ڪابل ۾ عوامي تحريڪ جو اُڀار

| تحرير : حسن جان، ترجمو : تنوير حيدر |
گذريل مھيني افغانستان ۾ ڪيترائي وڏا واقعا پيش آيا۔ ھزاره ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ ست ماڻھن کي ذبح ڪيو ويو، جن ۾ 9 سالن جي ھڪ ٻارڙي ۽ ٻارڙو به شامل ھئا، ان واقعي خلاف لکين ماڻھو ڪابل جي گھٽين ۽ روڊن تي احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪري آيا۔
ان وڏي مظاھري ۾ افغانستان ۾ رھندڙ سڀني قومن ۽ مذھبن جا ماڻھو شامل ھئا۔ ھيءَ نه ختم ٿيڻ واري مذھبي بنياد پرستيءَ ۽ آمريڪي قبضي جي خلاف ھڪ وڏي بيچيني جي علامت ھئي۔ ’طالبان ڏوھ ڪندا آھن ۽ حڪومت حمايت ڪندي آھي‘ جھڙا نعرا ماڻھن جي ان خواھش جو اظھار آھن ته اهي نه صرف ھِن طرح جي بربريت ڪندڙن کي ختم ڪرڻ چاھين ٿا، پر ھُو ھن سياسي قيادت کان به ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاھين ٿا جيڪي اهڙن واقعن کي پنھنجن سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آھن۔
ھي دھشتگرد حملو، جنھن جي نتيجي ۾ تحريڪ جو آغاز ٿيو، ماڻھن کي فرقي ۽ نسل جي بنياد تي وڌيڪ ورھائڻ لاءِ ڪيو ويو ھو، پر اُن جي ابتڙ ھن عمل ماڻھن کي بنياد پرستيءَ ۽ فرقي واريت جي خلاف ھڪ ڪري ڇڏيو۔ اشرف غنيءَ جي قيادت ۾ بدعنوان سياسي قيادت ۽ سامراجي دلالن وٽ ماڻھن کي ڏيڻ لاءِ ڪجھ به ڪونه ھو ۽ انهي ڪري اهي تحريڪ جي نتيجي ۾ عوام کان وڌيڪ پري ٿي ويا۔
kabul1پھرين آڪٽوبر تي افغانستان جي صوبي غزني جي ويجھو ضلعي گيلان جي ڳوٺ رساني کان ھزاره قبيلي جي ست ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو۔ 7 نومبر تي افغانستان جي صوبي زابل کان انھن جون ڪنڌ ڪپيل لاشون مليون۔ مبينه طور تي ھن ڪم کي داعش جي ويڙھاڪن ڪيو ھو۔ ھن سال جي شروع ۾ ھزارہ ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ 31 ماڻھن کي ان وقت اغوا ڪيو ويو جڏھن اهي ايران کان محنت مزدوري ڪرڻ بعد افغانستان واپس اچي رھيا ھئا۔ ھلندڙ مھينن ۾ ھزاره ڪميونٽي جي اغوا جا واقعا تيزيءَ سان ھڪ ٻئي پٺيان ٿي رھيا آھن۔
ڪجھ اندازن مطابق ھزارہ، افغانستان جي 31 ملين آباديءَ جو 20 سيڪڙو آھن۔ لفظ ھزارہ فارسي زبان جي لفظ ھزار مان نڪتل آھي، جيڪو انھن زباني روايتن سان جڙيل آھي ته ھزارہ، چنگيز خان جي وچ ايشيا ۾ موڪليل ھزار فوجين جي نسل سان تعلق رکندڙ آھن۔ ھزارہ گھڻو ڪري شيعا مسلمان آھن ۽ ھُو فارسي زبان کي افغاني لھجي دري يا ھزارگي زبان ڳالھائيندا آھن۔
ھزارہ گھڻو ڪري افغانستان جي وچ واري علائقي ۾ رھندا آھن، جنھن کي تاريخي طور تي ھزارہ جات سڏيو ويندو آھي۔ ھاڻي ڪيترائي ھزاره، شھري علائقن جھڙوڪ ڪابل، مزار شريف ۽ ھرات ۾ به رھندا آھن۔ تاريخي طور تي اُنھن کي نسلي ۽ مذھبي ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو آھي۔ برطانوي سامراج ’ورھايو ۽ حڪمراني ڪيو‘ جي پاليسيءَ کي استعمال ڪري افغانستان ۾ نسلي نفرتن کي ھوا ڏني۔ امير عبدالرحمان (1880-1901ء) جي دؤر ۾ ھزارہ قبيلي سان تعلق رکندڙ ھزارين ماڻھن کي قتل ڪيو ويو۔ ھزارہ آباديءَ جي وڏي حصي کي ھجرت ڪرڻي پئي ۽ انھن جي زمينن ۽ جائيدادن کي ضبط ڪيو ويو۔ وڏي انگ ۾ ماڻھو ڪابل، برٽش بلوچستان ۽ ايران ھليا ويا۔ ان جي باوجود به ويھين صديءَ ۾ ھزارن مٿان لڳاتار ظلم جاري رھيو۔
پر انھيءَ دؤران 27 اپريل 1978ء تي افغان ثور انقلاب ٿيو۔ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان، افغان فوج ۾ پنھنجي ڪيڊرن جي ذريعي داؤد جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ۽ ھڪ انقلابي ڪائونسل ٺاهي وئي، جنھن افغانستان مان سرمائيداري ۽ جاگيرداريءَ جو خاتمو ڪري ڇڏيو۔ صحت ۽ تعليم جون سھولتون مفت ڪيو ويون۔ مقامي سردارن جي زمينن کي ضبط ڪري بي زمين ھارين ۾ ورهايون ويون۔ انقلابي ڪائونسل قومي ۽ نسلي اقليتن جي مسئلي کي به حل ڪيو۔ افغانستان جي سڀني نسلي گروھن کي برابر نمائندگي ۽ انھن کي ملڪ جي ٻين شھرين وانگر برابر شھرين جي حيثيت ڏني وئي۔ افغانستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سڀني شھرين کي برابر حيثيت ڏني وئي۔ پشتو ۽ دريءَ کانسواءِ باقي مقامي ۽ اقليتي زبانن جيئن ترڪمن، بلوچي، ازبڪي، نورستاني وغيرہ کي به سرڪاري حيثيت ڏني وئي ۽ انھن جي تعليمي نصاب کي انھن جي مادري زبانن ۾ ترتيب ڏنو ويو۔
ھن انقلاب سان اسلام آباد، تھران، رياض ۽ واشنگٽن ۾ خطري جون گھنٽيون وڄڻ شروع ٿي ويون۔ افغانستان ۾ ھن انقلاب جي ذريعي سرمائيداريءَ ۽ جاگيرداريءَ جو خاتمو ڪيو ويو ھو۔ ھن انقلاب پاڪستان، ايران، ھندوستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ پورھيت طبقي ۽ انقلابين کي حوصلو ڏنو۔ پاڪستان ۾ ضيا الحق جي فوجي آمريت لاءِ اڳ ۾ ئي عوام منجهه ڪاوڙ موجود هئي۔ افغانستان ۾ ٿيڻ واري تبديلي پاڪستان ۾ 1968-69ع جي دور ۾ ھڪ ٻئي انقلاب کي جنم ڏئي سگھي پئي۔ ھي پاڪستان جي حڪمران طبقن ۽ واشنگٽن لاءِ مٿي جو سُور ھو۔ آمريڪي سامراج اسلام آباد ۾ پنھنجن گماشتن جي ذريعي آپريشن سائيڪلون جو آغاز ڪيو۔ ھن آپريشن جو مقصد رجعتي مجاھدن کي رقم ڏئي ڪري مسلح ڪرڻ ھو ته جيئن پي ڊي پي اَي جي قيادت ۾ انقلابي حڪومت جو خاتمو ڪيو وڃي۔ ھي سي آئي اي جو اڃان تائين جو سڀ کان ڊگھو ۽ سڀ کان مھانگو آپريشن ھو۔ ھن جو آغاز 1980ع ۾ 20 کان 30 ملين ڊالر جي فنڊنگ سان شروع ٿيو ۽ 1987ع ۾ 630 ملين ڊالر تائين پھچي ويو۔ ايڏي وڏي رقم کي منشيات ۽ ھيروئين جي تجارت جي ذريعي پورو ڪيو ويو۔
آمريڪي سامراج ۽ ان جا علائقائي گماشتا اھڙي جِن جي پرورش ڪري رھيا ھئا جنھن جو ھڪ خاص مقام تي پھچي ڪري انھن جي وس کان ٻاھر ٿي وڃڻ ممڪن ھو ۽ پنھنجن آقائن لاءِ خطرو به۔ 1992ع ۾ ڊاڪٽر نجيب اللہ جي استعفى کان پوءِ اھي ئي مجاھد فرقي، نسل ۽ مذھب جي نالي تي پاڻ ۾ پاڳل ڪتن جيان وڙھڻ شروع ٿي ويا۔ يقيناً انھن جي وچ ۾ اصل ويڙھ علائقن تي قبضو ڪرڻ ۽ انھن علائقن کان حاصل ٿيڻ واري آمدني تي ھئي۔ آمريڪي سامراج انھن مجاھدن ۽ جنگي سردارن کي انقلاب کي شڪست ڏيڻ لاءِ تخليق ڪيو ھو پر لازم ناھي ته ھيءَ جِن ھميشه پنھنجي آقائن جي اشارن تي نچي۔ ھن عمل جو ھڪ پنھنجو ئي منطق آھي۔
ان ئي دوران انقلاب کي شڪست ٿي وئي۔ انقلاب جي سڀني حاصلاتن کي تباھ ڪيو ويو۔ خانه جنگيءَ جي دؤران انفراسٽرڪچر کي ٿيندڙ نقصانن جي حوالي سان افغانستان سؤ سال پٺتي ھليو ويو۔ ماضيءَ جون سڀ نفرتون ۽ تعصب ٻيھر منھن ڪڍڻ لڳا۔ سامراجي مداخلت سان مذھبي ۽ نسلي اقليتن تي ٿيندڙ جبر وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو۔ طالبان جي چوڌاري اڀرڻ واري نئين وحشت ہزاره کي ڪافر قرار ڏئي انھن جي خلاف جھاد جو اعلان ڪيو۔ 1990ع جي ڏھاڪي ۾ ھزارن تعداد ۾ ھزارہ قبيلي جي نسل ڪشي ڪئي وئي۔ ردِ انقلاب جي ڪاميابي جي قيمت افغان عوام هن طرح ادا ڪئي۔ پورو افغان سماج ھن وحشت جي ور چڙھي ويو۔ پر ھڪ طبقاتي سماج جنھن تي پٺتي پيل جاگيرداراڻي سوچ حاوي ھجي، اُتي نسلي ۽ مذھبي اقليتون سڀ کان وڌيڪ ھن وحشت جو شڪار بڻجنديون آھن۔
2001ع ۾ آمريڪي سامراج ۽ ان جي اتحادين جي ’جمھوريت‘ ۽ ’دھشتگردي جي خلاف جنگ‘ جي نعرن تي افغانستان مٿان حملي جي ڪري حالات بد کان بدتر ٿي ويا۔ ان حملي سان افغانستان جي خانه جنگي پاڪستان تائين ڦھلجي وئي ۽ اتي به تباھيءَ جي شروعات ٿي۔ پر ان حملي کان پوءِ ٻيا کلاڙي به ميدان ۾ لھي آيا۔ مختلف ملڪ افغانستان جي بي پناھ قدرتي وسيلن تي نظرون ڄمائي ويٺا ھيا۔ چين انھن ۾ سڀ کان اڳيان ھو۔ جيئن ته افغانستان ۾ ڪا به مضبوط ۽ مستحڪم مرڪزي حڪومت نه ھئي، جيڪا پوري ملڪ تي حڪمراني ڪري سگھي، ان ڪري مختلف سامراجي طاقتن پنھنجن پنھنجن مفادن لاءِ مختلف طالبان گروپن سان لاڳاپا قائم ڪيا۔ پاڪستان، ھندوستان، سعودي عرب ۽ ايستائين جو ايران به پنھنجن مفادن لاءِ پنھنجي پنهنجي طالبان پراڪسي جي حمايت ڪندا آھن۔
گذريل ٽن ڏھاڪن ۾ افغان عوام سامراجيت ۽ بنيادپرستيءَ جي ھٿان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آھي۔ انھن اسلامي بنياد پرستن جي منافقت ۽ شريعت جي نالي تي عورتن ۽ اقليتن تي ظلم کي به ڏٺو آھي۔ حقيقت ۾ طالبان ڏوهارين جو ھڪ ٽولو آھي، ڪو منظم گروھ ناھي، ھي مختلف سامراجي ملڪن سان سلهاڙيل غنڊن ۽ مجرمن جي مختلف گروھن جو نالو آھي۔ داعش جو اُڀرڻ ۽ مختلف طالبان گروھن جي پاڻ ۾ ويڙھ ھالي ووڊ جي ڪنھن فلم ۾ گينگ وار جھڙي آھي، جنھن ۾ ھر گروه ڪنھن علائقي تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ته جيئن ان علائقي ۾ منشيات ۽ ڀتا خوريءَ سان ٿيڻ واري آمدني تي قبضو ڪري سگھي۔ ھي سڀ افغاني عوام جي سامھون وائکا ٿي چڪا آھن۔ حقيقت ۾ 2001ع ۾ اهي آمريڪي حملي کان پھريان به وائکا ٿي چڪا ھئا۔ 2001ع ۾ طالبان جي سماجي حيثيت اھڙي ھئي ته جيڪڏهن آمريڪا حملو نه ڪري ھا ته جلد ئي افغاني عوام پاڻ طالبان جي جابر حڪومت جو خاتمو ڪري ڇڏي ھا۔
kabul2ہزارہ آباديءَ جي ست بي گناھ ماڻھن جي قتل جي خلاف اُڀرڻ واري ھي تحريڪ نسلي ۽ مذھبي تعصب جي خلاف ڏک ۽ ڪاوڙ جي علامت آھي۔ پر ھن دفعي معاملو ڪجھ مختلف ھو۔ ڪابل ۽ ويجهن شھرن کان ھزارين ماڻھو گاديءَ واري شھر جي گھٽين ۽ روڊن تي نڪري آيا۔ مظاھرو ڪندڙن جا نعرا بلند شعوري سطح ۽ سياسي بيداريءَ جي عڪاسي ڪري رھيا ھئا۔ اھڙا نعرا لڳايا پئي ويا ته جيئن ھزارہ سان گڏوگڏ ٻين قوميتن جي ماڻھن کي به مظاھري ۾ شامل ڪري سگهجي ۽ تحريڪ کي پوري ملڪ ۾ ڦھلايو وڃي۔ ۽ اُھي ان ڪم ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ عام پشتونن، تاجڪن ۽ ازبڪن جي وڏي تعداد مظاھري ۾ شرڪت ڪئي۔ لکين ماڻھو صدارتي محل جي ٻاھران جمع ٿي ويا ۽ قتل ٿيڻ وارن ہزارن جي لاءِ انصاف جي تقاضا ڪئي۔
جڏھن مظاھرو ڪندڙن جي نمائندن ۽ حڪومت جي وچ ۾ صدارتي محل اندر ڳالهيون ٿي رھيون ھيون ته ھڪ پراڻو جھادي خودغرض ہزارہ اڳواڻ محمد محقق مظاھرو ڪندڙن کي گھٽيءَ جي غنڊن سان تشبيهه ڏني۔ ان بي عزتيءَ سان مظاھرو ڪندڙ وڌيڪ ڀڙڪي ويا ۽ ان خود غرض اڳواڻ جي خلاف شديد نعري بازي شروع ٿي وئي۔
مظاھرو ڪندڙ حڪومت ۽ طالبان جي ڳٺ جوڙ جي خلاف به نعرا لڳائي رھيا ھئا۔ ’طالبان جرم ڪندا آھن، حڪومت حمايت ڪندي آھي‘، ’پشتون ۽ ھزارہ بھائي بھائي آهن‘، ’آئون هڪ هزاره پشتون آهيان‘، ’صدارتي محل مردہ باد‘ جھڙا نعرا لڳايا پئي ويا.
حقيقت ۾ موجوده حڪومت اڳوڻن جھادين، جنگي سردارن ۽ جرم ڪندڙ ماڻھن جي حڪومت آھي. انھن جو افغاني عوام سان ڪو تعلق ناھي۔ انھن کي سامراج، عوام مٿان مڙهيو آھي۔ انھن جھادي غنڊن خلاف عوام ۾ شديد ڏک ۽ ڪاوڙ آھي۔ ان ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪجھ سال پهرين ان وقت ٿيو هو جڏھن 2012ع ۾ ڪابل ايجوڪيشن يونيورسٽي جي نالي کي اڳوڻي جھادي برھان الدين رباني جي نالي تي رکيو ويو۔ يونيورسٽيءَ جي شاگردن، جنھن ۾ پشتون، ھزارہ، ازبڪ، تاجڪ ۽ ٻين قومن جا ماڻھو شامل ھئا، يونيورسٽيءَ جي نالي کي ھڪ جھادي مجرم جي نالي تي رکڻ جي خلاف سخت احتجاج ڪيو ھو۔
ھاڻوڪو احتجاج صرف ھزارہ جي قتل عام جي خلاف نه ھو۔ افغاني عوام ۾ موجودہ ناقابلِ برداشت حالتن جي خلاف شديد ڏک ۽ ڪاوڙ موجود آھي۔ ماڻھن جي وڏي تعداد بيروزگار آھي، ملڪ ۾ منشيات جي ڪاروبار کان علاوہ ڪو خاص معاشي سرگرمي نه آھي۔ افغانستان کي سامراج برباد ڪري پٺتي ڌڪي ڇڏيو آھي۔ افغاني عوام کي صحت ۽ تعليم جون سھولتون ميسر نه آھن۔ ھزارين افغاني بھتر زندگيءَ خاطر ملڪ ڇڏي رھيا آھن۔ اڪثر يورپ وڃي رھيا آھن پر يورپ پاڻ سرمائيداريءَ جي زوال جي ڪري مشڪلن ۾ ٻڏل آھي۔ ھاڻوڪن ڏينھن ۾ افغان ۽ جرمن حڪومتن جرمنيءَ مان افغاني مھاجرن کي ملڪ بدر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ھو۔ ھيءَ يورپ جي سڀ کان وڏي طاقتور معيشت جي حالت آھي۔ باقي ننڍين ۽ ڪمزور يورپي معيشتن جي ڇا حالت ھوندي۔ اولهه جي سرمائيدارن جو افغانستان ۾ پنھنجي ڪيل گند کي صاف ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪونھي۔
سرمائيداريءَ جي حدن جي اندر رھندي افغانستان جو مسئلو ڪڏھن به حل نٿو ٿي سگھي۔ آمريڪي پُٺڀرائي ۾ ’جمھوريت‘ وارو منصوبو بُريءَ طرح ناڪام ٿي چڪو آھي۔ ھي مظاھرا اولهه جي ملڪن ۾ موجود ان تاثر جي به نفي ڪن ٿا ته افغانستان جا ماڻھو بنياد پرست آھن ۽ مختلف نسلي گروپن جي وچ ۾ ويڙهه افغانين جو معمول آھن۔ ھي مظاھرا افغانستان جي مختلف ۽ اصلي تصوير پيش ڪن ٿا، جيڪي يڪجھتي، اتحاد، ڀائيچاري ۽ محبت جي تصوير آھي۔ افغانين جي وچ ۾ ان يڪجھتي ۽ ڀائيچاري کي صرف سرمائيداري کي پٽي اُڇلڻ سان ئي قائم رکي سگھجي ٿو۔ افغانستان جي مسئلي جو حل صرف ۽ صرف اعلى پيماني تي ھڪ نئون ثور انقلاب آھي۔

TAGS: , , , , , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment