شاگرد يونينز کان خوفزدہ ڪير؟

| تحرير: لال خان، ترجمو: تنوير حيدر |
11 جنوريءَ تي سينيٽ ۾ شاگرد يونين تان پابندي ھٽائڻ جي قرارداد جو منظور ٿيڻ ھڪ مثبت پيش رفت آھي۔ قرارداد پيپلز پارٽيءَ جي روبينه خالد ۽ نيشنل پارٽيءَ جي حاصل بزنجو جي طرفان پيش ڪئي وئي ھئي۔
پاڪستان ۾ شاگرد يونينز تي پابندي ضياالحق جي رجعتي آمريت جي دوران لاڳو ڪئي وئي ھئي۔ ضيا آمريت دوران ٽريڊ يونينز تي بدترين جبر جاري رکيو ويو، ڪالوني ٽيڪسٽائل مل جي ڏيڊھ سؤ پورھيتن جي حقن گھرڻ جي پاداش ۾ گولين سان پروڻ ڪيو ويو ۽ وحشت تي ٻڌل ھن طرح جي ٻين قدمن ذريعي مزدور تحريڪ کي ڪچلڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي۔ شاگرد يونين تي پابندي به ان ئي بربريت جو حصو ھئي۔ ان جو مقصد شاگرد تحريڪن جي شڪل ۾ اڀرڻ وارن بغاوت جي ريلن کي دٻائڻ ۽ غير نظرياتي سياست کي اڀارڻ ھو۔
1977ع ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان پوءِ بدترين رياستي جبر جي باوجود ڪيئي اھڙا واقعا ٿيا جو ملڪ ۾ وڏي پيماني تي نوجوانن جي بغاوت جا امڪان ظاھر ڪري رھيا ھئا۔ انھن مان سڀ کان اھم نشتر ميڊيڪل ڪاليج ملتان ۾ کاٻي ڌر جو رجحان رکندڙ شاگرد يونين جي ضيا آمريت خلاف جرات منداڻي ويڙھ ھئي۔ ھن بغاوت کي پھريون رياستي جبر جي ذريعي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنھن ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ آڪٽوبر 1979ع ۾ پوري ملڪ ۾ شاگرد يونينز تي پابندی لڳائي وئي۔ 1984ع ۾ ھن پابنديءَ کي باضابطه شڪل ڏني وئي۔
شاگردن ۽ نوجوانن جي تحريڪن ۾ اھا چنگاري ھوندي آھي جيڪا انقلاب جا شعلا ڀڙڪائي سگھي ٿي ۽ اھڙي صورت ۾ پورھيت طبقو تاريخ جي ميدان ۾ داخل ٿي ڪري جبر ۽ استحصال جي نظام کي ئي پٽي سگھي ٿو۔ ٻيءَ عالمي جنگ کان پوءِ پوري دنيا ۾ اٿڻ وارن ڪيترن ئي انقلابن جو آغاز شاگردن ئي ڪيو ھو۔ ان جي وڏي مثال پاڪستان ۾ 1968-69ع جي انقلابي تحريڪ آھي جنھن جو آغاز 6 نومبر 1968ع تي راولپنڊي پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج جي ھڪ شاگرد عبدالحميد جي پوليس ھٿان قتل سان ٿيو ھو۔ ھتان کان اُڀرڻ واري بغاوت پشاور کان وٺي ڪري چٽاگانگ تائين، انقلاب بڻجي ڪري ڦھلجي وئي۔
پوري دنيا وانگر ھتي به 1970ع جي ڏھاڪي تائين تعليمي ادارن ۽ شاگرد سياست تي کاٻي ڌر جا انقلابي ۽ ترقي پسند نظريا حاوي ھئا۔ ادارن جو ماحول خوشگوار ھوندو ھو ۽ شاگردن سان گڏوگڏ شاگردياڻيون به سياسي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺنديون ھيون۔ رجعت، قدامت پسندي ۽ بنياد پرستيءَ جون قوتون ان وقت تعليمي ادارن ۾ نه ھئڻ برابر ھيون۔ انھيءَ شاگرد سياست جي پورھيت طبقي سان گڏ ميلاپ سان انقلاب اڀريو ھو، جنھن جي نتيجي ۾ سوشلسٽ نظرين تي قائم ٿيڻ واري پيپلز پارٽي ڪجھ مھينن ۾ ھڪ عوامي سياسي قوت جو درجو اختيار ڪري وئي۔
رجعت تي قائم آمريت جي حفاظت جي لاءِ معاشري جي ھر روشن ۽ ترقي پسند معمول کي ٽوڙڻ ضياالحق جي لاءِ لازم ھو۔ ضيا آمريت جيڪو ڪيو سو ڪيو۔ پر الميو ھي آھي ته 1988ع کان پوءِ ڪيئي دفعا جمھوري حڪومتن کي اقتدار مليو پر انھن جون پاليسيون ضيا آمريت جو ئي تسلسل ثابت ٿيون، ڇو ته رڳو نظام کي ھلائڻ جو سياسي طريقو تبديل ٿيو ھو، نظام پنھنجي جاءِ تي موجود ھو ۽ اڄ به آھي۔ شاگرد يونينز تان پابندي به ھيءَ جمھوريت اڄ تائين نه کڻي سگھي آھي۔ اعلان ڪيئي دفعا ٿيا پر ھي انتھائي بنيادي جمھوري مطالبو عملي شڪل ۾ ڪڏھن پورو ناھي ڪيو ويو۔ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جو نظرياتي انحراف وڌندو ويو ۽ ان جي دورن ۾ شاگرد ۽ مزدور دشمن پاليسيون ئي لاڳو ڪيون وينديون رھيون۔ اڄ جنھن آئين کي ايترو مقدس بڻائي ڪري پيش ڪيو ويندو آھي ان ۾ ضياالحق جي وڌل شِقن کي ڪا به جمھوري حڪومت ختم ناھي ڪري سگھي۔
اڄ شاگرد يونين جي بحاليءَ جي مخالفت ڪرڻ وارا اڪثر سياسي رھنما ۽ ”دانشور“ ضياالحق جي ايجنڊي تي ئي عمل پيرا آھن۔ ٻئي طرف ايجوڪيشن مافيا آھي جيڪا تعليم جو واپار ڪري تجوڙيون ڀري رھيو آھي ۽ شاگرد يونينز کي ڪنھن به طور برداشت نه ڪندو۔ انھن جا مفاد خانگي صنعتن ھلائڻ وارن سرمائيدارن کان الڳ ناھن جن جي لاءِ ٽريڊ يونين ناقابل قبول ھوندي آھي۔
نه رڳو خانگي پر سرڪاري تعليمي ادارا به اڄڪلھ جيل خانن جو منظر پيش ڪن ٿا۔ انتظاميه جو بدترين ڏاڍ موجود آھي، ھر وقت ڪڍيو وڃڻ جو خوف ۽ ڳالھ ڳالھ تي جرماڻا آھن، شديد گھٽن جو ماحول آھي، نصاب قدامت پرست ۽ تعليمي طريقو انتھائي غير سائنسي آھي۔ شاگردن تي خود غرضي، مقابلي بازي ۽ ’’ڪيريئر ازم‘‘ جي نفسيات لاڳو ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي آھي۔ ھن قسم جي ماحول ۾ نوجوان ڪنھن صورت سماج جو صحتمند حصو نٿا بڻجي سگھن۔ ثقافتي گراوٽ، جرم، منشيات ۽ بيگانگي ان عمل جي واضح علامتون آھن. ڪلاشنڪوف ڪلچر، تشدد، غنڊہ گردي، منشيات ، لساني ۽ فرقي واراڻي تعصبن کي شاگرد سياست ۾ سڀ کان پھرين ضياالحق جي دور ۾ داخل ڪرايا ويا ھئا۔ اڄ شاگرد يونين تي پابنديءَ جو اھو ئي عذر پيش ڪيو ويندو آھي۔ پر يونينز تي پابنديءَ سان دھشتگردي ۽ غنڊہ گردي گھٽ ٿي آھي يا وڌي آھي؟
1972ع کان پوءِ شاگرد سياست ۾ بنياد پرست تنظيمن جي وڌندڙ ڪردار جو جائزو ورتو وڃي ته ان جي سڀ کان اھم وجه خود پيپلز پارٽي حڪومت جي حڪمران طبقي ۽ ان جي نظام سان مصالحت ھئي۔ انقلاب کي اڌورو ڇڏي ڪري پارٽي جي بنيادي سوشلسٽ نظرين کان ھٿ کنيو ويو جنھن سان پورھيتن ۽ نوجوانن ۾ بد دلي ڦھلي ۽ رجعتي رجحانن جي راہ ھموار ٿي۔ ان کان پوءِ انھن ئي مذھبي پارٽين کي ضيا آمريت ۾ مٿي چڙھايو ويو ۽ انھن جون ماتحت شاگرد تنظيمون تعليمي ادارن تي لاڳو ڪيون ويون۔ اڄ به انھن تنظيمن جي شاگردن ۾ ڪي به بنياد نه ھئڻ باوجود رياستي پٺڀرائيءَ ۾ قائم رکيو آھي۔
آمريتن کان پوءِ ان ”جمھوريت جي تسلسل“ جيڪو ڪجھ عوام سان ڪيو آھي ان سان سماج ۾ پريشاني، گُھٽن ۽ حاوي سياست سان بيزاريءَ ۾ اضافو ئي ٿيو آھي۔ پورو معاشرو اذيت جو شڪار آھي۔ سياست جي ڪمرشلائيزيشن جي ھن دور ۾ شاگرد يونينز جيڪڏھن بحال ٿين ٿيون ته ھتي به عام، صوبائي ۽ بلدياتي چونڊن وانگر دولت جون پارٽيون پئسي ذريعي پنھنجو جبر قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون۔ پر گڏوگڏ حقيقي مسئلن جي ڳالھ ۽ نظرياتي بحثن جو به آغاز ٿيندو۔ دولت ۽ انقلابي نظرين جي ھيءَ ويڙھ جيڪڏھن کلي ٿي ته دولت جي شڪست لازمي آھي۔ جن نظرين جو وقت اچي ويندو آھي انھن کي دنيا جي ڪا به طاقت ناھي لتاڙي سگھندي۔
شاگرد، مزدور، ھاري اڄ اذيت ناڪ استحصال جو شڪار آھن، ان ۾ شاگرد سياست وڏي پئماني تي بحال ٿئي ٿي ته ھي انقلاب جي نرسريءَ جو ڪردار ادا ڪندي۔ حڪمران ان ڳالھ کان چڱي ريت واقف آھن ۽ اھو ئي انھن جو خوف آھي۔ سينيٽ ۽ پارليمنٽ جھڙا ادارا، جن جي سيٽن لاءِ ڪروڙن اربن جي سرمائيڪاري ڪئي ويندي آھي ۽ جيڪا پوريءَ ريت حڪمران طبقي جا ڪلب بڻجي چڪا آھن، انھن ذريعي شاگرد يونين جي بحاليءَ جا امڪان نه ھئڻ جي برابر آھن۔ ھي حق به شاگردن ۽ نوجوانن کي جدوجھد جي ذريعي ئي کسڻو پوندو۔
مارڪسزم جي سائنس واضح ڪندي آھي ته تاريخ پنھنجو پاڻ کي سدائين اعلى پئماني تي ورجائيندي آھي۔ جيڪڏھن ھن دفعي به شاگرد يونينز تان پابندي نٿي کنئي وڃي ته نوجوانن جو انقلابي ڪردار ختم نه ٿي ويندو۔ انھن کي ڪيستائين ھن نظام جي چڪيءَ ۾ ڊگرين ۽ ڪيرئير جي پوئيان ڀڄائي ڪري پيڙهجي سگھجي ٿو؟ وڏا امڪان آھن ته ھن ملڪ ۾ اڻٽر ضرورت بڻجي ويل انقلابي تحريڪ جي پھرين چنگاري شاگرد تحريڪ سان اڀرندي۔ شاگردن کي پنھنجي حقن جي ويڙھ کي سرمائيداراڻي نظام خلاف جدوجھد سان جوڙڻو پوندو، جيڪا سڀني ذلتن ۽ مسئلن جي پاڙ آھي۔ ھن عظيم مقصد ۾ انھن کي پورھيتن ۽ غريبن جي لاءِ پنھنجي دل ۾ عاجزي ۽ احترام جا جذبا پيدا ڪرڻا پوندا، انھن کان سکڻو پوندو۔ انھيءَ ئي صورت ۾ ھُو پورھيت طبقي سان گڏجي جڙت بڻائي ڪري تاريخ جي وهڪرو موڙي سگھن ٿا۔
روس ۾ انساني تاريخ جو عظيم ترين انقلاب برپا ڪرڻ واري بالشويڪ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي سراسري عمر 29 سال ھئي۔ مخالف ”ٻارن جي پارٽي“ چئي ڪري بالشويڪن جو مذاق بڻائيندا ھئا۔ پر تاريخ ساز واقعن لينن جي ھن قول کي سچ ڪري ڏيکاريو ته ”جنھن وٽ نوجوان آھن، مستقبل ان جو ئي آھي.“

TAGS: , , ,

0 Comments



You can be the first one to leave a comment.

Leave a Comment