پٽ ڪندو آهي. هن وقت به پي آءِ اي کي حڪومت ڄاڻي واڻي خساري ۾ ڏيکاري رهي آهي ته جيئن هو هن جي نجڪاري ڪن. جيڪڏهن حڪومت چاهي ته هن وقت به پي آءِ اي کي هڪ منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائي سگهي ٿي، پي آءِ اي هڪ انتهائي قيمتي ادارو آهي ٽيڪنيڪي سهولتن سان گڏوگڏ هن اداري جي ملڪيت ۾ سڄي دنيا ۾ ڪيترائي قيمتي هوٽل پڻ آهن، صرف آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ ئي پي آءِ اي جي ملڪيت ۾ هلندڙ هوٽل روز ويلٽ جي قيمت 300 ملين ڊالر (تقريبا 31 ارب رپيا) کان وڌيڪ آهي. اهڙا ئي ٻيا به ڪيترائي قيمتي هوٽل آهن، ان سان گڏوگڏ پي آءِ اي انويسٽمينٽ لميٽڊ جي ملڪيت ۾ سڄي دنيا ۾ ڪيتريون ئي ملڪيتون آهن. پاڪستاني بيوروڪريسي ملڪ جي سڀني اداران کي پهنجي حوس جو نشانو بڻائي تباهه ڪندي پئي وڃي صرف پي آءِ اي ۾ ئي ڏسجي ته بيوروڪريسي مختلف نجي ڪمپنين کي پي آءِ اي جي روٽس تي ملڪي جهاز هلائڻ بدران انهن کان ڪميشنون وٺي انهن کي اهي روٽس حوالي ڪيا آهن جنهن ذريعي اهي ايئر لائينز ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيون آهن، اهڙي ئي بيوروڪريسي ۽ ڪرپٽ انتظاميا جي ڪري ئي ملڪ جا سڀئي منافعو ڏيندڙ ادارا اڄ تباهي جو شڪار آهن.
اسان جي ملڪ جا ڪجهه نام نهاد “باشعور معيشت دان” پڻ حڪومت جي نجڪاري واري حملي سان گڏ آهن ۽ انهن جو خيال آهي ته جيڪي ادارا حڪومت کي نقصان پهچائن ٿا انهن کي وڪڻڻ ۾ ڪو مسئلو ڪونهي، پر جيڪڏهن اڳ ۾ نجي شعبن ۾ ڏنل ادارن جي صورتحال کي ڏسجي ته پي ٽي سي ايل ۾ نجڪاري کان اڳ 72 هزار ملازم هيا هاڻي اهي 18 هزار رهجي ويا آهن، اهڙي ريت ڪي اي ايس سي جي صورتحال ڏسي سگهجي ٿي جتي هزارين پورهيتن کي بيروزگار ڪيو ويو. نجڪاري جي هن حملي سان بيروزگاري سان گڏوگڏ مهانگائي ۽ ٻين معاشي مسئلن ۾ تيزي ايندي، امير ۽ غريب جي وچ ۾ تفريق وڌندي ۽ عوام جي معاشي ۽ سماجي بدحالي ۾ اضافو ٿيندو.
 اهڙي صورتحال ۾ پي آءِ اي سميت سڀني ادارن جي ملازمن لاءِ اهو لازمي آهي ته هو هن نظام خلاف پنهنجي ويڙهه کي تيز ڪندي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين ڇو ته مسئلو ڪنهن هڪ اداري جو نه پر هن سرمائيداراڻي نظام جو آهي جيڪو منافعي خوري تي ٻڌل هڪ لالچي نظام آهي، هن نظام ۾ ڪنهن به اداري يا جنس کي ٺاهڻ جو مقصد انساني ضرورتون نه پر منافعو ڪمائڻ هوندو آهي، پي ٽي سي ايل جي نجڪاري جو فيصلو هڪ آغاز آهي، اڳتي هي حڪومت ڪيترائي اهڙا وحشياڻه حملا ڪندي، هو پورهيتن کي تقسيم ڪرڻ لاءِ ڪڏهن مذهب، قوم، لساني حربه استعمال ڪندا پر ڪو به ادارو انهن حملن جو اڪيلو مقابلو نٿو ڪري سگهي. هن ڪري ان طبقاتي جدوجهد ۾ سڀني پورهيتن کي متحد ٿي ويڙهه ڪرڻي پوندي ۽ هن نظام کي ڊاهي هڪ سوشلسٽ رياست قائم ڪرڻي پوندي جتي شين کي ٺاهڻ جو مقصد منافعو نه پر انساني ضرورت ۽ سماج کي اڳتي وڌائڻ هوندو.

TAGS: , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment