جو کيڙي سو کائي جو فڪر ۽ شاهه عنايت شهيد جي انقلابي جدوجهد

[انور پنهور]
انسان جي سماجي سفر ۾ جتي فطري ارتقا پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪيو آهي، اتي محڪوم طبقن جي انقلابن پڻ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. جيڪڏهن اهي انقلاب برپا نه ٿين ها ته اڄوڪي انساني سماج جو سفر مڪمل ٿي نه سگهي ها، ڇاڪاڻ ته انسانن جي هن سفر ۾ ڪائناتي ۽ فطري رڪاوٽون هجڻ بجاءِ حڪمران طبقي جون ذاتي مفادن تي مشتمل شعوري رڪاوٽون حائل رهيون آهن، جن کي ٽوڙڻ لاءِ ٻئي طبقي جون پڻ شعوري ڪوششون ٿيڻ لازمي هيون. جن کي ڪارل مارڪس طبقاتي جدوجهد جي تاريخ قرار ڏئي ٿو. انسانن جي انهي ارتقائي سفر ۾ غلامداري جي سماج جي دوران غلامن جي اڻکٽ بغاوتون شامل آهن ۽ آخرڪار روم جي سلطنت جي خلاف اڀريل بغاوت غلامن جو انقلاب ثابت ٿيو ۽ غلامداري جو باقائدي خاتمو ڪيو ويو. ان غلامداري سماج جي وجود مان جنهن نئين سماج جنم ورتو، اهو جاگيرداري سماج هو، جيڪو زمين جي ملڪيت ۽ هاريءَ جي پورهئي تي مشتمل هو. ان جاگيرداري سماج جي دوران به ڪيتريون ئي بغاوتون ٿيون. جن ۾ چين ۽ برصغير سميت سڄي دنيا جي مختلف خطن جون هاري بغاوتون شامل آهن، پر آخرڪار يورپ ۾ 1789ع وارو فرينچ انقلاب جاگيرداري نظام ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيو ۽ اتي جاگيرداري نظام جو خاتمو ٿيو ۽ هن نظام جي ڪکِ مان جنم وٺندڙ سرمائيداري نظام پنهنجا پير پختا ڪيا. تاريخ جي انهن هاري بغاوتن مان برصغير جي تمام وڏي ۽ شاندار بغاوت شاهه عنايت شهيد جي ميرانپور (جهوڪ)ڪميون واري تحريڪ به شامل آهي. جيڪا اوچي ڳاٽ سان پنهنجي فڪري ورثي سان اڄ به موجود آهي.
غلامداري دور کان هلندڙ رياست جي بيهڪ اها هئي، ته ان جي حڪمران بادشاهه کي پنهنجي حڪمراني هلائڻ لاءِ اهڙن ماڻهن جي ضرورت هئي، جيڪي عوام جي ڦرلٽ ڪرڻ ۾ کيس جو ساٿ ڏيئي سگهن. ان ئي بنياد تحت حڪمران طبقي جو ٽولو وجود ۾ آيو ۽ جاگيرداري نظام دوران ساڳئي رياست بادشاهت جي جهنڊي هيٺ ان رياست جي امير طبقي ۽ مختلف راڄن جي چڱن مڙسن کي زمينون ڏنيون وينديون هيون ۽ ان تي جيڪا زرعي ڍل وصول ٿيندي هئي، اها سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪئي ويندي هئي. جنهن کي حڪمران طبقا پنهنجي عياشي لاءِ استعمال ڪندا هئا. ان وقت موجوده سنڌ جي جاگرافيائي حدن اندر ننڍيون ننڍيون ڇهه رياستون قائم هيون، جيڪي هندستان جي مغل بادشاهت جون تعبيدار هيون ۽ انهن رياستن ۾ ٺٽي جي رياست پڻ شامل هئي. هن رياست جي اندر ميرانپور (جهوڪ) جي ننڍڙي وسندي ۾ شاهه عنايت نالي دنيا جو وڏو انقلابي به موجود هو. جنهن انساني تاريخ ۾ پهريون دفعو ذاتي ملڪيت کي چئلينج ڪري، “جو کيڙي سو کائي” جو نه صرف فڪري نعرو بلند ڪيو، پر انهي فڪر تي پاڻ عمل ڪندي، هارين تي مشتمل ڪميون به قائم ڪئي. جنهن ۾ هاري ڏاڍا سک سان گذاريندا هئا. ڇاڪاڻ ته فصل جي ديري تان هر هاري پنهنجي ضرورت مطابق اناج کڻندو هو ۽ باقي بچت ٿيل اناج هارين جي ڪميون ۾ جمع ڪرائيندو هو. جتان بي پهچ ۽ ضرورت مند ماڻهن جي حاجت پوري ڪئي ويندي هئي. هن ڪميون کي علائقي ۾ تمام ڀرپور موٽ ملي ۽ ايندڙ هر ڏينهن ان جي وسعت ۾ اضافو ٿيندو پئي ويو ۽ حڪمرانن کي يقين ٿي ويو ته جيڪڏهن ان کي نه روڪيو ويو، ته هارين جي اها انقلابي ڪميون موجوده سنڌ جي سرحدن کان وڌندي، ملتان ۽ دهلي جي سرحدن تائين ڦهلجي ويندي. اهڙي خوف نه صرف علائقي سمورن زميندارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون پر هندستان جي مغل حڪمرانن کي پڻ بيچين ۽ پريشان ڪري ڇڏيو. انهن جي حڪمن تحت ٺٽي جي گورنر اعظم خان ۽ خداآباد جي حڪمران يار محمد ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ جديد هٿيارن سان مسلح هزارن جي تعداد ۾فوج سان 13 آڪٽوبر 1717ع تي ميرانپور جي هارين جي ڪميون مٿان حملو ڪيو ۽ 1جنوري 1718ع تائين اها جنگ جاري رهي، پر پوءِ به حڪمران طبقن کي ڪاميابي ملي نه سگهي. آخرڪار حڪمرانن مجبور ٿي، مڪاري ۽ ڊوهه جو سهارو ورتو ۽ مذهبي طور پاڪ ڪتاب وچ ۾ آڻي، شاهه عنايت کي ڌوڪي سان گرفتار ڪيو ويو ۽ 8 جنوري 1718 ع تي کيس شهيد ڪيو ويو. ان سان گڏ25 هزارن کان وڌيڪ ڪميون جي انقلابين کي پڻ شهيد ڪيو ويو. ميرانپور (جهوڪ) جي هن هارين جي شاندار تحريڪ جو فڪري تسلسل جاري رهي سگهيو، پر وقت جي رجعتي ڪردارن جي ڪري اوجهل رهيو. پر اڄ شاهه عنايت شهيد جو فڪر “جو کيڙي سو کائي” سموري سماج جي پڪار بنجي چڪو آهي.
تاريخ جو سفر اتي نه رڪيو آهي، پر ان کان پوءِ هتي سرمائيداري نظام نه صرف پنهنجا پير پختا ڪيا، پر ٽن صدين جي سامراجيت جي جهنڊي هيٺ هڪ سگهاري سماج طور عالمي سطح تائين ڦهليو ۽ ننڍي کنڊ جي هن خطي ۾ برطانوي سامراج پنهنجي سامراجيت کي مضبوط سهارو ڏيڻ لاءِ هتي قانوني طور جاگيرداري نظام کي رائج ڪيو ۽ پنهنجي دلالن کي جاگيرون ڏنيون، جيڪي برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ ساڳئي صورت ۾ جاري رهيون. پاڪستان جي نام نهاد حڪمراني مٿان ساڳيا ئي جاگيردار چڙهي ويٺا. 1972ع جي زرعي رپورٽ موجب ملڪ جي 600 جاگيردارن وٽ 72 لک ايڪڙ زمين جا مالڪ هئا ۽ ان کان پوءِ جنم وٺندڙ بندوقباز فوجي جاگيردار ته هن ملڪ جا دائمي حڪمرانن سان گڏ هڪ ڪروڙ 18 لک 80 هزار ايڪڙن جي زمين جا مالڪ پڻ بنجي ويا آهن. هنن حڪمرانن جي مملڪت خداد پاڪستان موجوده سرمائيداري ۽ سامراجي نظام جي ڪمزور ڪڙي آهي، جيڪو نظام پنهنجو مدو به پورو ڪري چڪو آهي ۽ تاريخي طور هي نظام انساني ترقي ۽ خوشحالي کان وانجهيل نظام بنجي ويو آهي. جنهنڪري هن نظام جي بدن مان به هڪ نئين ۽ انساني برابري واري سوشلسٽ سماج کي جنم وٺڻو آهي، جنهن وسيلي ئي نه ذاتي ملڪيت جو خاتمو ٿي سگهندو زمين جي مالڪي جو حق به هارين کي ملي سگهندو. ان لاءِ پورهيت طبقي کي اڻٿڪ جدوجهد ڪرڻي آهي، پر پورهيت طبقي جي ان نئين سوشلسٽ سماج جي اڏاوت ڪرڻ تائين ٻين ڪيترين رڪاوٽن سميت جاگيرداري نظام جي باقيات پڻ وڏي رڪاوٽ بنيل آهي. ڇاڪاڻ سرمائيداري نظام جي وڏي خرابي اها هئي، ته ان جي دولت ڪمائڻ واري حوس هن سماج اندر ناهموار ترقي کي جنم ڏنو آهي. جنهنڪري هن ڌرتي جي گولي تي هڪ طرف 21 صدي کي ڇهندڙ جديد ترقي موجود آهي، ته ٻئي طرف جاگيرداري به موجود آهي، ته ساڳئي وقت قبائلي ۽ تمام پوئتي پيل سماج به موجود آهن، پر قبائلي سماجن کي تبديل ڪرڻ ۽ جاگيرداري باقيات کي ختم ڪرڻ لاءِ تاريخي طور هتي جن قومي جمهوري انقلابن کي برپا ٿيڻو هو، اهي انقلاب عالمي سامراجيت جي ڦهلاءَ جي سبب سواءِ يورپ جي باقي دنيا جي خطن کي نصيب نه ٿي سگهيا. جنهنڪري هتي قبائلي سماج سميت سمورا نظام پنهنجي باقياتن جي صورت ۾ موجود آهن. جنهڪري اهڙي منجهيل سماجي بيهڪ ۾ نئين سماج لاءِ جدوجهد ڪرڻ هڪ فڪري سوال ضرور آهي.ڇاڪاڻ ته ماضي وانگر هن وقت اڪيلي طور تي نه هاري تحريڪ هلائي سگهجي ٿي ۽ نه ئي ان جي ڪاميابي جو امڪان آهي. جڏهن ته هارين تي مشتمل مائوزيتنگ جي اڳواڻي ۾ 1949ع واري چيني انقلاب وارو تجربو به هاڻي پنهنجي ناڪامي کي پهچي چڪو آهي. تنهنڪري جاگيرداري باقيات، سرمائيداري ۽ سامراجي نظام مان نجات حاصل ڪرڻ جو واحد رستو روس جي بالشويڪ پارٽي جي اڳواڻي ۾ برپا ٿيل سوويت يونين جو سوشلسٽ انقلاب وارو ئي رستو آهي، جنهن ذريعي پورهيت طبقو قومي جمهوري انقلاب جا فرض پورا ڪندي، سوشلسٽ سماج جي اڏاوت ڪندو. جتي هميشهه لاءِ ۽ هر طرح سان انسان آزاد ۽ خوشحال هوندو. اهڙي سماج جي حاصلات لاءِ ملڪ جي هارين کي سمورن مزدورن، شاگردن، بيروزگارن، عورتن ۽ پيڙهيل طبقن سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ پوندي. پورهيتن کي وڃائڻ لاءِ زنجيرون ۽ کٽڻ لاءِ سڄي دنيا پئي آهي.

TAGS: , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment