لاھور: پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ جميعت جِي غنڊا گردي کي منھن ٽوڙ جواب

| رپورٽ: ميثم عباس |
جميعت جي غنڊا گردي تعليمي ادارن ۾ ھڪ ڊگھي وقت کان ھلي رھي آھي۔ شاگردن کي ڪنھن به قسم جي ھم نصابي، غير نصابي ۽ صحتمند ثقافتي سرگرمين ۾ شموليت ڪرڻ تي نه صرف ڌمڪايو ويندو آھي بلڪه اگر ڪو شاگرد ردِ عمل جو اظھار به ڪري ته ان کي شديد جبر ۽ تشدد کي منھن ڏيڻو پوندو آھي۔ اھڙو ئي ھڪ واقعو 11 ڊسمبر تي ان وقت پيش آيو، جڏھن پنجاب يونيورسٽي جينڊر اسٽڊيز جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ليڪچر کان پوءِ ڊپارٽمينٽ جي لان ۾ ويٺا ھئا۔ جميعت جي ڪجھ ھٿياربند غنڊن انهن شاگردن تي حملو ڪيو ۽ اُتي ويٺل شاگردن کي نه صرف تشدد ڪري زخمي ڪيو، بلڪه ڊپارٽمينٽ ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري باقي شگردن کي ڌمڪايو ۽ وڌيڪ خوف جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ جميعت جي نعري بازي ڪندا رھيا۔ جيئن ئي اھا خبر باقي شاگردن تائين پھتي ته ھڪ ڊگھي عرصي کان ھن غنڊا گرديءَ ۽ يونيورسٽي انتظاميه جي نااھليءَ کان تنگ شاگرد مختلف ڊپارٽمينٽس مان گڏ ٿيڻ شروع ٿيا۔ ڪاوڙ سان ڀريل نوجوانن جي ھن ميڙ يونيورسٽيءَ جي چوڌاري چڪر ھڻڻ شروع ڪيا ۽ جميعت جا جيڪي پالتو غنڊا ھٿ ايندا ويا تن جي پِٽائي به ٿيندي رھي۔ ان دؤران ھاسٽل جي ڪينٽين تي ويٺل ڪجھ ھٿين خالي شاگردن تي نقاب ويڙھيل ماڻھن حملو ڪيو ۽ انھن کي تشدد جو نشانو بڻايو۔ مشتعل شاگردن جو ميڙ وڌيڪ مڇرجي ويو۔ شاگرد، جميعت ۽ يونيورسٽي انتظاميه خلاف نعري بازي به ڪندا رهيا۔ آھستي آھستي ھي ميڙ ھڪ غير منظم احتجاج جي شڪل اختيار ڪندو ويو جنھن ۾ مختلف علائقائي ڪاؤنسلز، تنظيمون ۽ عام شاگرد به شامل ٿي ويا۔ شاگردن جي ڪاوڙ ڏسندي ئي جماعتي غنڊن يونيورسٽي کان ڀڄي جان ڇڏائي ۽ جيڪي يونيورسٽيءَ ۾ ڦاسي پيا انھن کي ھميشه وانگر پوليس گرفتاريءَ جي نالي تي مشتعل شاگردن کان تحفظ فراھم ڪيو۔ ان جي باوجود شاگرد تقريباً پورو ڏينھن احتجاج ڪندا رھيا ۽ يونيورسٽيءَ جي سامھون وارو رستو به بلاڪ ڪيو۔
جميعت جي غنڊا گرديءَ، سڄو سال يونيورسٽيءَ ۾ جاري رھندي آھي ۽ جيڪڏهن شاگرد ڪنھن ادبي يا ثقافتي سرگرميءَ کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته انھن کي ڌمڪيون ڏنيون وينديون آھن۔ ان صورتحال ۾ يونيورسٽي انتظاميه اھڙن عنصرن خلاف ڪا به ڪاروائي ڪرڻ بدران جائزو ۽ تفتيشي ڪميٽين جي نالي تي متاثر ٿيل شاگردن کي ئي ذھني اذيت ۾ مبتلا ڪري رکي ٿي۔ انھن دھشتگرد ۽ بنياد پرست عنصرن خلاف ھر ھر اُٿڻ وارن شاگردن جي آوازن ۽ احتجاجن سان ھي واضح ٿئي ٿو ته شاگردن ۾ انھن عنصرن جو ڪو به بنياد موجود نه آھي ۽ شاگرد انھن عنصرن کي رد ڪن ٿا۔ ان جي باوجود تعليمي ادارن ۾ انھن عنصرن جي موجودگي ھڪ سواليه نشان آھي۔ شاگردن جو انھن عنصرن کان ڇوٽڪاري ۽ ٻين مسئلن جو حل ھڪ مثبت ۽ فعال شاگرد يونين جي بحاليءَ ۾ ئي ممڪن آھي۔

TAGS: , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment