سنڌ ۾ ”انقلابي هاري جدوجهد” جي قيام جو اعلان

[رپورٽ: ڪامريڊ محمد خان پنهور]
8hari-conference جنوري تي دنيا جي پهرين سوشلسٽ انقلابي شهيد شاه عنايت واري ڏينهن جي مناسبت سان حيدرآباد ۾ انقلابي هاري جدوجهد پاران شهادت جو ڏهاڙو ملهايو ويو ۽ حيدرچوڪ کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين هارين جي وڏي ريلي ڪڍي ويئي. ريلي ۾ شريڪ هارين جي هٿن ۾ بينر ۽ ڏاٽي هٿوڙي وارا ڳاڙها جھنڊا کنيل هئا. پريس ڪلب ٻاهران شهيد شاهه عنايت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جلسو پڻ ڪيو ويو. جنهن ۾ سڀ کان پهرين انٽرنيشنل مارڪسسٽ ٽينڊنسي IMT ۽ طبقاتي جدوجهد جي سيڪشن ۾ انقلابي هاري جدوجهد نالي فرنٽ سنڌ ۾ جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ هڪ صوبائي باڊي پڻ چونڊي ويئي جنهن کان پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪيمپين PTUDC جي صوبائي صدر انور پنهور حلف ورتو، جنهن کي انقلابي هاري جدوجهد جي صوبائي صدر غلام الله سيلرو، نائب صدرحسين آريسر، جنرل سيڪريٽري زاهد علي زئونر، جوائنٽ سيڪريٽري شرجيل حسين شر، پريس سيڪريٽري محمد خان پنهور، خزانچي جبار علي زئونر، پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪيمپين جي موريل خان پنهور، ضمير حسين ڪوريجو، پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف يونين جي اڳواڻ پرشوتم، ڪامريڊ کبڙ، حنيف مصراڻي، اعجاز ٻگهيو ۽ انور پنهور پڻ خطاب ڪيو. هنن اڳواڻن چيو ته شاهه عنايت شهيد دنيا جو واحد پهريون سوشلسٽ انقلابي هيو. جنهن اڄ کان 300 سال اڳ ذاتي ملڪيت جي حق کي چيلينج ڪندي “جوکيڙي سو کائي” جوفڪري نعرو هنيو. شهيد اهو نه صرف فڪر ڏنو، پر انهي تي پاڻ عمل به ڪري ڏيکاريو ۽ ان وقت سماج اندر زراعت ئي پيداوار جو ذريعو هجڻ سبب ان هاري ڪميون ( پنچائت) پڻ قائم ڪئي، جنهن ۾ هارين سميت سماج جا سمورا انسان ڏاڍا سکيا گذاريندا هئا. اهي پاڻ ۾ گڏجي محنت هئا ۽ گڏجي کائيندا هئا. ڪو به غريب ۽ بکيو ڪو نه هيو. هنن چيو ته اڄ سرمائيداري نظام جي زوال پذيريءِ هڪ طرف سموري سماج کي اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ته ٻي طرف هن ملڪ جي زراعت کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت ڪمند، ساريون بصر ۽ ڪپهه ڪير به وٺڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهڪري هارين ۽ آبادگارن کي گهٽ قيمت ۽ ڀڳڙن مٺ تي پنهنجا فصل وڪرو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي تنهنڪري هن ملڪ جا هاري ۽ کيت مزدور فاڪه ڪشي جو شڪار ٿي ويا آهن. ٻج، تيل، بجلي، ڀاڻ ۽ دوائن جا اگهه ڳاٽي ٽوڙ آهن، وياج جي ڪاروبار جي ڀرمار ۽ سرڪاري سرپرستي نه هجڻ جي ڪري هارين کي نياڻين جهڙن پاڪ رشتن کي گروي رکڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته انهن سمورين حقيقتن مان ثابت ٿئي ٿو ته سرمائيدارن جو مارڪيٽ تي قبضو هجڻ جي ڪري هاري ڪيڏي به نقصان ۾ پون ته ڀلي پون پر سرمائيدار ۽ واپاري هن تباهه ٿيل زرعي شعبي مان به hari-conference-1خوب ڪمائي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته هي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جو نظام آهي. هنن وڌيڪ چيو ته جيستائين سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام زندهه رهندو تيستائين هارين جون مشڪلاتون ختم ٿي نه سگهنديون. ان ڪري هتي نجات جو واحد رستو شاهه عنايت شهيد جو فڪر “جوکيڙي سو کائي” آهي، جنهن جي وسيلي سرمائيداري ۽ جاگيرداري جي ذاتي ملڪيت رکڻ واري نظام کي ختم ڪري پورهيتن جوگڏيل محنت ۽ گڏيل صارفيت جو سوشلسٽ نظام قائم ڪرڻو پوندو. جنهن ۾ شاهه عنايت شهيد واريون هارين جون ڪميون ۽ پنچائتون قائم ڪيون وينديون. جلسي جي آخر ۾ قراردادون منظور ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري واهن جي پڇڙي تائين سمورن آبادگارن کي پاڻي پهچايو وڃي. ڪمند جو مقرر ڪيل اگهه 182 روپيا في مڻ تي عمل ڪرايو وڃي. سارين جي ٽي سي پي ذريعي خريداري ڪرائي وڃي. ملڪ جون سموريون جاگيرون ۽ فوجي زمينداريون ختم ڪري اهي زمينون مفت بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن.

TAGS: , , , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment