”اسين مري وينداسين پر اسپتالن جي نجڪاري نه ٿيڻ ڏينداسين“ دادو ۾ احتجاجي ڌرڻو

| رپورٽ : راجا رفيق پنهور |
5dadu 1 جنوري 2016 تي سنڌ جي 219 سول اسپتالن جي نجڪاري خلاف سوين ملازمن پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسي ايشن جي مرڪزي صدر نياز حسين ڀٽو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري محمد شريف پالاري ۽ راجا رفيق پنهور جي قيادت ۾ دادو سِول اسپتال ۾ صبح 10 وڳي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسي ايشن سميت پي ايم اي، دادو پريس ايسوسي ايشن، مليريا ملازمن جي يونين، ليڊي هيلٿ ورڪرز، مڊوائف اسڪول جا ملازم، بيروزگار نوجوان تحريڪ، پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفيس ڪيمپئين، پرائمري ٽيچرز ايسوسي ايشن، ايپڪا، ايس اي ايس، هائي ويز ايمپلائيز ايسوسي ايشن، واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ سينٽرل ليبر يونين ۽ چئن ئي تعلقن جا ويڪسينيٽرز شامل هئا.
dadu 2ڌرڻي کي مختلف يونين جي اڳواڻن جنهن ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسي ايشن جي مرڪزي صدر نياز حسين ڀٽو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري محمد شريف پالاري، راجا رفيق پنهور، PTUDC جي صوبائي صدر انور پنهور، پ ٽ الف جي عنايت جمالي، واپڊا جي ضمير ڪوريجو، BNT جي خالد جمالي، ڊاڪٽرن جي اڳواڻ امجد مستوئي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسين سِول اسپتالن کي اين جِي اوز جي حوالي ڪرڻ واري شرمناڪ عمل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. نياز حسين ڀُٽي ۽ محمد شريف پالاري چيو ته جيڪڏهن نجڪاري وارو عمل نه روڪيو ويو ته اسين سڄي سنڌ جي سِول اسپتالن جا ملازم سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو ڏينداسين ۽ وري به جيڪڏهن هي شرمناڪ عمل نه روڪيو ويو ته اسين سڄي سنڌ جون اسپتالون بند ڪري ڇڏينداسين پر ڪنهن به صورت ۾ اسپتالن کي اين جي اوز جي حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين. انور پنهور خطاب ڪندي چيو ته اسان جي حڪمرانن عالمي سامراجي ادارن ورلڊ بينڪ ۽ آئي ايم ايف جي ايجنڊا تي عمل ڪندي واپڊا، پي آئي اي، ريلوي، اسٽيل مل ۽ هاڻي سِول اسپتالن جي نجڪاري ڪري رهيا آهن. اسين سمجهون ٿا ته هي رياست تعليم، روزگار ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ کان قاصر هئي پر هاڻي صحت جهڙي بنيادي سهولت به عوام کان کسي رهي آهي. سِول اسپتال دادو ۾ ڌرڻي کانپوءِ دادو پريس ڪلب تي پڻ ڌرڻو هنيو ويو.

TAGS: , , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment