ٿرپارڪر : ترقي کان وانجهيل تاريخ

[تحرير : نٿو مل]
دنيا جو ارڙهون نمبر ريگستان رڻ ڪڇ ۽ هندستان جي ڪنڌي تي واقع 22000 چورس ڪلو ميٽرن تي مشتمل سنڌ جي ڏاکڻي پاسي پنهنجي منفرد حيثيت ۽ معدنيات سان مالا مال ٿرپارڪر جي نالي سان سڃاڻپ رکندڙ صدين کان ڏڪار ۽ سڪار جي ور چڙهندو رهيو آهي. 1843ع ۾ هن ريگستان کي چارلس نيپيئر ڪڇ پوليٽيڪل ايجنسي ۾ شامل ڪيو ۽ 1858ع ۾ حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ سان الحاق ڪيائين. 1860ع ۾ هن علائقي کي ”ايسٽرن سنڌ فرنٽيئر“ جو نالو ڏئي عمرڪوٽ کي هيڊڪوارٽر بڻايو ويو. جڏهن ته 1882ع ۾ ضلعي جو درجو ڏئي ڊپٽي ڪمشنر کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. 1906ع ۾ عمرڪوٽ جي بدران ميرپورخاص کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر بڻايو ويو. موجوده وقت 1990ع ۾ مٺي کي ضلعي جو درجو ڏئي ٿرپارڪر ضلعي جو ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر بڻايو ويو. عمرڪوٽ کي پڻ 1993ع ۾ ضلعي جو درجو ڏئي ريگستاني علائقن کي ٻن ضلعن ۾ ورهايو ويو. نتيجي طور وڏو حصو مٺي ۽ باقي عمرڪوٽ ۾ شامل ڪيو ويو. موجوده ٿرپارڪر 19638 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل 15 لک آبادي رکندڙ علائقو مٺي سميت 5 تعلقن ڏيپلو، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ ۽ ڏاهلي تي مشتمل آهي. جنهن ۾ 96 سيڪڙو آبادي  2500 ڳوٺن ۾ ٻهراڙي واري زندگي بصر ڪرڻ تي مجبور آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو داستان عمر ماروي هن علائقي سان لاڳاپيل آهي. جنهن ۾ ماروي امير بادشاهه عمر سومري جي دولت ۽ ملڪيت کي ٺڪرائي پنهنجي طبقي کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿي. ان کان علاوه سڏ يونت ۽ ساوڻگا جو عاشقيه قصو پڻ قديم شهر پاري نگر سان منسوب آهي. جيڪو ننگرپاڪر جي ڀرسان مسمار ٿي چڪو آهي. موجوده سنڌ تي انگريز سامراج سڀ کان پهرين هن علائقي کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو پر روپلو ڪولهي ۽ ان جي لشڪر جي مزاحمت جنرل تروٽ کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. آّخرڪار روپلو ڪولهي ڦاهي کي قبول ڪري ٿرپارڪر جي نوجوانن کي سامراج سان مهاڏو اٽڪائڻ جو درس ڏئي ويو.
هي اهو علائقو آهي جتي جاگيرداري نظام پنهنجا پير پڪا نه ڪري سگهيو ڇاڪاڻ ته نهري نظام جو نه هجڻ ۽ برسات تي زراعت جو انحصار هتي جي سماجي زندگي کي جاگيرداري جهڙي لعنت کان بچايو پئي آئي. جنهن ڪري انگريز سامراج هن علائقي کي ترقي ڏيڻ کان قاصر رهيو. ڇاڪاڻ ته برطانوي سامراج لاءِ ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ هي علائقو موزون نه هو. جتي ڪپهه يا اناج جي پيداوار گهڻي مقدار ۾ موجود نه هئي. نتيجي طور ٿرپارڪر هزارين سالن کان ساڳئي طرز زندگي گذارڻ تي مجبور رهيو. جنهن ۾ خاص ڪري رهائش لاءِ قديم گهر (چوئنرا) کوهن جو کارو پاڻي، آمدرفت لاءِ اٺ يا پيادل سفر ڪرڻ، معاشي وسيلو صرف ۽ صرف پالتو جانور پالڻ برساتن ۾ ٿوري گهڻي آبادي ۽ ڏڪار ۾ ميداني نهري علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ٿرپارڪر جي ماڻهن جي زندگي جو شيوو رهيو آهي. پر تاريخ ۾ ڪڏهن به ٻين اڳيان هٿ نه ڦهلايو آهي. محنت مزدوري ڪري پيٽ پالڻ کي ترجيح ڏني آهي. جنهن ڪري ئي ٿر جي ثقافت ۽ روايتون چوري، ٺڳي، ڪوڙ، لالچ ۽ لوڀ کان پاڪ آهن.
انگريز سامراج جي وڃڻ بعد گذريل 67 سالن ۾ پاڪستاني حڪمرانن پڻ ساڳيو ئي رويو روا رکيو آهي. ڇاڪاڻ ته سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي کي پنهنجو منافعو ڪمائڻ لاءِ هتي مادي وسيلا موجود نه هئا. صرف گرينائيٽ پٿر، چائنا مٽي ۽ سنگ مرمر ايڏا وڏا وسيلا نه هئا جو حڪمران طبقو انساني بنيادن تي هن خطي کي ترقي وٺرائي، نتيجي طور نان گورنمينٽ آرگنائيزيشن (اين جي اوز) هن خطي کي پنهنجو مرڪز بڻائي ٿر ۽ خاص ڪري ڏڪار وارين حالتن کي فوٽو ۽ وڊيو ذريعي ڊونرس کي ڏيکاري پنهنجي بجيٽ ۾ اضافو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويون آهن. ساڳيو ئي رويو ضلعي جي ڪامورن پڻ ميڊيا کي استعمال ۾ آڻيندي جاري ۽ ساري رکيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڏڪار، ٻوڏ، طوفانن ۽ زلزلن دوران فلاحي ڪمن لاءِ مال ۽ دولت جي رواني وڏي تعداد ۾ ٿيڻ ڪري ان جو وڏو حصو ڪامورن جي ور چڙهندو آهي. جنهن جي آڊٽ وغيره ٿيڻ جا امڪان  تمام گهٽ هوندا آهن. جنهن جو اندازو سنڌ ۾ ايندڙ ٻوڏن مان لڳائي سگهجي ٿو.
مارچ 2014ع ۾ پيدا ٿيندڙ ڏڪار واري حالتن کي نيشنل ۽ انٽرنيشنل ميڊيا ۾ هاءِ لائيٽ ڪرڻ پڻ اهڙن اهڃاڻن کي اجاگر ڪري وڌ ۾ وڌ مال ڪمائڻ جو جواز پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ ٿر جي ڪوئلي تان مقامي ماڻهن کي دستبردار ڪرڻ جا حربا اختيار ڪيا ويا آهن. گذريل 10 سالن کان ٿر اندر ڏڪار واري حالت موجود آهي پر ڪڏهن به حڪمران طبقي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي مستقل حل نه ڏنو آهي. موجوده ڏڪار ۾ صرف متاثر خاندانن کي ڪجهه ڌاڻا ڪڻڪ ڏئي ماٺ ڪرايو ويو آهي. جڏهن ته لکين پالتو جانور، جنگلي جيوت جنهن ۾ مور وڏي تعداد ۾ مري چڪا آهن. انهن لاءِ  ڪا به حڪمت عملي موجود نه آهي. ننڍن ٻارڙن بابت موت جون خبرون ڏينهون ڏينهن اخبارن ۾ گردش ڪري رهيون آهن. جن جي صحت بابت ڪو به جوڳو بندوبست نه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڏڪار وارين حالتن ۾ غريب ماڻهن وٽ ايترو پئسو ئي نه آهي جو اهي پنهنجي ٻارن جو پرائيويٽ اسپتالن ۾ علاج ڪرائي سگهن. ضلعي اندر موجود 139 ننڍن وڏن صحت مرڪزن ۾ اها سهولت موجود ئي ناهي، جتي انسانن جو معياري علاج ممڪن هجي. جڏهن ته ٻئي پاسي 49 صحت مرڪز پيپلز پرائمري هيلٿ ڪيئر انيشيٽو (پي پي ايڇ آءِ) جي حوالي ڪيا ويا آهن. جيڪو هڪ نجي اداري طور سڄي سنڌ اندر 883 صحت مرڪزن کي ٺيڪي طور هلائي رهيو آهي. جنهن بابت اهي خبرون هميشه گردش ڪنديون رهنديون آهن ته غير معياري دوائن جي فراهمي سبب مريض ٺيڪ ٿيڻ بدران ويتر بيماري جي ور چڙهيو وڃن ۽ آخرڪار موت جو شڪار ٿيو وڃن. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت طرفان هلندڙ صحت مرڪزن ۾ عملي کان وٺي دوائن جي کوٽ ڪڏهن به پوري نه ٿي سگهي آهي. ان جا پوري ٿيڻ جا امڪان به موجود ناهن. ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا اندر سرمائيدارڻو نظام غريب عوام کان تعليم ۽ روزگار کان علاوه بنيادي ضرورتون کسي رهيو آهي. ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ مطابق هلندڙ سال 40 سيڪڙو دنيا جي آبادي ڊينگي بخار جو شڪار ٿي سگهي ٿي. جنهن لاءِ پاڪستان اندر ڪو به جوڳو بندوبست موجود نه آهي. پاڪستان ۾ هر سال 4 لک ٻارڙا پنهنجي عمر جي پهرين سال ۾ ئي فوت ٿي وڃن ٿا. سنڌ ۾ هر سال 117300 ماڻهو ٽي بي جهڙي غربت سبب پيدا ٿيندڙ موذي مرض ۾ مبتلا ٿين ٿا. گذريل سال 824 ايڊز جا نوان مريض ظاهر ٿيا آهن. جن جي علاج جو ڪو به بندوبست موجود نه آهي. غربت ۽ سماجي مسئلن سبب 17 سيڪڙو 8500000 پنجاسي لک ماڻهو ذهني بيمارين ۾ مبتلا آهن. جن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو رهي ٿو. هيپاٽائٽس روزانو سوين ماڻهن کي ڳڙڪائي رهي آهي. ڪراچي کانسواءِ سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به دل جي آپريشن جون سهولتون موجود ئي نه آهن. اهڙين حالتن ۾ ٿرپارڪر جي ماڻهن ۽ ٻارڙن کي علاج مهيا ڪرڻ صرف خواب ۽ خيال ئي ڪري سگهجي ٿو. ٻي پاسي وزيراعلى سنڌ طرفان ڏنل بيان ته ٿر جون عورتون وڌيڪ ٻار پيدا ڪن ٿيون، مان اها ئي مراد آهي ته هي نظام انساني پيدائش کان به انڪاري آهي. اهڙي نظام اندر رهندي ڪنهن علائقي جي ترقي صرف سرمائيداري مفادن سان ئي جڙيل هوندي آهي. جتي سرمائيدار طبقي جي منافعي ۽ دولت گڏ ڪرڻ جا موقعا موجود هجن. جنهن جو مثال 1991ع ۾ ٿرپارڪر ۾ زير زمين 175 بلين ٽن ڪوئلي جي دريافت آهي جيڪو 9000 چورس ڪلوميٽر ۾ موجود آهي. يعني ٿرپارڪر جو اڌ حصو ڪوئلي جي دولت سان ڀريل آهي، جتي هن وقت 6 لک آبادي رهائش پذير آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سڀ کان اول روڊ تعمير ڪيا ويا ۽ ٿر جي ماڻهن کي باور ڪرايو ويو ته توهان جي سفري سهولت خاطر حڪومت ايڏو وڏو خرچ ڪري رهي آهي. جتي انسان کي ڏڪار ۽ بيماري کان نه بچائي سگهجي اتي سفري سهولتون ڪنهن عياشي کان گهٽ ناهن هونديون. ٿرپارڪر ۾ موجود ڪوئلي کي 12 بلاڪن ۾ ورهائي بلاڪ نمبر 2 مان ڪوئلو ڪڍڻ جو افتتاح 31 جنوري 2014ع تي سنڌ اينگروڪول مائننگ ڪمپني (ايس اي سي ايم سي) طرفان ڪيو ويو. هي بلاڪ 79.6 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. جتي 2 بلين ٽن ڪوئلو آهي. جنهن مان 5000 ميگاواٽ بجلي 50 سالن تائين ٺاهي سگهجي ٿي. هن بجلي جي پيداوار جو 30 سالن جي عرصي ۾ مٽاسٽا جي بچت جو 53 بلين آمريڪي ڊالر ڪاٿو لڳايو ويو آهي. جيڪو ماهوار 147.2 ملين ڊالر ٿئي ٿو. جڏهن ته ٻئي پاسي هزارين سالن کان آباد ماڻهن کي ڀڳڙن مٺ عيوض پنهنجا اباڻا ڪک خالي ڪرائڻ لاءِ 11 اپريل 2014ع جي هڪ نجي سنڌي اخبار ۾ اشتهار ڏياري هميشه لاءِ لڏپلاڻ جو پلان جوڙيو ويو آهي. جنهن ۾ تعلقي اسلام ڪوٽ جون 3 ديهون ڪونڀاريو، سنگارو ۽ جيئندو درس شامل آهن. ٽوٽل 3842 ايڪڙ زمين تي 8000 آدمشماري رکندڙ 6 ڳوٺ، 1100 گهر، 11 اسڪول، 77 کوهه، 500 گئوچر هڪ ڊسپينسري ۽ ٻيون قديم جايون موجود آهن. جن کي هڪ سئو سال پراڻي ليڊ ايڪيوزيشن ايڪت تحت وڪڻڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي. قدرتي ڏڪار ۽ بيمارين کان به وڌيڪ اذيت مهيا ڪندڙ هن لڏپلاڻ کي ٿر جو غريب عوام برداشت ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو يا نه؟ ان جو جواب مستقبل ۾ اچڻو آهي.
چوندا آهن ته اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني، شايد ٿر جي ماڻهن سان ڪوئلي جي دريافت ڪجهه اهڙي واردات ڪرڻ ڏانهن وڃي پئي، جهڙي بلوچستان جي عوام سان ٿي رهي آهي. بلوچستان ۾ موجود معدني وسيلن تي عالمي ڪمپنيون ڳجن وانگر لامارا ڏئي رهيون آهن. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ خوني جنگ مسلط ڪري بلوچ نوجوانن کي بيدردي سان ماريو پيو وڃي. سوئي گئس ۽ گوادر پورٽ سميت ڪنهن به ملڪيت تي بلوچ مقامي ماڻهن جو ڪو به حق محفوظ نه آهي. ٿرپارڪر ۾ متعارف ٿيندڙ سرمائيداري پڻ هتان جي مقامي ماڻهن کي ڪجهه ڏيڻ بدران گهڻو ڪجهه کسڻ جو ارادو رکي ٿي. جنهن ڪري اڃا تائين سنڌ حڪومت ري سيٽلمنٽ پاليسي جوڙڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ ڪمپني جي رحم ڪرم تي مقامي ماڻهن کي ڇڏيو ويو آهي.
جڏهن ته ٻي پاسي ڪمپني طرفان ڪوئلي جي کوٽائي لاءِ مشينري ۽ سازو سامان پهچائي 16 اپريل 2014ع کان کوٽائي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، نتيجي طور ٿر جو عوام ڏڪار ۽ سرمائيداري جي عذاب ۾ مبتلا آهي، اهڙي ماحول ۾ چونڊيل نمائندا پنهنجي ڪرسي ۽ سرمائيدارن جي منافعن کي بچائڻ لاءِ سر توڙ ڪوششون ڪري رهيا آهن، اڃا تائين سنڌ اسيمبلي ۾ ريسيٽلمنٽ پاليسي تي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته هي نظام انسانن جي بقا کان وڌيڪ منافعي جي بقا تي يقين رکي ٿو، حڪمران طبقو ٿر جي مارو ماڻهن جو ڏک رکندو هجي ها ته ريسيٽلمنٽ پاليسي ٺاهڻ کان اڳ ۾ جبري طور لڏائڻ جون ڪوششون نه ڪري ها، انهي ڪري ٿر جو عوام هيٺيان مطالبا ڪرڻ ۾ حق بجا آهي ته.
· زمين خريد ڪرڻ بدران زمين جي قيمت جو 30 سيڪڙو هر سال معاوضي طور ادا ڪيو وڃي.
· بي دخل ٿيندڙ عوام لاءِ رهائشي ڪالونيون ٺاهيون وڃن.
· متاثر ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي.
·  مفت صحت جي سهولت ڏني وڃي.
· مفت تعليم ڏني وڃي.
· مفت بجلي ڏني وڃي.
· پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي سهولت مهيا ڪئي وڃي.
انهي کان علاوه ڪارونجر جي جبلن مان نڪرندڙ گرينائيٽ ۽ ٻين قيمتي پٿرن جا ڪارخانا لوڪل ايريا ۾ لڳايا وڃن ته مقامي ماڻهن کي روزگار ملي سگهي، برساتن دوران ڪارونجر جي پاڻي کي ڊيم وسيلي محفوظ ڪيو وڃي، جيڪو رڻ ۾ ضايع ٿيو وڃي، پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي هر ڳوٺ تائين پائپ وسيلي پهچايو وڃي،لمهس، مهراڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي جا ڪيمپس قائم ڪري نوجوانن کي ڏورانهن علائقن ۾ وڃڻ کان بچايو وڃي، تعلقي اسپتالن ۾ هر بيماري جي شعبن سميت لاڳاپيل ماهر ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن، پالتو جانور ۽ جنگلي جيوت کي بچائڻ لاءِ وٽرنري اسپتالون قائم ڪيون وڃن، ڏڪار سبب 5 سالن تائين ٻارڙن ۽ حامله عورتن جو پرائيويٽ اسپتالن ۾ فري علاج ڪرايو وڃي، پر گذريل 67 سالن کان حڪمران طبقو هن ملڪ کي هڪ فلاحي رياست ٺاهڻ ۾ ناڪام ويو آهي ۽ مستقبل قريب ۾ اهڙي ڪا اميد به نظر نٿي اچي.
ڏڪار سميت ري سيٽلمينٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن کي صرف ٿرپارڪر جو محنت ڪش طبقو ۽ نوجوان ئي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته ٿر جون حالتون پاڪستان جي ٻين علائقن جي حالتن کان مختلف ناهن. ٿر جي محنت ڪش طبقي کي پاڪستان جي محنت ڪش طبقي سان ملي ڪري پنهنجي حقن لاءِ ويڙهه ڪرڻي پوندي ۽ سرمائيداري نظام خلاف هڪ سوشلسٽ سماج جوڙڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. جنهن ۾ بک، بيماري، بيروزگاري ۽ ٻين سماجي مسئلن جو جڙ کان ئي خاتمو ڪري انسان حقيقي معنى ۾ انسان ٿي سگهي ٿو.

TAGS: , , , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment