”قائد اعظم يونيورسٽي جي وائس چانسلر جي پگهار هڪ غريب مزدور جي برابر ڪئي وڃي“ پروگريسو يوٿ الائنس

| رپورٽ: PYA |
poor-need-not-study-in-qau-vc-1450826860-7889قائداعظم يونيورسٽي جي وائس چانسلر جاويد اشرف جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي پروگريسو يوٿ الائنس PYA جي چيئرمين فرحان گوهر مطالبو ڪيو آهي ته وائس چانسلر جي پگهار غريب مزدور جيتري ڪئي وڃي ته جيئن ان جي عقل ٺڪاڻي اچي. ياد رهي ته قائداعظم يونيورسٽي جي فيسن ۾ وڌيڪ 30 سيڪڙو جو اضافو ڪيو پيو وڃي ۽ BS جا شاگرد 50 هزار تائين فيس ادا ڪري رهيا آهن، ايترين فيسن جي باوجود بنيادي سهولتون يونيورسٽي ۾ اڻلڀ آهن ۽ هاسٽلن ۾ گرم پاڻي به ميسر ناهي. ڪجهه ڏينهن پهرين جڏهن شاگردن ان جي خلاف احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ته وائس چانسلر جاويد اشرف جو چوڻ هو ته غريبن جا ٻار هن يونيورسٽي ۾ نه اچن.
پروگريسو يوٿ الائنس PYA جي انفارميشن سيڪريٽري ونود ڪمار جو چوڻ هو ته وائس چانسلر جهڙي اهم عهدي تي موجود شخص پاران اهڙو بيان حڪومت ۽ رياست جي غريب عوام ڏانهن رويي کي بي نقاب ڪري ٿو، حڪمران غريبن کي زنده دفنائڻ چاهين ٿا. PYA جي مرڪزي آرگنائزر عمران ڪميانه جو چوڻ آهي ته 3 هزار ارب رپيا هر سال آءِ ايم ايف ۽ ”دفاع“ جي نالي تي لٽايا پيا وڃن ۽ تعليم جي ڳالهه ٿئي ٿي ته هي حڪمران چون ٿا ته پئسا ڪونه آهن، تعليمي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي يا فيسون خانگي ادارن جي برابر ڪيون پيون وڃي، هاڻي حالتون هي ٿي چڪيون آهن ته حڪمران کلي ڪري چون پيا ته تعليم غريب عوام جو حق ناهي. انهن وڌيڪ چيو ته PYA قائداعظم يونيورسٽي جي شاگردن سان گڏ آهي. تعليم جي بجٽ ۾ 10 گنا اضافي ۽ هر سطح تي تعليم جي مفت فراهمي جي جدوجهد جاري رکي ويندي.

TAGS: , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment